TAHIR SINDHI
سينيئر رڪن
ڳاله سمجه ۽ پوئلڳي جي آهي ،جيڪو جنهن جو پيروڪار آهي اهو ان جي پچار ڪندڙ آهي،
سڀ ڪجهه ثابت ڪري سگهو ٿا پر اهيو الائي ڇو ٻڌائڻ کان لنوايو ٿا ته حضور پاڪ صلي الله عليه وآله وسلم جن جو آندل دين ۽ ڏسيل واٽ هن دنيا جي ڪهڙي ملڪ ۾ رائج آهي،اهو ڪهڙو حاڪم آهي جيڪو ڪلمو ته پڙهيل آهي پر اسلام کان به واقف آهي ۽ پنهجي نبي جي پوئلڳي ڪندي زندگي گزاري رهيو آهي؟؟؟؟؟؟؟
باقي ادا اسان بغير تڪليف سهڻ جي دين جا ٺيڪيدار لڳا پيا آهيون،
ڪراچي ۾ سر عام ظلم ڪيو پيو وڃي۽ ظالم ڀڀڪيون ڏئي پيو ٻڌائي پر اسلامي ملڪ جا حڪمران خاموش آهن۽ ان کي مڃائڻ لاء گوڏا کوڙي منٿو ڪن ٿا ۽ 18 ڪروڙ عوام تماشا پيو ڏسي،۽ اسان مسلمان ڪلمي ۾ خوش آهيون،
اسان ته ٻڌو آ ته اگر پاڙي ۾ ڪو صاحب حيثيت رهي ٿو ۽ ڪو بکيو رهجي ويو ته اهو به دين مان خارج آهي هتي تي بکين جو مال کايو به ڏڪار ڪو نه ٿي اچي،
زور سبقن تي ،،،ادا سبق به پڙهيا اٿئون،پر سبق وارو سلوڪ ڪاٿي به نظر ڪو نه آيو آهي،
جيڪي ڪجهه سبقن ۾ لکيل آهي اهيو به ٻڌايو ته اوهان جي ملڪ ۾ اهڙو ڪو عمل به آهي جنهن تي هلي ڪجهه ڪرڻ جو اختيار هجي،
اڄ به بنا ڪنهن سبب جي هتان جي ماڻهن تي اهڙو ئي ظلم ڪيو پيو وڃي ۽ ملڪ جا مسلمان حاڪم ئي ڪري رهيا آهن،
اڄ به هن قوم جا ڪونڌر بنا سبب جي قتل ڪري ڏيکاريا ٿا وڃن،اڄ به هن قوم جي حق چوڻ وارن کي ڪو نه ٿو بخشيو وڃي اهي به توهان جا ڪلمي گو آهن،اڄ به اهي حق چوڻ وارن تي ڪافر جون فتوائون جاري ڪري قتڪ جا پروانا جاري ڪندا رهن ٿا،
اهڙا ئي اسلام جا ٺيڪيدار اڳي به هيا هاڻي به آهن،
فرق صرف ايترو آهي ته اڳ۾ ڪاهون ڪري ايندا هئا،
هاڻيانهن جي باقيات جي صورت ۾ موجود آهن،
پر آهن ڪلمي گو،آهن مسلمان جرنل،۽ انهن جا حمايتي،
جيتري قدر اوهان جي پهرين ڪوٽ سمجھ ۽ پوئلڳي جي پچار جي آهي ته سهڻا سائين اوهان پاڻ استاد رهي چڪا آهيو، مهرباني ڪري پنهنجي سرڪاري اسڪول جي ڇهين درجي جو ڪتاب سماجي اڀياس کڻي ڏيو، ان کان پو ان جو ستون باب صفحو نمبر 66 ڏکڻ ايشيا ۾ اسلام جو اچڻ به کوليو جنهن ۾ واضح طور عنوان ڏنا ويا آهن:
اسلام جي اچڻ کان اڳ ڏکڻ ايشيا جي حالت: ان ۾ ۽ ان کان هڪ باب پهرين ۾ ڏکڻ ايشيا ۾ جيڪي حالتون هيون اسلام اچڻ کان اڳ جنهن ۾ هندو مذهب جي ذات پات وغيره سڀ ڪجھ اچي ٿو وڃي، ان کان پو سنڌ ۾ مسلمانن جو اچڻ، ان کان پو محمد بن قاسم جو تعارف ان کان پو ديبل ۽ ملتان جي فتح ان کان پو ٿورو غور سان هي عنوان تفصيل سميت ضرور پڙهجو: محمد بن قاسم جو ڏيهي ماڻهن سان سٺو ورتا، جنهن ۾ لکيل آهي:
سنڌ فتح ڪرڻ کان پو محمد بن قاسم هتان جي ماڻهن سان انصاف، راواداري ۽ دريا دلي جو سلوڪ ڪيو، هن راجا ڏاهر جي دور وارن عملدارن کي عهدن تي ٻيهر مقرر ڪيو، جنگ ۾ جن ماڻهن کي نقصان پهتو هو، تن جي مدد ڪئي وئي، غريبن ۽ بي سهارن کي سهارو ڏنو ويو، ڏيهي هنرمندن ۽ ڪاريگرن جي حوصلي افزائي ڪئي وئي، سموري فتح ڪيل علائقي ۾ امن امان بحال ڪيو ويو، ٽپال جو سهڻو انتظام ڪيو ويو، عراق ۽ عربستان سان پيغام رساني ۽ اچ وڃ جو سلسلو قائم رکيو ويو، انصاف جي گهرجن مطابق ماڻهن سان برابري ۽ غير جانبداري وارو ورتا ڪيو ويو، غير مسلمانن کي مذهبي آزادي ڏني وئي، ڪنهن به مندر يا ٻي عبادتگاھ کي نقصان نه پهچايو ويو، هندن کي نون مندرن ٺهرائڻ لا مفت زمين ڏني وئي،، هر ننڍي وڏي سان محبت شفقت وارو ورتا ڪيو ويو ان سٺي سلوڪ ۽ رويي غير مسلمانن کي ڏاڍو متاثر ڪيو، محمد بن قاسم ساڍا ٽي سال سنڌ ۾رهيو ۽ جڏهن حجاج بن يوسف کيس عراق واپس گهرايو ته ماڻهون سندس وڇوڙي تي روئڻ لڳا۔
