• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌ سلامت ڊجيٽل قرآن متعلق ڪارڪردگيءَ جو تفصيل

رحيم بخش

ايڊيٽر
سڀني پيارن دوستن جي مهرباني جن هن ديني ڪم ۾ اسان سان ڀرپور تعاون ڪيومالي مدد سان گڏوگڏ جاني روحاني مدد سان اسان کي همٿائيندا رهيا سڀني دوستن جا اسان احسانمند آهيون جن اسان جي هن پروجيڪٽ ۾ هر ممڪن مدد ڪئي پروجيڪٽ هن وقت ڪهڙي مرحلي ۾ آهي
ان متعلق دوستن کي ڄاڻ ڏيڻ لاءِ هي ٿريڊ شروع ڪيو ويو آهي اگر ابتدائي مراحل پڙهڻ چاهيو ته هن لنڪ تي ڪلڪ ڪريو.
هن وقت اسان وٽ ڊونشين جي صورتحال ڪجهه هن ريت آهي.

هن پراجيڪٽ لا تخمينو هڪ لک روپئي جي لڳايل هو جيڪو تقريبا مڪمل ٿيڻ وارو آهي اميد ته انشآء الله هي پراجيڪٽ جلد پنهنجي اختتام تي پهچندو۔
جيئن ته پراجيڪٽ جا چار اهم مرحلا آهن
  1. ڪمپوزنگ
  2. پروف ريڊنگ
  3. ڊيٽا انٽري
  4. سافٽوئير پراسيس
پهريون مرحلو جيڪو تمام اهم ۽ پيچيده آهي يعني ڪمپوزنگ ان متعلق هن وقت تائين جيڪو ڪم ٿيو ان جي رپورٽ ڪجهه هن ريت آهي.

مذڪوره چارٽ مان اوهان کي معلوم ٿيندو ته اڃا اڌ ڪم به مڪمل نه ٿيو آهي ليڪن ڪم جو سلسلو جاري آهي جيڪڏهن ڪو دوست مناسب ريٽ تي ڪمپوز ڪرڻ چاهي ته به اسان سان رابطو ڪري ته جيئن هي ڪم جلد از جلد مڪمل ٿي پوي۔
ڪمپوزنگ بعد پروف ريڊنگ جو مرحلو آهي اهو به ڪافي وقت طلب ڪم آهي اگر ڪو دوست ان ۾ به مدد ڪري ته اسان کي ٻڌائي ته جيئن جيڪو ڪم ٿي چڪو آهي ان جي پروف ريڊنگ شروع ڪري ڇڏجي۔ ان کان بعد ڊيٽا انٽري جو مرحلو آهي اهو به ڪم آسان نه آهي ليڪن ان ۾ به اهڙن دوستن جي مدد جي ضرورت پوندي جيڪي ان ڪم کي چڱي طرح سمجهي سگهن ان بعد سافٽويئر جوڙيندڙ اداري سان ملي هن ڪم کي تڪميل تي پهچائبو انشآء الله رب ڪريم مدد ڪندو ته ڪم مڪمل ٿي پوندو۔
مٿي ذڪر ڪيل چارٽ ۾ ڪل پيجن جو تفصيل آهي جنهن ۾ عربي ميٽر به شامل آهي جيڪو ڪمپوز نه ڪرڻو پوندو ان طرح رهيل ڪم مان 600 يا 700 پيج تقريبا ڪمپوز نه ڪرڻا پوندا۔
نوٽ: هن ڪمپوزنگ واري مرحلي ۾ سڀني دوستن جي مهرباني جيڪي اسان سان معاونت ڪري رهيا آهن خاص ڪري سائين محمد سليمان وساڻ جن جي مهرباني جن ڪي بهترين ڪمپوزر هٿ ڪري انهن کان ڪم شروع ڪرايو آهي انهن جي اسپيڊ به ماشآء الله سٺي آهي ڪم به بهترين آهي انهن دوستن کي الله تعالى خوش رکي سندن مهرباني جو پاڻ سائين محمد سليمان جو ساٿ ڏئي رهيا آهن۔
 
