منظور ڪلهوڙو
سينيئر رڪن
ادا توهان عربن کي ايترو برو ٿا سمجهو، اهو توهان جي مرضي پر مان هڪ ڳالهه ضرور چوندس ته ڀاء اسان وٽ اهيا خاص چوڻي آهي ته نسبت جو خيال ڪريو، ان لاء عرض ته عرب قوم مان ئي اسان جا پيارا نبي صلم جن هئا، ۽ خد امام حسين امام حسن ۽ ٻيا انهن جا قريب سڀ عرب هئا، پوء توهان جو انهن لاء ڇا راء آهي ؟ ڇا جيڪي امام حسين 500 ماڻهون سنڌ لاء موڪليا هئا اهي عرب نه هئا۔ اگر نه هئا ته اهي ڪير هئا، ۽ جيڪڏهن اهيو چئجي ته انهن 500 ماڻهن به سنڌ کي لٽيو ۽ ڦريو ته توهان جي راء ڇا هوندي ؟دا توهان موت جي ڳالهه ڪئي آهي ۔ ان عرض ته اسلام ۾ ڪيتريون ئي اهڙيون شخصيتون ٻيون به آهن جن اسلام جي خدمت ڪئي ۽ اسلام لاء پنهنجو سر قربان ڪيو مگر موت ته انهن جو به ظاهرن تمام ڏکيو ٿيو آهي، ۽ انهن کي ته ڪفن به نصيب ناهي ٿيو۔ پوء ڇا انهن جي ڪردار تي به تنقيد ڪجي ته توهان جو موت هن حالت ۾ ٿيو؟باقي ڀاء اهيو بحث ته تمام وڏو آهي۔ جنهن ۾ مان پوڻ نه ٿو چاهيان۔ مان صرف ايترو چوندس ته کڻي ان ڳالهه کي مڃيون به ته محمد بن قاسم جا سنڌ تي حملي جا پنهنجا مفادات هئا، مگر اهيا به حقيقت آهي ته ان جي اچڻ سان اڄ اسان کي ان پياري نبي صلم جن جو سيکاريل ڪلمو نصيب ٿيو آهي ۽ اسان هڪ رب جو سجدو ڪندڙ آهيون ۽ ان سجدي جي ڪري ڪيترن سجدن مان جان ڇٽي وئي آهي،توهان رڳو ان جي ڳولا ڪيو ته جنهن کي بابل اسلام جو باني ٿا چئو ان جو موت ڪٿي ۽ ڪيئن ٿيو،ثبوت پاڻهي اچي ويندا،
ا۔
ممتاز صاحب اسلام اسان وٽ ابن قاسم کان اڳ ئي پهچي چڪو هو۔
دنيا جي مشهور تارخدان ۽ اسڪالر سلايمان ندوي پنهنجي ڪتاب تاريخ هند ۽ عرب
۾ لکي ٿو ته،امام حسين رضه جي شهادت هجري سن 61 ۾ ٿي ۽ مهاراجا ڏاهر هجري سن 59
۾ تخت تي ويٺو،جڏهن آل رسول صه جن لئه عرب جي زمين تنگ ٿي ته راجا ڏاهر امام حسين رضه
کي خط لکي سنڌ ۾ سياسي پناهه جي آڇ ڪ،ي،امام هسين رضه پاڻ ته نه آيو پر پنهنجي وفادار
محمد علافي جي هٿ هيٺ 500 جي قريب ماڻهن کي سنڌ موڪليو،جن جي رهائش سرڪاري طور
هئي ۽ انهن کي اسلام جي تبليغ ڪرڻ جي اجازت هئي ۽ انهن ماڻهن ئي هتي پهرين مسجد ٺهرائي،
اڳتي هلي اهو ئي ساڳيو علافي سنڌ جو وزيراعطم مقرر ٿيو ۽ سنڌ جي سڪي تي سندس تصوير به جاري ڪئي وئي
۽ اهو ساڳيو علافي آخر ۾ ابن قاسم سان ملي سنڌ جي شڪست جو سبب بڻيو،،عرب آهن ئي بي گُرا،عربن ان رسول
جي آل کي اڃي بکيو قتل ڪي جنهن رسول هنن وحشين ۽ جاهلن کي علم ۽ حڪمت سان مالا مال ڪيو
عرب ۽ عجم جو وارث ڪي،تن نالائق عربن سنڌين سان ڪهرو حشر ڪيو هوندو توهان پاڻ سمجهدار آهيو۔۔۔
ان کان وڌيڪ دليل مون وٽ ناهي مٺا۔۔۔خوش هجين۔۔
هڪ ڳالهه ته واضح ٿي وئي ته اوهان اها ڳالهه مڃي ورتي آهي ته باب اسلام سڏجڻ کان اڳ ئي سنڌ ۾ اسلام جو ٻج ڇٽجي چُڪو هُيو ته پو هاڻ ان بابت ٻي ڪا به دليل باقي نٿي رهي ته بن قاسم اسلام جي واڌ ويجهه لا هتي آيو هُيو۔۔باقي اوهان ڳالهه ڪيو ٿا نسبت جي ته منهنجا پيارا ڀا اهلبيت جي نسبت الڳ شي آهي ۽ عربي هجڻ الڳ نسبت آهي ان ڳالهه کان به انڪار ڪونهي ته پاڻ سڳورا صلي الله عليه وسلم عرب ئي هُئا پر اُها عظمت، اُهو شان هر هڪ عرب جو نه ٿو ٿي سگهي۔۔نه ئي عرب اسان کي عربي ۾ گاريون ڏي ته اسان اهو سمجهون ته ڪو حافظ قرآن آهي۔۔ ان ڪري رسول صلي الله عليه وسلم ۽ ان جي آل ۽ معتبر اصحابن جي نسبت کان هٽي ڪري جيڪڏهن هڪ مسلم قوم بابت سوچون ته فرق صاف ظاهر ٿي ويندو۔باقي جيڪڏهن ايڏو ئي عرب کي مسلمانن جو اونو آهي يا اوهان کي عرب سڳورا ماکي جهڙا لڳندا آهن ته پو وڃي ته ڏيکاريو سعودي عرب ۽ اتي موجوده سعودي عرب ۾ ٻين مسلمانن لا ايڏا سخت قانون ڇو آهن؟ هڪ مسلمان ملڪ جي حوالي سان سڀئي برابر هجڻ گهرجن؟