Sindhi Media
سينيئر رڪن
تعارف: انجنيئر عبدالرزاق ميمڻ (ايڪٽر، رائيٽر، نيٽ جرنلسٽ، فري لانس ڊائريڪٽر سنڌي ميڊيا.
تعليم ؛ MCS(IT/MIS) ; B.E (Avionics); P.E (PEC); B.A(Humanities)
Certified SMS (Safety Management System) Coordinator CAA(Pakistan)-ICAO
Certified Quality Manager CILT Pakistan.
Certified Consultant RAMP/TErminal Areas (Airports) by SPEEDWING/SABRE GROUP
Certified Skilled Communication Manager NILAT (National Institution of Labour Administration & Training Karachi.
ILO (International Labour Organization) trained.
EX-Visiting Lecture (Electrical/Electronics/Radar/Computer) PNS JOUHAR Pakistan Navy.(1985-1986)
EX-SAC PAK 447572 Pakistan Air Force (1974-1976)
ادا سائين، هي تعارف دوستن ۽ پڙهندڙن جي اي ميل رُڪيسٽ ”مڪمل تعارف لاءِ“ کي مد نظر رکندي لکيو ويو آهي.
)
ناچيز سيکڙاٽ عبدالرزاق ميمڻ، رهندڙ آهي تعلقو نيوسعيدآباد سنڌ(هالا ۽ سڪرنڊ جي وچ ۾)، ضلع مٽياري پر هاڻ ڪراچيءَ جي گُلستانِ جوهر جي علائقي ، ڪريسنٽ ويو ، بلاڪ 13 جي آفيس مان ، توهانکي سنڌي ميڊيا ساليوُوڊ جي پليٽ فارم تان، اُن جي چيف آرگنائيزر جي حيثيت ۾ ڀليڪار ڪريان ٿو.
ساليوُوڊ لفظ جي اوهانکي مُنجھائي نه، ان ڪري ٻُڌائڻ لازمي آهي ته ، هي سنڌي ميڊيا کي پريزنٽ ڪري ٿو بلڪل اهڙي ءَ طرح، جھڙيءَ ريت، ”باليوُوڊ“ بمبئي (ممبئي) کي، ”لاليوُوڊ “لاهور کي ۽ ”هاليوُوڊ “ هالينڊ کي. ۽ سنڌي ميڊيا کي ”ساليوُڊ“
ساليوُوڊ کي ـ ”سنڌي آرٽسٽس ويلفيئر ايئسوسيئشن (ساوا)“ ـ آرگنائيز ڪري ٿي، هن جو ذيلي ادارو آهي ” ساليوُوڊ پروڊڪشن، پبليڪيشن ۽ر يسرچ سينٽر نيوسعيدآباد“ ۽ هن جي فندنگ به اُهي هم خيال ،ميڊيا سان وابسطا رجسٽرڊ ليجينڊ، سنڌي ايڪٽر، ايڪٽريانيون، ليکڪ، هدايتڪار، گُلوڪار وغيره فنڪار ۽ اليڪٽرانڪ ۽ پرنٽ ميڊيا ،(اخبار، مئگزين)، انٽرنيٽ ۽ ميڊيا جي هر شعبي سان تعلق رکندڙ ڪن ٿا، جيڪي هن وقت دنيا جي هر حصي ۾ سنڌي يا اُردو چينلن تان پنهنجي پرفارمنس ڏين پيا ۽ ڊونيشن ڏين پيا .
ساليوُوڊ جو حقيقي مقصد آهي اُنهن سنڌي ميڊيا جي ٽيلنٽس کي گلوبل ميڊيا ۽ ٻاهر رهندڙ سنڌين سان متعارف ڪرائڻ، ۽ کين اپ ڊيٽ ڪرڻ، سان گڏ بي آسرا فنڪارن جي ڀلائيءَ وارن ڪمن ۾ سندن پاڻ مدد اُصول تي ڪم ڪرڻ، چينلن طرفان سندن اُجوري جي گھوٻيءَ تي نوٽيس وٺي سندن حلال اُجرت ڪيٽاگيريءَ جو تحفظ وٺڻ، فيصلا وٺي سهڪار ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ ۽ زيادتيءَ ۽ نه ملڻ جي صورت ۾ مجبورن، بيريسٽر ۽ پيپلز ليگل ايڊ ڪميٽيءَ جي عبدالجبار ميمڻ جي صلاح ۽ سهڪار سان مفتلابر ڪورٽس ۾، قانوني مدد فراهم ڪرڻ. (فقط رجسٽرڊ ميمبرن لاءِ) جيئن غريب، بيوس، لاچار، اٻوجھ سنڌي فنڪار ، ڪنهن جي چالبازي ۽ چالاڪيءَ سان پنهنجي پورهي جي ڪمائيءَ کان محروم نه رهجي وڃن.
