سنڌي ميڊيا ساليوُوڊ طرفا سلام قبُول پَئي

'تعارف' فورم ۾ Sindhi Media طرفان آندل موضوعَ ‏28 ڊسمبر 2009۔

  1. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    تعارف: انجنيئر عبدالرزاق ميمڻ (ايڪٽر، رائيٽر، نيٽ جرنلسٽ، فري لانس ڊائريڪٽر سنڌي ميڊيا.

    تعليم ؛ MCS(IT/MIS) ; B.E (Avionics); P.E (PEC); B.A(Humanities)

    Certified SMS (Safety Management System) Coordinator CAA(Pakistan)-ICAO
    Certified Quality Manager CILT Pakistan.
    Certified Consultant RAMP/TErminal Areas (Airports) by SPEEDWING/SABRE GROUP
    Certified Skilled Communication Manager NILAT (National Institution of Labour Administration & Training Karachi.
    ILO (International Labour Organization) trained.
    EX-Visiting Lecture (Electrical/Electronics/Radar/Computer) PNS JOUHAR Pakistan Navy.(1985-1986)
    EX-SAC PAK 447572 Pakistan Air Force (1974-1976)

    ادا سائين، هي تعارف دوستن ۽ پڙهندڙن جي اي ميل رُڪيسٽ ”مڪمل تعارف لاءِ“ کي مد نظر رکندي لکيو ويو آهي.
    )
    ناچيز سيکڙاٽ عبدالرزاق ميمڻ، رهندڙ آهي تعلقو نيوسعيدآباد سنڌ(هالا ۽ سڪرنڊ جي وچ ۾)، ضلع مٽياري پر هاڻ ڪراچيءَ جي گُلستانِ جوهر جي علائقي ، ڪريسنٽ ويو ، بلاڪ 13 جي آفيس مان ، توهانکي سنڌي ميڊيا ساليوُوڊ جي پليٽ فارم تان، اُن جي چيف آرگنائيزر جي حيثيت ۾ ڀليڪار ڪريان ٿو.

    ساليوُوڊ لفظ جي اوهانکي مُنجھائي نه، ان ڪري ٻُڌائڻ لازمي آهي ته ، هي سنڌي ميڊيا کي پريزنٽ ڪري ٿو بلڪل اهڙي ءَ طرح، جھڙيءَ ريت، ”باليوُوڊ“ بمبئي (ممبئي) کي، ”لاليوُوڊ “لاهور کي ۽ ”هاليوُوڊ “ هالينڊ کي. ۽ سنڌي ميڊيا کي ”ساليوُڊ“

    ساليوُوڊ کي ـ ”سنڌي آرٽسٽس ويلفيئر ايئسوسيئشن (ساوا)“ ـ آرگنائيز ڪري ٿي، هن جو ذيلي ادارو آهي ” ساليوُوڊ پروڊڪشن، پبليڪيشن ۽ر يسرچ سينٽر نيوسعيدآباد“ ۽ هن جي فندنگ به اُهي هم خيال ،ميڊيا سان وابسطا رجسٽرڊ ليجينڊ، سنڌي ايڪٽر، ايڪٽريانيون، ليکڪ، هدايتڪار، گُلوڪار وغيره فنڪار ۽ اليڪٽرانڪ ۽ پرنٽ ميڊيا ،(اخبار، مئگزين)، انٽرنيٽ ۽ ميڊيا جي هر شعبي سان تعلق رکندڙ ڪن ٿا، جيڪي هن وقت دنيا جي هر حصي ۾ سنڌي يا اُردو چينلن تان پنهنجي پرفارمنس ڏين پيا ۽ ڊونيشن ڏين پيا .

