سنڌ سلامت جي سرگرم رڪن ۽ ڀائرن جهڙي دوست ڊاڪٽر عبدالحفيظ لغاري کي سائنس ۾ پي ايڇ ڊي جي ڊگري حاصل ڪرڻ تي واڌايون پيش ڪيون ٿا.
بدين ضلعي جي ملڪاڻي جهڙي پٺتي پيل سنڌ جي نج ٻهراڙي جو نوجوان جڏهن سائنس جي سبجيڪٽ ڪيمسٽري ۾ پي ايڇ ڊي جي ڊگري حاصل ڪري ته يقينن سندس والدين، خاندان، ڳوٺ وارن، دوستن ۽ عزيزن کي مٿس ناز ٿيندو۔ مان سندس والدين کي به سلام پيش ڪندس جن تعليم نه هوندي به تعليم جي قدر کي سمجهيو ۽ اولاد کي سٺي تعليم ڏياري۔
هن وقت ڪراچي ۾ پي سي ايس آءَ آر ۾ سائنيٽيفڪ آفيسر طور ڪم ڪندڙ ۽ سچل ڳوٺ ڪراچي ۾ رهندڙ هن نوجوان کي هميشه تعليم ۽ ادب طرف سوچيندي ۽ ووڙيندو ڏڍو اٿم۔ سنڌ جي نوجوانن کي به مٿس ناز آهي۔
اسان سندس بهتر مستقبل لاء دعاگو آهيون ۔۔۔۔۔ سنڌ سلامت ساٿ سلامت