منهنجو وڌيڪ تعارف هن ريت آهي : منهجي تعليم ايم.سي.ايس (آءِ ٽِي ۽ ايم آءِ ايس ۾) ۽ گڏوگڏ بي. اِي (اليڪٽرانڪس يا ايويانڪس)، بي.اي (هيومنٽيز)، رجسٽرڊ پروفيشنل انجنيئر (پاڪستان انجنيئرنگ ڪائونسل)، سرٽيفائيڊ ڪُوالٽي مينيجر ( سي.آءِ.ايل.ٽِي) پاڪستان، سرٽيفائيڊ ڪنسلٽنٽ (اسپيڊ ونگ سيبر گروپ) مان هاڻ (1986کان 2010) هن وقت پي. آءِ. اي ۾ ايگزيٽو پوزيشن تي جاب ڪريان ٿو. ۽ (1972 کان1986) تائين ملڪ پاڪستان جي تمام بهترين ۽ ناميارن ادارن جهڙوڪ نيشنل موٽرز، پاڪستان ايئر فرس، پاڪستان نيوي وغيره ۾ ڪم ڪري آيو آهيان.
مان پنهنجي اسڪول جي زماني ۾ پنهنجي شهر ۽ اسڪول ۾ سپاف يعني سنڌ پيپلز اسٽوڊنٽس فيڊريشن جو صدر رهيو آهيان (1965 کان 1968ع) تائين.
مان يونائيٽيد ميمڻ جماعت آف پاڪستان نيوسعيد آباد برانچ ۽ مهراڻ يونيورسٽي ڄامشورو جو آرگنائيزر ۽ جنرل سيڪريٽري رهيو آهيان.
هن وقت مان پي. آئي. اي ۾ هڪ ايگزيڪٽو طور تي ڪم ڪريان ٿو ۽ گڏوگڏ سنڌي آفيسرن ۽ ملازمن جي پي.آءِ.اي (مواپ) گڏيل تنظيم ” مهراڻ ويلفيئير ايسوسيئيشن جو جنرل سيڪريٽري به آهيان
مان سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئشن (سگا) حيدرآباد جي پهرئين ٽيڪنيڪل اداري حيدرآباد ٽيڪنيڪل انسٽيٽيوٽ حيدرآباد جو وائيس پرنسپال جڏنهن اُهولطيف آباد ۾ قائم هو هو ۽ پرنسپال جڏنهن اُهو لطيف آباد کان هيرآباد شفٽ ٿي ويو(1980 _ 1984) رهيو آهيان. سگا جو هي ادارو شام جي وقت ۾ هلندو هو ۽ اُن وقت مان مهراڻ انجنيئرنگ يونيورسٽيءَ جو اسٽوڊنٽس هوس ۽ شام جو هن اداري جي خدمت ڪندو هُئس. هن اداري جا سرپرست هُئا، سائين اعجاز قريشي صاحب، سائين ڊاڪٽر شريف ميمڻ صاحب، سائين ڊاڪٽر سليمان صاحب، سائين چُوهاڻ صاحب سري گھاٽ وارا ۽ ٻيا گھڻائي.