    ساليوُوڊ جو حقيقي مقصد آهي اُنهن سنڌي ميڊيا جي ٽيلنٽس کي گلوبل ميڊيا ۽ ٻاهر رهندڙ سنڌين سان متعارف ڪرائڻ، ۽ کين اپ ڊيٽ ڪرڻ، سان گڏ بي آسرا فنڪارن جي ڀلائيءَ وارن ڪمن ۾ سندن پاڻ مدد اُصول تي ڪم ڪرڻ، چينلن طرفان سندن اُجوري جي گھوٻيءَ تي نوٽيس وٺي سندن حلال اُجرت ڪيٽاگيريءَ جو تحفظ وٺڻ، فيصلا وٺي سهڪار ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ ۽ زيادتيءَ ۽ نه ملڻ جي صورت ۾ مجبورن، بيريسٽر ۽ پيپلز ليگل ايڊ ڪميٽيءَ جي عبدالجبار ميمڻ جي صلاح ۽ سهڪار سان مفتلابر ڪورٽس ۾، قانوني مدد فراهم ڪرڻ. (فقط رجسٽرڊ ميمبرن لاءِ) جيئن غريب، بيوس، لاچار، اٻوجھ سنڌي فنڪار ، ڪنهن جي چالبازي ۽ چالاڪيءَ سان پنهنجي پورهي جي ڪمائيءَ کان محروم نه رهجي وڃن.

    منهنجو وڌيڪ تعارف هن ريت آهي : منهجي تعليم ايم.سي.ايس (آءِ ٽِي ۽ ايم آءِ ايس ۾) ۽ گڏوگڏ بي. اِي (اليڪٽرانڪس يا ايويانڪس)، بي.اي (هيومنٽيز)، رجسٽرڊ پروفيشنل انجنيئر (پاڪستان انجنيئرنگ ڪائونسل)، سرٽيفائيڊ ڪُوالٽي مينيجر ( سي.آءِ.ايل.ٽِي) پاڪستان، سرٽيفائيڊ ڪنسلٽنٽ (اسپيڊ ونگ سيبر گروپ) مان هاڻ (1986کان 2010) هن وقت پي. آءِ. اي ۾ ايگزيٽو پوزيشن تي جاب ڪريان ٿو. ۽ (1972 کان1986) تائين ملڪ پاڪستان جي تمام بهترين ۽ ناميارن ادارن جهڙوڪ نيشنل موٽرز، پاڪستان ايئر فرس، پاڪستان نيوي وغيره ۾ ڪم ڪري آيو آهيان.

    مان پنهنجي اسڪول جي زماني ۾ پنهنجي شهر ۽ اسڪول ۾ سپاف يعني سنڌ پيپلز اسٽوڊنٽس فيڊريشن جو صدر رهيو آهيان (1965 کان 1968ع) تائين.
    مان يونائيٽيد ميمڻ جماعت آف پاڪستان نيوسعيد آباد برانچ ۽ مهراڻ يونيورسٽي ڄامشورو جو آرگنائيزر ۽ جنرل سيڪريٽري رهيو آهيان.

    هن وقت مان پي. آئي. اي ۾ هڪ ايگزيڪٽو طور تي ڪم ڪريان ٿو ۽ گڏوگڏ سنڌي آفيسرن ۽ ملازمن جي پي.آءِ.اي (مواپ) گڏيل تنظيم ” مهراڻ ويلفيئير ايسوسيئيشن جو جنرل سيڪريٽري به آهيان

    مان سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئشن (سگا) حيدرآباد جي پهرئين ٽيڪنيڪل اداري حيدرآباد ٽيڪنيڪل انسٽيٽيوٽ حيدرآباد جو وائيس پرنسپال جڏنهن اُهولطيف آباد ۾ قائم هو هو ۽ پرنسپال جڏنهن اُهو لطيف آباد کان هيرآباد شفٽ ٿي ويو(1980 _ 1984) رهيو آهيان. سگا جو هي ادارو شام جي وقت ۾ هلندو هو ۽ اُن وقت مان مهراڻ انجنيئرنگ يونيورسٽيءَ جو اسٽوڊنٽس هوس ۽ شام جو هن اداري جي خدمت ڪندو هُئس. هن اداري جا سرپرست هُئا، سائين اعجاز قريشي صاحب، سائين ڊاڪٽر شريف ميمڻ صاحب، سائين ڊاڪٽر سليمان صاحب، سائين چُوهاڻ صاحب سري گھاٽ وارا ۽ ٻيا گھڻائي.