سائين محترم رهيل پئسا ملن يا نه پر اوهان ڪم شروع رکيو هوندو ۔۔۔ مون ڪمپوزنگ جو واعدو ڪيو هو سو پورو ڪري ڪون سگهيس بس جيڪي ڪجهه آيتون سوره يوسف جون ترجمي ۽ تفسير جون لکيون آهن سي ئي پيون آهن، ڇاڪاڻ ته مسلسل ٽائيپنگ تي ويهڻ سان مٿي جو سور سرس ٿي وڃو ٿو ۔۔۔ انڪري لکڻ جو ڪم اوهان ڪنهن ڪمپوزر کان ڪرائڻ جي ڪوشش ڪريو ۔۔​

باقي رهيا پئسا ته انشاء الله سنڌ سلامت جا سڀ دوست ملي پونداسون ته ان ڪار خئير ۾ پنهنجي مدد پاڻ جي بنياد تي ڪم ٿي ويندو، جت هٿ منجهي ته رڙ ڪجو ۔۔۔ الله سڻائي ڪندو ۔۔۔

اميد ته تڪڙي خوشخبري ملندي ۔۔۔ لک قرب
 
سائين قبلا توهان جون دعائون شامل حال هجن ته انشآء الله ڪم ٿي ويندو هاڻي فقط ڪمپوزنگ جي رهيل مرحلي کي طئه ڪري رهيا آهيون۔ سو به انشآء الله حل ٿي ويندو دير سوير نيٺ وڃي پار پهچبو۔هتي ڊونيشن جي طلب لاء نه فقط دوستن کي پنهنجي ڪارگذاري کان آگاهه ڪرڻ خاطر هي ٿريڊ شروع ڪيو آهي ته جيئن دوستن کي خبر پوي ته ڪم ڪيستائين پهتو آهي۔
 
دوستن جي معلومات لاء عرض ته محترم جناب سائين سارنگ صاحب جن مهرباني فرمائي تفسير جي جلد 7 جو ڪم پنهنجي ذمه کنيو هو جن 100 پيج پرنٽ ڪري پروف رينڊنگ لاء موڪلي ڏنا آهن اها سندن عنايت آهي الله تعاليٰ کين سلامت رکي۔
 
الله پاڪ کان دعا آهي ته جلد کان جلد اهو نيڪ ڪم مڪمل ٿي وڃي ته جئين اهو پراجيڪٽ اسان ڏسي سگهون ۔۔حياتي تي ڪو ڀروسو ڪونهي۔۔اها ئي خواهش آهي ته سنڌ سلامت پاران هي جيڪو ڪم شروع ڪيو ويو آهي اهو سڀ کان اهم ڪم آهي۔ اميد ٿا ڪيون ته دوست اڃا به وڌيڪ سهڪار ڪندا۔۔۽ سائين جيڪڏهن مون کي اڃا به ڪجهه پيج موڪلي ڏيو ته مان ڪمپوز ڪري اوهان ڏي موڪلي ڏيان۔۔۔جئين وڌيڪ اوهان بهتر سمجهو۔ اسان جو سهڪار هميشه ساڻ رهندو۔
 
سائين توهان جي وڏي مهرباني توهان اڳ به ڪافي مدد ڪري چڪا آهيو اگر توهان اڃا به ساٿ ڏيڻ چاهيو ٿا ته انشآء الله توهان ڏي ڪجهه پيج موڪلبا الله توهانکي خوش رکي۔
 
خوشي جي ڳالهه دوستن کي ٻڌايان ته جلد نمبر 4 جنهن جو ڪم سائين محمد سليمان وساڻ جن حوالي ڪيو ويو هو سو اڄ پاڻ مڪمل ڪري مون ڏي ميل ڪيائون الله تعالي سندن محنت ۽ ڪوشش کي مقبول فرمائي۔ کين صحت و عافيت جي دولت سان سرفراز فرمائي۔
 