مون پنهنجي فني زندگيءَ جو آغاز1967ع ۾ نيو سعيدآباد شهر جي اسڪولن ۽ اسٽيج ڊرامن تان هڪ پرفارمر، ليکڪ ۽ ڊائريڪٽر جي حيثيت ۾ ڪيو ۽ 1972 کان ڪراچي ريڊيو پاڪستان جي چئنل2 تان سنڌي پروگرامن ۾صداڪاري ۽ نوجوانن جي پروگرامن ”نهين ٽهي“ سان ڪئي، منهنجا اُن وقت جا ساٿي هُئا، پي ٽي ويءَ جو بادل جمالي (رٽائرڊ پروڊيسر) ۽ قربان چنه ۽ اسرا يونيورسٽيءَ جي ايم بي اي شعبي جو پوفيسر ، جنهن گھونگھٽ لاه ڪنوار ۾ گھوٽ جو ڪردار ادا ڪيو ۽ نصرپور جو رهڻ وارو جناب علي احمد پانڌياڻي هو، جن پڻ مون سان گڏ پنهنجي ڪيريئر جو آغاز ڪيو هو. ريڊيو پاڪستان ڪراچيءَ تي منهنجو پهريون مذاحيه ڊرامون هو ”گُلدستو “ جنهن ۾ مونسان گڏ ٻيا فنڪار هُئا قربان جيلاني، غزاله رفيق، اي آر بلوچ، قربان چنه .
هڪ ليکڪ جي حيثيت م منهجي پهرين ڪهاڻي هئي (مامتا ۽ موت) جيڪا غالبن 72يا 1973 ۾ هلال پاڪستان ۾ ادي فهميده ميمڻ جي صفحي ۾ ڇپي. منهنجا لکيل ۽ ڪيل اسٽيج ڊراما هُئا، غريبن جي جھوپڙي، وامق عذرا، ”عمر ماروي“، ”انسپيڪٽر ٿري ناٽ ٿري“ ۽ ٻيا گھڻائي (1965_ 1968) جنهن مان هالا شهر مان اسڪول ۾ پڙهائندڙ وقت جي بهترين اُستادن مُحترم عبدالرحمان ميمڻ، محترم شمس الدين ميمڻ، هيڊ ماسٽر مُحمد عمر ميمڻ ۽ ڊرائنگ ٽيچر ۾ نورالدين ميمڻ صاحبن به رهنمائي ڪئي.
مون ٽي وي تي ڪي ٽي اين جي مذاحيه پلي (لش) جي سترهين قسط کا آغاز ڪيو اهڙي طرح فريد نواز بلوچ جي ٻئي فرزند دانش نواز مونکي متعارف ڪرايو ۽ مون گهڻي ڀاڱي هن جي ئي سنڌي توڙي اُڙدو ڊرامن سيريلس ۾ ڪم ڪيو جنهن ۾ ڪي ٽي اين تي آهن،لش، فن هائوس، قيامت، ۽ ٻيا ڪيترائي ۽ انڊس ٽي وي تي، داني ديوانه، ميرانام محبت،ياهُو ڪلينڪ، ۽ ٻيا ڪيترائي. اسلم ڀُٽي جي سازش، ڪائنات، ٻيون ڪيتريوئي ۽ اڪبر پٺاڻ جي ڏُهاڳڻ، گُناه، رشتن جي ڪهاڻي ۽ ٻين ڪيترين ئي سيريلس ۾ ڪم ڪيو
اسڪرپٽ ڊراما رائيٽر جي حيثيت ۾ ، ڪي ٽي اين تي جيڪي مُهنجا پلي هليا اُنهن ۾ ”چوڙيون“ هر شخص ڪهاڻيءَ ۾، مزاحيه عيد پليز ” شادي خانا آبادي”، ڌرتي ٽي وي تي (تضاد) ۽ ويچارو ليکڪ (ليکڪ). منهنجا الاهي عيد پلي سنڌ ٽي وي تي به هليا جن مان ڪي آهن، سرڪاري قرباني ۽ عيد عجُوءَ جي، ۽ نوڪر تابيدار وغيره. جن ۾ مون ايڪٽر طور به ڪم ڪيو ۽ الاهن پليز ۾ڊائريڪٽر ”خادم حُسين خاص خيلي” عرف ڪي.ڪي.