    مون پنهنجي فني زندگيءَ جو آغاز1967ع ۾ نيو سعيدآباد شهر جي اسڪولن ۽ اسٽيج ڊرامن تان هڪ پرفارمر، ليکڪ ۽ ڊائريڪٽر جي حيثيت ۾ ڪيو ۽ 1972 کان ڪراچي ريڊيو پاڪستان جي چئنل2 تان سنڌي پروگرامن ۾صداڪاري ۽ نوجوانن جي پروگرامن ”نهين ٽهي“ سان ڪئي، منهنجا اُن وقت جا ساٿي هُئا، پي ٽي ويءَ جو بادل جمالي (رٽائرڊ پروڊيسر) ۽ قربان چنه ۽ اسرا يونيورسٽيءَ جي ايم بي اي شعبي جو پوفيسر ، جنهن گھونگھٽ لاه ڪنوار ۾ گھوٽ جو ڪردار ادا ڪيو ۽ نصرپور جو رهڻ وارو جناب علي احمد پانڌياڻي هو، جن پڻ مون سان گڏ پنهنجي ڪيريئر جو آغاز ڪيو هو. ريڊيو پاڪستان ڪراچيءَ تي منهنجو پهريون مذاحيه ڊرامون هو ”گُلدستو “ جنهن ۾ مونسان گڏ ٻيا فنڪار هُئا قربان جيلاني، غزاله رفيق، اي آر بلوچ، قربان چنه .

    هڪ ليکڪ جي حيثيت م منهجي پهرين ڪهاڻي هئي (مامتا ۽ موت) جيڪا غالبن 72يا 1973 ۾ هلال پاڪستان ۾ ادي فهميده ميمڻ جي صفحي ۾ ڇپي. منهنجا لکيل ۽ ڪيل اسٽيج ڊراما هُئا، غريبن جي جھوپڙي، وامق عذرا، ”عمر ماروي“، ”انسپيڪٽر ٿري ناٽ ٿري“ ۽ ٻيا گھڻائي (1965_ 1968) جنهن مان هالا شهر مان اسڪول ۾ پڙهائندڙ وقت جي بهترين اُستادن مُحترم عبدالرحمان ميمڻ، محترم شمس الدين ميمڻ، هيڊ ماسٽر مُحمد عمر ميمڻ ۽ ڊرائنگ ٽيچر ۾ نورالدين ميمڻ صاحبن به رهنمائي ڪئي.

    مون ٽي وي تي ڪي ٽي اين جي مذاحيه پلي (لش) جي سترهين قسط کا آغاز ڪيو اهڙي طرح فريد نواز بلوچ جي ٻئي فرزند دانش نواز مونکي متعارف ڪرايو ۽ مون گهڻي ڀاڱي هن جي ئي سنڌي توڙي اُڙدو ڊرامن سيريلس ۾ ڪم ڪيو جنهن ۾ ڪي ٽي اين تي آهن،لش، فن هائوس، قيامت، ۽ ٻيا ڪيترائي ۽ انڊس ٽي وي تي، داني ديوانه، ميرانام محبت،ياهُو ڪلينڪ، ۽ ٻيا ڪيترائي. اسلم ڀُٽي جي سازش، ڪائنات، ٻيون ڪيتريوئي ۽ اڪبر پٺاڻ جي ڏُهاڳڻ، گُناه، رشتن جي ڪهاڻي ۽ ٻين ڪيترين ئي سيريلس ۾ ڪم ڪيو

