سڀ کان پهريان ته لک لک واڌايون، پيار ۽ چميون ۔۔۔ مٺائيءَ کان بغير ۔۔۔ جيڪا ضرور کائبي پر وقت اچڻ تي۔
جڏهن پي ايڇ ڊي ۽ نالي سان گڏ ڊاڪٽر جو نالو ايندو آهي ته لڳندو آهي ته ڪو پوڙهو، اکين تي عينڪ ۽ اڇن وکريل وارن سان ڪو شخص هوندو پر جڏهن ڊاڪٽر عبدالحفيظ لغاريءَ بابت سوچجي ته ائين بلڪل به ناهي ۽ ائين لڳي ٿو يا ته ڊگري ڀلجي پئي آهي يا حفيظ ڀلجي پيو آهي ۔۔۔ هههههه
سچ پڇو ته هن نوجوان جي اکين ۾ جڏهن به گهور پائيندو آهيان ته سندس روشن اکين ۾ علم جي روشنيءَ جا جلوه پسندو آهيان ۔۔ منهن تي مرڪ، اکين ۾ روشني کڻي پيار جي جستجو ۾ هلندڙ هي نوجوان لڳندو ڪون آهي ته ڪو اندر ۾ سمنڊ کڻي پيو هلي پر جڏهن سندس علمي ڪاوشون ڏسبيون آهن ته ڏندي آڱريون اچي وينديون آهن ۔۔۔ ته سنهڙي بت ۾ هماليه جهڙا جذبا پيا پلجن ۔۔۔ شايد انڪري ئي شاه فرمايو هو ته؛
سنهان مَ! ڀانءِ سَپَ وياءَ واسينگن جا،
جن جي جهپيٽ هاٿي، هنڌان ئي نه چري۔
اسانجو هي دوست علمي ميدان ۾ تمام ڏاهو ۽ ڏاڪڻيون ڪڏڻ وارو سورهيه آهي ۔۔۔ سندس علمي اڃ اجهامي وئي آهي يا نه پر مونکي لڳي ٿو ته سندس منزل اڃان اڳتي آهي۔ اسانکي فخر آهي ته اسين سندس دوستن جي فهرست ۾ آهيون ۔۔۔
سائنس ۽ ان ۾ وري ڪئمسٽري مضمون ڪو آسان يا ڪا اڪ جي ماکي ناهي ۔۔۔ جو هٿ وڌايو ۽ لاهي ورتي ۔۔۔ دماغ جو بهترين استعمال ۽ عقل جي اڏام ئي اهڙيون شيون حاصل ڪري سگهي ٿي ۔۔۔ جيڪا نوجوانن ۾ تمام گهٽ هوندي آهي پر هن دوست کي ڏسي، مستقبل ۾ نوجوانن جي سورهيائي تي ايمان تازو ٿي ويو آهي ۔۔۔
عبدالحفيظ جو لاڙي سڀاءُ ۽ سندس بابا سائينءَ جي سادگي ۽ پيار، ٻنهي سندي ڳالهڙي رازق آندي راس۔
مٺڙي پيءُ جو هونهار پٽ ۔۔۔
سلام دوست ۔۔۔ ٽوپي لاهي سلام ۔۔۔