۽ حسين شاه راشديءَ (سرهاڙي وارو)ملي ڊائريڪِشن جو آغاز ڪيو سنڌ ٽي ويءَ جي لانگ پليز تان، جهڙوڪ قاتل، حوصلو ۽ اُڃايل آبشار سان جنهن ۾ مون ڪريڪٽر رول پڻ ڪيو. آواز ٽي ۽ مهران ٽي وي تي به مون الاهين ڊرامن ۾ ايڪٽر ۽ سپورٽنگ ڊائريڪٽر طور ڪم ڪيو ۽ آواز ٽي وي تي ” آن رمانڊ سيريل ۾ ”ماستر “ جو ڪريڪٽر ۾ سنڌ ٽي وي تي اسانجون قيدياڻي ۽ ٻيون سيريلز پڻ هليون . امداد شاه راشديءَ سان (پيرڪوٽ نيو سعيدآباد وارو) ڪي تي اين تي ڪو ڊاريڪٽر جي حيثيت ۾ ٽي سيريل هليون اوکا پنڌ، اڌُورا ارمانَ ۽ درد ونديءَ جو ديس. مهراڻ تي رياست آن ايئر لاءِ تيار آهي، رياست جو پرومو مهراڻ جي ويب سائيٽ تي ڏنل آعي هن ۾ به منهنجو مرڪزي ڪردار آهي ڪمدار جو. هڪ ٻي سيريل به هٿن ۾ آهي (ڪچي ڀت) جيڪا ڌرتي ٽي وي ٺهرائي پر بجٽ اپروو ڪرڻ کان پوءِ ڪٽوتي ڪري هٿ کڻي وئي؟ هاڻ اها سيريل ڪنهن ٻئي چينل تي پيش ٿيندي، هي اوڏن تي لکيل ڪهاڻي آهي، جنهن ۾ فلم اسٽار شهباز دُراني پڻ آهي.
مون 1968 ۾ سنڌي ادبي سنگت سڪرنڊ ۽ سعيدآباد کان شاعريءَ جو سفر پڻ شروع ڪري 1974 ۾” بزم طالب مولي“ جيڪا سائين مخدوم محمد زمان جي سرپرستيءَ هيٺ هلندي هُئي ۽ سائين جن اُن ۾ هر مهني لازمي شريڪ ٿيندا هُئا، جتي مونکي اُن وقت جي عظيم شاعرن کان سکيا پڻ ملي ِ مُهنجي الف بي صحيح ٿي، جنهن ۾ بغدادي ڪراچي وارو، سائين محمد جمن حالو ۽ سندن فرزند اصغر حالو جيڪي چاندني بلڊنگ آتما رام پريتم داس تي رهندا هُئا ۽ اها محفل اُتي لڳندي هُئي.
مون پهريون بي غلطيو مڪمل شعر حيدرآباد جي مسلم هاسٽل ۾ ٿيندڙ جيئي سنڌ جي تقريب ۾ پڙهيو جنهن جا چيف سائين جي ايم سيد هُئا. ۽ حاضرين ۽ سامعين کان داد ورتو، شعر جا ٻول هُئا:
سُهڻي سنڌڙي تنهنجن مارُن کي سلام، سنڌي سٻاجھن، حُسن وارن جي يارن کي سلام’’’
مون وٽ هن وقت منهنجي لکيل ۽ آڻ ڇپيل سولو پلي، ڊرامن، لانگ پلي، سيريل ۽ سوپ جو ڪافي تعداد آهي جيڪو جلد ڇپائبو، مُهنجا ڊراما رواجي ڊرامن کان مختلف هوندا آهن، جنهن م معاشرتي تنقيد سان گڏ اصلاحي پهلو به هوندا آهن، جنهن جو ٿيم آئون معاشري ۾ ٿيندڙ گھٽتائين ۽ واڌاين ۽ ڪرنٽ افيئرس مان ڪنسيو ڪندو آهيان. جهڙوڪ هيومن ٽريفڪ تي، لکيل سيريل اهي (وڪامندڙ وُجود)، وڏيرن جو ڳوٺانيو زالون ڇڏي يا هوندي شهر جي ماين سان شادي ڪرڻ ۽ اُن جا نيشنلزم تي اثر ( مامتا ۽ موت ۽ رت جا رشته) عورتن تي ظلم لاءِ ( نڀاڳي)، رٽائرڊ ملازمن تي ( ڦُلي)، وتائي فقير تي نئين نسل کي وتايو ياد ڪرائڻ لاءِ (وتايو ان ڪراچي) وغيره وغيره.. مان سنڌي ادب ۾ نواڻ جو قائل آهيان، اهڙي نواڻ جيڪا حالاتِ حاضره تي هُجي، حقيقي مسئلن تي هُجي، يعني ڪرنٽ افيئر کي ڊراماٽائيز ڪري پيش ڪرڻ..