    اسڪرپٽ ڊراما رائيٽر جي حيثيت ۾ ، ڪي ٽي اين تي جيڪي مُهنجا پلي هليا اُنهن ۾ ”چوڙيون“ هر شخص ڪهاڻيءَ ۾، مزاحيه عيد پليز ” شادي خانا آبادي”، ڌرتي ٽي وي تي (تضاد) ۽ ويچارو ليکڪ (ليکڪ). منهنجا الاهي عيد پلي سنڌ ٽي وي تي به هليا جن مان ڪي آهن، سرڪاري قرباني ۽ عيد عجُوءَ جي، ۽ نوڪر تابيدار وغيره. جن ۾ مون ايڪٽر طور به ڪم ڪيو ۽ الاهن پليز ۾ڊائريڪٽر ”خادم حُسين خاص خيلي” عرف ڪي.ڪي.
    ۽ حسين شاه راشديءَ (سرهاڙي وارو)ملي ڊائريڪِشن جو آغاز ڪيو سنڌ ٽي ويءَ جي لانگ پليز تان، جهڙوڪ قاتل، حوصلو ۽ اُڃايل آبشار سان جنهن ۾ مون ڪريڪٽر رول پڻ ڪيو. آواز ٽي ۽ مهران ٽي وي تي به مون الاهين ڊرامن ۾ ايڪٽر ۽ سپورٽنگ ڊائريڪٽر طور ڪم ڪيو ۽ آواز ٽي وي تي ” آن رمانڊ سيريل ۾ ”ماستر “ جو ڪريڪٽر ۾ سنڌ ٽي وي تي اسانجون قيدياڻي ۽ ٻيون سيريلز پڻ هليون . امداد شاه راشديءَ سان (پيرڪوٽ نيو سعيدآباد وارو) ڪي تي اين تي ڪو ڊاريڪٽر جي حيثيت ۾ ٽي سيريل هليون اوکا پنڌ، اڌُورا ارمانَ ۽ درد ونديءَ جو ديس. مهراڻ تي رياست آن ايئر لاءِ تيار آهي، رياست جو پرومو مهراڻ جي ويب سائيٽ تي ڏنل آعي هن ۾ به منهنجو مرڪزي ڪردار آهي ڪمدار جو. هڪ ٻي سيريل به هٿن ۾ آهي (ڪچي ڀت) جيڪا ڌرتي ٽي وي ٺهرائي پر بجٽ اپروو ڪرڻ کان پوءِ ڪٽوتي ڪري هٿ کڻي وئي؟ هاڻ اها سيريل ڪنهن ٻئي چينل تي پيش ٿيندي، هي اوڏن تي لکيل ڪهاڻي آهي، جنهن ۾ فلم اسٽار شهباز دُراني پڻ آهي.

    مون 1968 ۾ سنڌي ادبي سنگت سڪرنڊ ۽ سعيدآباد کان شاعريءَ جو سفر پڻ شروع ڪري 1974 ۾” بزم طالب مولي“ جيڪا سائين مخدوم محمد زمان جي سرپرستيءَ هيٺ هلندي هُئي ۽ سائين جن اُن ۾ هر مهني لازمي شريڪ ٿيندا هُئا، جتي مونکي اُن وقت جي عظيم شاعرن کان سکيا پڻ ملي ِ مُهنجي الف بي صحيح ٿي، جنهن ۾ بغدادي ڪراچي وارو، سائين محمد جمن حالو ۽ سندن فرزند اصغر حالو جيڪي چاندني بلڊنگ آتما رام پريتم داس تي رهندا هُئا ۽ اها محفل اُتي لڳندي هُئي.

    مون پهريون بي غلطيو مڪمل شعر حيدرآباد جي مسلم هاسٽل ۾ ٿيندڙ جيئي سنڌ جي تقريب ۾ پڙهيو جنهن جا چيف سائين جي ايم سيد هُئا. ۽ حاضرين ۽ سامعين کان داد ورتو، شعر جا ٻول هُئا:
    سُهڻي سنڌڙي تنهنجن مارُن کي سلام، سنڌي سٻاجھن، حُسن وارن جي يارن کي سلام’’’