دوست يقينن سمجهي چڪا هوندا ته هن موضوع کي الڳ جوڙي آڻڻ جو مقصد دوستن کي پروجيڪٽ تي ٿيندڙ اڳڀرائي بابت آگاهي ڏيڻ آهي۔۔۔ جيئن ته هي هڪ جامع ۽ ڳوڙهو پروجيڪٽ آهي ان ڪري آگاهي جي سلسلي کي جاري رکيو ويندو۔۔۔
مٿين تفصيل کي پڙهي دوستن کي اندازو ٿي چڪو هوندو ته پروجيڪٽ جي ٻئي مرحلي ”ڪمپوزيشن“ تي ڪم اڃان ڪافي رهي ٿو۔۔۔ ان ڪري دوستن کي گذارش آهي ته پنهنجي حلقهء احباب ۾ اهڙن سنڌي نوجوانن کي جانچن جيڪي ڪمپيوٽر تي سنڌي ڪمپوز ڪري سگهندا هجن يا بيروزگار هجن يا پارٽ ٽائيم ۾ ڪجهه روزگار جا خواهشمندا هجن ۔۔۔ ته جئين مناسب ريٽ تي ڪمپوزيشن جو ڪم ساڻن حوالي ڪجي ۔۔ جنهن سان کين رقم ملڻ سان گڏو گڏ نيڪ ڪم جو اجر ۽ سڌي راهه جو ڏس پڻ حاصل ٿيندو۔۔۔

ان سلسلي ۾ ڪنهن اڳڀرائي ملڻ تي سنڌ سلامت ڊجيٽل قرآن پروجيڪٽ جي انچارج محترم رحيم بخش جن کي هتي ڪلڪ ڪري ذاتي پيغام موڪلي سگهن ٿا يا وري سندن موبائيل تي پڻ رابطو ڪري سگهجي ٿو۔۔۔
رب پاڪ کان دعا آهي ته هڪ نيڪ ڪم کي جلد مڪمل ڪرڻ ۾ سولايون پيدا ڪري (آمين)
 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
ڀيڻ عملي ڪم ۾ توهان اسان جي معاونت ڪرڻ چاهيون ٿيون ان لاءِ توهان جي مهرباني ليڪن توهان کي مواد ڪيئن پهچائجي اگر رهنمائي ڪيو ته مهرباني ٿيندي۔
 
السلام عليڪم سائين منهجا توهان جي هن سنڌ سلامت ۾ اسان پي ڊي ايف جي فائل کي مائڪروسافٽ ورڊ ۾ ڪيئن لکي سگهون ٿا؟
سائين ڪافي ڏينهن کان بعد اوهان زيارت ڪرائي آهي ياد ڪرڻ جي لا اوهان جي مهرباني۔ سائين پي ڊي ايف فائل تان لکڻ آسان آهي اڌ اسڪرين ۾ پي ڊي ايف فائيل کوليو اڌ اسڪرين ۾ ورڊ فائيل کوليو پو بسم الله ڪري لکڻ شروع ڪيو انشآء الله ڪم اڳتي هلي پوندو۔
 
ادا سنڌي ڪمپوزنگ لاء حاضر آهيان۔۔۔۔ ضرورت هجي هڪل ڪجو۔۔۔ :)
سائين منهنجا اوهان پنهنجي ائڊريس وغيره ٻڌايو ته توهان تائين مواد ڪيئن پهتو ڪجي ڪا اي ميل ايڊريس ٻڌايو ته مهرباني ٿيندي۔
ادا رحيم بخش توهان وٽ سنڌي جو پراڻو فونٽ نيوڪاتب هجي ته مهرباني ڪري موڪليو ايمرجنسي ۾ کپي ٿو
 
دوستن کي اهو ٻڌائيندي خوشي محسوس ٿي رهي آهي ته اسان جي تخميني واري رقم مڪمل ٿي چڪي آهي تازو اسان جي هڪ مهربان دوست ڊاڪٽر محمد اسلم عباسي جن هن خير جي ڪم لا پندرهن 15000 هزار روپيه ڊونيٽ ڪيا آهن الله تعالى سندن هي خلوص ڀريو خير پنهنجي بارگارهه ۾ مقبول فرمائي ۽ سائين جن جي عزت و مال ۾ مزيد ترقي عطا فرمائي کين صحت وعافيت واري وڏي ڄمار بخشي۔ آمين۔
 
Back
Top