اڄوڪو ڏينهن 15 مارچ تاريخ جي دري مان

'مارچ' فورم ۾ عبدالحفيظ لغاري طرفان آندل موضوعَ ‏15 مارچ 2013۔

  1. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    اڄوڪي ڏينهن 15مارچ تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون

    جنم ڏينهن:

    15 مارچ 1874ع مشهور مذهبي اسڪالر ۽ آزادي جي ويڙهه وڙهندڙ مولانا محمد صادق کڏي واري جي پيدائش ٿي.
    15 مارچ 1897ع سماجي ورڪر هري سُندر روپچند جي پيدائش ٿي.
    15 مارچ 1897ع تعيلمي ماهر رسول بخش آخوند جي ولادت ٿي.
    15 مارچ 1907ع شاعر حبيب الله فڪري جو جنم ڏينهن آهي.
    15 مارچ 1913ع شاعر امر لال ساڌواڻي (دادو / نئين دهلي) جو جنم ڏينهن آهي.
    15 مارچ 1918ع شاعر انيس مهيري (ٽنڊو محمد خان) جو جنم ڏينهن آهي.
    15 مارچ 1922ع شاعر بردو سنڌي جو جنم ڏينهن آهي.
    15 مارچ 1925ع ناليواري شاعر سليم ڳاڙهوي جو جنم ڏينهن آهي.
    15 مارچ 1928ع شاعر لکمي چند پريم (ڳڙهي ياسين) جو جنم ڏينهن آهي.
    15 مارچ 1930ع اسڪالر، لسانيات جي ماهر ۽ اڳوڻي وي سي ڊاڪٽر غلام علي الانا جو جنم ڏينهن آهي.
    15 مارچ 1935ع صحافي الله ورايو صديقي (شڪار پور) جو جنم ڏينهن آهي.
    15 مارچ 1938ع صحافي رحمت الله سومرو (شڪارپور) جو جنم ڏينهن آهي.
    15 مارچ 1938ع شاعر ٽيڪچند مست (چوهڙ جمالي / الهاسنگر) جو جنم ڏينهن آهي.
    15 مارچ 1939ع شاعر منوهر بجلاڻي (لاڙڪاڻو / الهاس نگر) جو جنم ڏينهن آهي.
    15 مارچ 1944ع ليکڪ سيد حبيب الله شاهه جو جنم ڏينهن آهي.
    15 مارچ 1949ع شاعر نور احمد ناشاد جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
    15 مارچ 1949ع شاعر سرويچ سومرو (ٿرڙي محبت) جو جنم ڏينهن آهي.
    15 مارچ 1951ع شاعر ۽ راڳي حسين بخش خادم جو جنم ڏينهن آهي.
    15 مارچ 1951ع ليکڪ جاويد بلوچ جو جنم ڏينهن آهي.
    15 مارچ 1953ع شاعره، ليکڪا ۽ پبلشر آپا نذير ناز جو جنم ڏينهن آهي.
    15 مارچ 1961ع ليکڪ فاروق احمد ڀٽو (بنگل ديرو) جو جنم ڏينهن آهي.
    15 مارچ 1963ع شاعر قلندر باغي جو جنم ڏينهن آهي.
    15 مارچ 1968ع صحافي نور ڀٽي (ٽنڊو محمد خان) جو جنم ڏينهن آهي.
    15 مارچ 1969ع اديب استاد نظاماڻي جو جنم ڏينهن آهي.
    15 مارچ 1975ع صحافي رياض ڀرچونڊ جو جنم ڏينهن آهي.
    15 مارچ 1980ع شاعر عطا الله ساگرابڙو جو جنم ڏينهن آهي.
    15 مارچ 1980ع شاعر اڪمل ماٿيلوي جو جنم ڏينهن آهي.
    15 مارچ 1980ع ليکڪ ۽ ڪهاڻيڪار عبد السلام ٿهيم جو جنم ڏينهن آهي.
    15 مارچ 1982ع شاعر تنها اصغر جو جنم ڏينهن آهي.
    15 مارچ 1983ع ليکڪ عمران جيلاني جو جنم ڏينهن آهي.


    وڇوڙو:

    15 مارچ 1956ع شاعر سوڀراج “فاني” جو انتقال ٿيو.
    15 مارچ 2001ع ماهر لسانيات ۽ لطيف جي پارکو ڊاڪٽر شاهنواز سوڍر جو انتقال ٿيو.

    _______

    اڄوڪي ڏينهن 15 مارچ جا ڪجهه اهم واقعا

    [​IMG]

    حواله:

    ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ
    روزانه ڪاوش
    انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا
    وڪيپيڊيا
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام

    _______

     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏15 مارچ 2014

هن صفحي کي مشهور ڪريو