    مون وٽ هن وقت منهنجي لکيل ۽ آڻ ڇپيل سولو پلي، ڊرامن، لانگ پلي، سيريل ۽ سوپ جو ڪافي تعداد آهي جيڪو جلد ڇپائبو، مُهنجا ڊراما رواجي ڊرامن کان مختلف هوندا آهن، جنهن م معاشرتي تنقيد سان گڏ اصلاحي پهلو به هوندا آهن، جنهن جو ٿيم آئون معاشري ۾ ٿيندڙ گھٽتائين ۽ واڌاين ۽ ڪرنٽ افيئرس مان ڪنسيو ڪندو آهيان. جهڙوڪ هيومن ٽريفڪ تي، لکيل سيريل اهي (وڪامندڙ وُجود)، وڏيرن جو ڳوٺانيو زالون ڇڏي يا هوندي شهر جي ماين سان شادي ڪرڻ ۽ اُن جا نيشنلزم تي اثر ( مامتا ۽ موت ۽ رت جا رشته) عورتن تي ظلم لاءِ ( نڀاڳي)، رٽائرڊ ملازمن تي ( ڦُلي)، وتائي فقير تي نئين نسل کي وتايو ياد ڪرائڻ لاءِ (وتايو ان ڪراچي) وغيره وغيره.. مان سنڌي ادب ۾ نواڻ جو قائل آهيان، اهڙي نواڻ جيڪا حالاتِ حاضره تي هُجي، حقيقي مسئلن تي هُجي، يعني ڪرنٽ افيئر کي ڊراماٽائيز ڪري پيش ڪرڻ..
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: سنڌي ميڊيا ساليوُوڊ طرفا سلام قبُول پَئي

    سڀ کان پهريان سنڌي ميڊيا جي نالي سان هن فورم تي ايندڙ دوست کي سلام ۽ ڀليڪار ... دوست کي آءُ ڪجه هيٺياب عرض ڪندس؛
    1. اوهين مهرباني ڪري پنهنجو تفصيلي تعرف ڪرايو ته جيئن هن فورم جي دوستن کي خبر پوي ته اوهين ڪير ۽ ڪٿان کان، اسان سان دوستيءَ جي ڌاڳي ۾ ٻڌجڻ آيا آهيو ۽ اسانکي به آساني ٿيندي اوهانجي لکڻين کي پڙهڻ ۽ انهن تي راءِ ڏيڻ جي ...
    2. اسين ڪافي عرصي کان ڪوشش ڪريون پيا ته هن فورم کي نج سنڌي فورم جي بنياد تي هلايو وڃي ان جو سبب به معقول آهي ته سنڌي ٻوليءَ ۾ تمام گهٽ اهڙا فورم يا جڳهون آهن جتان اسين اڄ جي جديد ڪمپيوٽرائيزڊ دور ۾ پنهنجي مٺڙي ٻوليءَ جي ڪا خدمت ڪري سگهون ... انڪري اسين انگريزي، اردو يا ڪنهن به ٻي ٻوليءَ جو مواد سڌو سنئون هڪ ٻئي سان ونڊ ناهيون ڪندا ... ها جي ضروري ۽ سنگت جي ڪم جو آهي ته انهن ليکن جو ترجمو ڪري انکي هت ونڊ ڪندا آهيون ...
    3. اوهان اڄ ٽي ليک ونڊ ڪيا آهن جن مان هڪ انگريزيءَ ۾ ٻيو اردوءَ ۾ آهي، اوهانجو سنڌيءَ وارو ليک ته پڙهيوسين ۽ سمجهه ۾ به آيو پر اوهانجا ٻيا ليک پڙهڻ جي ڪوشش جي باوجود به سمجهه ۾ نه آيا ... مهرباني ڪري آئينده ڪو سنڌي ليک هجي ته ونڊ ڪندا يا وري اهڙو ڪو ضروري ليک پڙهائڻ جي قابل هجي ته خوشيءَ سان پڙهندا سون ۽ رايا به ڏينداسون ...
    4. ياد رکو ته اسان سڀني دوستن وٽ انگريزي ۽ ٻين ٻولين ۾ ايترو مواد موجود آهي جو جيڪڏهن هت ونڊ ڪرڻ شروع ڪنداسون ته پوءِ هي سنڌ سلامت مان ڦري ڪاڪٽيل سلامت ٿي پوندو ...