سائين عتيق الرحمن صاحب: يقين ڪريو هي لفظ مون نه لکيا آهن، سنڌي ٻارن کي جيڪا ننڍپڻ ۾ تعليم ڏني ٿي وڃي اسڪولي ماحول ۾ استاد هٿان اها ته هي آهي، يقين ڪريو ته هي ڪتاب ڪنهن مُلي ناهي لکيو! بلڪه سنڌ ۾ سڀني کان وڌيڪ قومپرست سڏرائڻ وارا دوست هن کتاب جي سهيڙڻ ۾ شامل آهن۔
مثال طور ڪتاب جي شروع ۾ ٽيڪنيڪل پيج تي اوهان ڏسي سگهو ٿا:
نگران اعلا: قادر بخش رند: چيئرمين سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ
ترجمو: تاج جويو
نگران: قائم الدين بلال
غلام محي الدين بليدي
ته سائين منهنجا: سنڌ جا هي ارڏا ۽ ڏاها اسان کي ۽ اسان جي ٻارڙن کي ننڍپڻ ۾ ئي اها لولي ڏئي اهي سبق ٿا پڙهائين ته پو هي ڌاڙيل ڪير آهن جيڪي اسان کي زهر جي لولي پيا ڏين ۽ اسان جي ٻارڙن کي پڻ؟؟!!
هي ڌاڙيل ڪير آهن جيڪي اسان جي سنڌي اسڪول ۾ مقرر نصاب ۾ سنڌي ارڏن ۽ ڏاهن جي ڏنل سبق جي بلڪل ابتڙ ٿا سبق ڏين؟؟!!
يقينن هي اهي نادان آهن جيڪي هندو مذهب وارن جي خوشامند ڪري اسلام ۽ اهل اسلام سان نفرت ۽ غلط ورتا ڪري ۽ غلط ترجماني ڪري هڪ ته هندن جي خوشامند ٿا ڪن جيڪي يقينن اسلام جو اچڻ پنهنجي خطي ۾ برداشت نه ڪري سگهيا، ۽ ٻي طرف هي نادان دوست پنهنجي دين ۽ ايمان کي به نادانائي ۾ خطري ۾ ٿا وجهن!!
سائين جن جي ٻي ڪوٽ ۾ لکيو آهيو:
سڀ ڪجهه ثابت ڪري سگهو ٿا پر اهيو الائي ڇو ٻڌائڻ کان لنوايو ٿا ته حضور پاڪ صلي الله عليه وآله وسلم جن جو آندل دين ۽ ڏسيل واٽ هن دنيا جي ڪهڙي ملڪ ۾ رائج آهي،اهو ڪهڙو حاڪم آهي جيڪو ڪلمو ته پڙهيل آهي پر اسلام کان به واقف آهي ۽ پنهجي نبي جي پوئلڳي ڪندي زندگي گزاري رهيو آهي؟؟؟؟؟؟؟
ته سائين ان ۾ به مفت خور مُلن جو ئي ڏوھ آهي!! جن ڏنڊي جي زور بجا محبت سان توهان اسان کي دين اسلام جو سبق ڏنو۔
سائين ٽين ڪوٽ ۾ لکيو آهي:
باقي ادا اسان بغير تڪليف سهڻ جي دين جا ٺيڪيدار لڳا پيا آهيون،
ته سائين شايد اوهان جو مقصد هي آهي ته اسان جي پاڪ وطن تي الله نه ڪري افغانستان، عراق، فلسطين، شام، يمن، مالي، برما، بنگلاديش، صوماليه جهڙو وقت اچي، جن جي صليبي ڪافرن گهر ٻار سڀ ڪجھ تباھ ڪري ڇڏيو، صرف ان لا ته هو مسلمان آهن، هاڻي انهن تي جڏهن ايڏيون تڪليفون آيون آهن ته انهن کي پنهنجي اسلام سان محبت سوائي ٿي وئي آهي، شايد اوهان جي چوڻ جو مقصد به اهو آهي ته اهڙيون ڪي تڪليفون ڏسون پو سهڻي دين جا ٺيڪيدار بڻجون؟؟!!!!
الله سائين اسان کي سمجھ ڏئي جو هندن جي خوشامند ۾ ايڏو پري نه نڪري وڃون جو پنهنجي دين ايمان جي حفاظت ۾ خطرو اچي وڃي۔
باقي اهڙي انڌي قوم پرستي تي مان لک دفعا لعنت ٿو وجهان جيڪا مونکي الله تعالا جي قرآن مجيد ۽ رسول الله صلي الله عليه وآله وسلم جن جي تعليمات کان پري ڪري۔۔۔