    اميد ته منهنجي هيءَ گذارش اوهان دل ۾ نه ڪندا ۽ اسانجي هن فورم سان، سنڌيءَ ٻوليءَ کي اليڪٽرانڪ ميڊيا ۾ مقابلي ڪرائڻ واري جدوجهد ۾ ٻانهن ٻيلي ٿيندا ... اسان وٽ به اهڙا کوڙ ساترا اهڙا ليک آهن جي اوهانجي پڙهڻ جي قابل هوندا ... اميد ته ڏيڻ ۽ وٺڻ جي جذبي سان اسين هڪ ٻئي جي رهنمائي ڪندا سون ...

    sindhsalamatsaathsal
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: سنڌي ميڊيا ساليوُوڊ طرفا سلام قبُول پَئي

    bhali kareayabhali kareayabhali kareayabhali kareaya
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: سنڌي ميڊيا ساليوُوڊ طرفا سلام قبُول پَئي

    ادا عبدالرزاق ميمڻ صاحب منهنجي دعوت قبول ڪندي توهان سنڌ سلامت تي آيا ۔۔۔ توهان جا لک لائق۔۔۔ فورم تي ڦيرو ڀرڻ سان توهان کي اندازو ٿي ويو هوندو ته هن فورم جو مقصد پنهنجي مٺڙي زبان ۽ سولي طريقي سان پنهنجي ماروئڙن تائين معلومات پهچائجي۔۔۔ اميد ته فورم تي توهان جو اضافو فورم لاءِ سٺو سنوڻ ثابت ٿيندو۔۔۔
    دوستن کي ٻڌائيندو هلان ته ادا عبدالرزاق جومڪمل تعارف ته توهان پڙهيو پر سندس جو يوٽيوب تي پنهنجي وڊيوز ونڊڻ جو چينل مائي ساليوڊ جي نالي سان به آهي ۔۔۔ پاڻ سنڌي اداڪارن سميت سمورن سنڌين سان محبت جو اظهار ۽ دل ۾ سندن لاءِ درد رکندا آهن۔۔۔

    ادا عبدالرزاق ميمڻ پنهنجي تحرير کي تعارف ۾ تبديل ڪرڻ جي مهرباني ۔۔۔ پر پنهنجي پهرين واري تحرير فورم تي ضرور لڳائيندا۔۔۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: سنڌي ميڊيا ساليوُوڊ طرفا سلام قبُول پَئي

    محترم سائين عبدالرزاق ميمڻ صاحب
    حق موجود؛۔۔۔(محترم شمشير الحيدريءَ چواڻي ته ناحق به موجود)
    اڄ آفيس ۾ گهرندي ئي حسب عادت سنڌ سلامت جي اڱڻ تي ڦيرو ڪيو ته اوهانجو تفصيلي ۽ پيرائتو تعرف پڙهي ايئن لڳو ڄڻ اسانجي هن ننڍڙي اڱڻ تي چوڏهينءَ جو چنڊ اڀري آيو هجي ...

    (منهنجي ڀر واري آفيس ٽيبل تي هن وقت عبدالرزاق تونسي 0( تونس جو آهي) ويٺو آهي جنهن سان منهنجو هر روز جهيڙو ٿيندو آهي، اوهانجي نالي جي صدقي، دل ڪري ٿي ته اٿي کيس گنجي سر تي چمي ڏيان ۽ منهنجو واعدو آهي ته گهٽ ۾ گهٽ اڄ ساڻس ويڙهه نه ڪندس ... )

    اوهانجي پيرائتي تعرف حاصل ڪرڻ خاطر ئي اوهانکي عرض رکيو هيوسين جو شايد فيس بڪ ۽ اي ميل ذريعي ”سولو ورلڊ“ ٻڌندا ۽ ڏسندا پڻ ٿي آياسون ...

    [​IMG]

    اوهانجي قومپرست خيالن ۽ ترقي پسند خيالن جا قائل ته اسين هونئن ئي هياسون ۽ هاڻ جڏهن اوهان پاڻ اسانجي محفل ۾ اچي پهتا آهيو ته سچ پڇو ته اسانجو ڳاٽو فخر سان مٿي ٿي ويو آهي ته اسانجي سنگت ۾ ايترا سلجهيل ۽ سلهاڙيل ۽ گهڻ پاسائين جدوجهد ڪندڙ دوست موجود آهن ...
    چوندا آهن ته دوست جهڙي ڪا به قيمتي شئي ناهي هوندي جو انسان دوستن ذريعي ئي هن دنيا کي سمجهي سگهندو آهي ۽ ڏکن سکن سان مقابلو ڪري سگهندو آهي ...

    اميد آهي ته اوهان اسانجي ساٿ سان گڏ گڏ هوندا ۽ اسانجي رهنمائي ڪرڻ ۾ پيش پيش هوندا ...
    ادي رشيد سمون صاحب جن جا ٿورائتا آهيون جنهن اوهان جهڙي پرڪشش شخصيت سان اسانجو تعرف ڪرايو .... ۽ اميد آهي ته اوهان پنهنجا ليک ۽ نظريا اسان سان ونڊ ڪندا رهندا ۽ ان عرض تي ناراض به نه ٿيا هوندا ته سنڌيءَ کي اوليت ڏجي ۽ سنڌي ٻوليءَ کي هن جديد دور جي ڊوڙن ۾ سوڀارو ڪجي ... باقي سنڌي ليک دوران ڪنهن ٻي ٻوليءَ جو ڪو حوالو يا ڪو ليک ڏيڻ ضرور هجي ته اهو اسانجي خوشنصيبي جيئان ٿيندو ...

    دعائن ۾ گڏ
    نثار ابڙو
    سنڌ جي خاڪ منجه مڪي پاڪ
    sindhsalamatsaathsal
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    جواب: سنڌي ميڊيا ساليوُوڊ طرفا سلام قبُول پَئي

    مُهنجاڀاڳ ڀلا جو بهانُو ٺهي پيو ۽ نون دوستن ۽ پُرڪش شخصيتن سان، عبدالرشيد سمون صاحب معرفت ملاقات جو مزو پيو ماڻيان ۽ خيالن جي ڏي وٺ پئي ٿئي، رهي رام ڪهاڻي ته بس اهو تعارف جو بهانو هو ، ڊيگھ جي معافي ڇو جو، اينگھ ڪرڻ بس عادت ۾ شامل ٿي وئي آ. مطلب ڪنسيو (سمجھ ۾ آيو هُجي) ٿيو هُجي ته ايڊٽ (ڪاٽ ڪُٽ ) جي اجازت آهي، بس دعائن ۾ يد جو مُتمني آهيان. عيد پلي نوڪرتابيدار (سنڌ ٽي وي)
     
  7. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    اُميد ته هاڻ سنڌي ليک ونڊ ڪرڻ سان مُحترم نثار ناز صاحب جن جا اعتراض ختم ٿي ويا هوندا۔ پنهنجي سٿ ۾ شامل ڪرڻ جي مهرباني، ڪوشش آهي ۽ هوندي ته سنڌي ميڊيا جا سمورا فنڪار هن سٿ ۾ شامل ڪرايان۔
     
  8. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    محترم عبدالرزاق ميمڻ صاحب سلام

    اوهان جا قيمتي ليک، اوهان جون ڪهاڻيون، اوهان جا ڊرامه وقت بوقت پڙهندو رهيو آهيان جيڪي متاثر ڪندا رهيا آهن۔ سنڌ سلامت ۽ سوشل ميڊيا تي اوهان جو ڪم ڪنهن تعارف جو محتاج ناهي۔ اوهان هر وقت سنڌ سنڌ ڪندا رهندا آهيو، جيڪو اسان جو به نعرو آهي۔

    اوهان جو تفصيلي تعراف پڙهيم خوشي ٿي۔ اوهان ڪچهريون ته ٿينديون رهيون آهن پر ملاقات ناهي ۔۔۔۔ ضرور اها آس به پوري ٿيندي۔ اوهان لاء دعائون ته سدا خوش هجو۔
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  9. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    مُهنجي به اهائي خوهش آهي ته توهان سان مُلاقات ٿئي،وقت ضرور سوڙهو ڪيو آهي ۽ ٻک وجهيو ويٺو آهي، ها جيڪڏنهن ڪڏنهن ڀلجي سُلجي، هيلي بهاني جناح ايئرپورٽ تي اچو ته ضرور مُلاقات ٿي سگهي ٿي مان توهان سان سومر کان جُمع 8 وڳي کا 6 لڳي تائين ملي سگهان ٿو ۽ ان بهاني چانههن جو ڪپ به پي سگهون ٿا، نمبر تي رابطو ڪجو 03002895691۔ توهانجي سماجي، ثقافتي ۽ ادبي موومينٽ به سوشل ميڊيا ۽ آرٽس ڪائونسل وغيره ۽ مُحترم حميد ڀُٽو صاحب جي حوالي سان خبرداري ڪندي رهندي آهي، دوستن جو به هڪ طبقو آهي جيڪو واکاڻ ڪندو رهندو آهي جنهن ويتر تجسس وڌائي ڇڏيو آهي پر شاه صاحب جي هڪ ڪلام کان ڊڄ ضرو ٿيندو اٿم ته”ڳوليان ڳوليان م لهان، شال م ملان هوت، من اندر جي لوچ ملڻ سين ماٺي ٿئي“ والسلام
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  10. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    بلڪل صحيح چيو آهي تو
    هان
     
  11. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
  12. منظور ڪلهوڙو

    منظور ڪلهوڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    1,723
    ورتل پسنديدگيون:
    3,881
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ملازمت سرڪاري کاتي ۾
    ماڳ:
    ڪراچي
    لک قرب سائين ، جيڪڏهن توهان اڄ هن صفحي کي ٻيهر اپڊيٽ نه ڪيو ها ته اسان اوهان جي تعارف کان محروم هجون ها، مان دلي طور توهان کي خراج عقيدت پيش ڪيان ٿو جو توهان ايترا ڪارناما سرانجام ڏنا آهن۔ اها سنڌي قوم لا فخر جي ڳالهه آهي۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  13. غلام مصطفي ميمڻ

    غلام مصطفي ميمڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    1,524
    ورتل پسنديدگيون:
    3,476
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Govt job
    ماڳ:
    karachi, originally district Dadu
    محترم عبدالرزاق ميمڻ صاحب اسلام عليڪم ،اوهانجواپڊيٽ ڪيل تفصيلي تعارف پڙهي اسان اوهان جي شخصيت کان سٺي نموني واقف ٿيا آهيون۔ اسان کي توهانجي تعارف پڙهي اهو محسوس ٿيو ته اوهان پنهنجي اندر هڪ فنون لطيف جو ادارو آهيو۔ انجنئرينگ جي خشڪ سبجيڪٽ سان تعلق رکندڙ هڪ انسان ڪيئن رائٽر۔شاعر۔ادڪار، هدايتڪارؤ جرنليسٽ ٿئي سگهي ٿو ان جو مثال آوهين آهيو۔ ادا اسان اوهان جهڙي شخصيت کي ايئن ڪڏهن به نه چونداسين ته ” وه آئه هماري گهر ۾ خدا ڪي قدرت ، کبهي هم ان کو ديکهتي هين کبهي اپني گهر کو “ ڇا ٿيو جو اسان جوهي گهر(فورم) ڪکائون آهي پر پنهنجي اندر ايتري وڏي وسعت۔ محبت، پيار۔ خلوص ۽ ڀائيچارو رکي ٿو جو اوهان جهڙن معتبر هستين کي اوپرو احساس نه ٿيندو۽ اوهان کي صحيحي مان ملندو۔ توهان کي هت هر موضوع تي انيڪ ليک جيڪي هن اڳڻ جا باشعور محنتي ؤ هڏ ڏوکي ميمبرن جي محنت جو ثمر آهن، ملندا۔ اوهان جي ليکن ؤ ڪمينٽس ٻين ميمبرن جي ليکن تي جو انتظار رهندو۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  14. Abdul Wahid Soomro

    Abdul Wahid Soomro
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 نومبر 2010
    تحريرون:
    1,057
    ورتل پسنديدگيون:
    353
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    government job
    ماڳ:
    Bhitshah
    سائين تفصيلي تعارف ڏيڻ لا مھرباني
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو