ليجنڊ اداڪاره روشن عطا جي ياد ۾

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏30 مارچ 2013۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,935
    ورتل پسنديدگيون:
    27,265
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]


    ليجنڊ اداڪاره روشن عطا جي ياد ۾.....
    مصطفيٰ ملاح

    سنڌي ڊرامن توڙي فلمن ۾ امڙ جو لقب ماڻيندڙ اداڪاره اها روشن عطا ئي هئي، جنهن کي سنڌ جو ننڍو توڙي وڏو ”امڙ“ چئي پڪاريندو هو. هن سنڌي فلم ممتا توڙي ڪي ٽي اين جي ٽيلي فلم درياءَ پار ۾ ۾ سدوري جي ماءُ جو ڪردار ڪري پاڻ کي امر بڻائي ڇڏيو. هن سنڌي فلم ”فيصلو ضمير جو“ ۾ بيگم نصرت ڀٽو جو ڪردار ڪري پنهنجو پاڻ کي امڙ جي ڪردارن لاءِ ڄڻ وقف ڪري ڇڏيو هجي. هر پروڊيوسر ۽ فلم ساز کي جڏهن امڙ جي ڪاسٽ سامهون ايندي هئي ته، روشن عطا جو ڪردار انهن لاءِ لازم بڻجي ويندو هو. روشن عطا جي اڄ ٻي ورسي آهي، پر شوبز ساٿين سميت سندس مٽن مائٽن به هن ليجنڊ اداڪاره کي وساري ويٺا آهن. اداڪاره روشن عطا 1940ع ۾ آغا دلمراد جي گهر ۾ شڪارپور ۾ اک کولي. هن جي والده ڊاڪٽرياڻي فيروز جان 1990ع ۾ لاڏاڻو ڪري وئي. ننڍپڻ ۾ هن جو پورو خاندان سعودي عرب شفٽ ٿي ويو هو، هن جي عمر ان وقت 7 سال هئي. هي اتي 6 سال رهي ۽ هن 6 حج به ڪيا. 16 سالن جي عمر ۾ هن جي شادي ماسات عطا محمد سان 1958ع ۾ ٿي، ان مان هن کي 8 ٻارن جو اولاد ٿيو پر مختلف وقتن تي هن جا 5 ٻار خدا کي پيارا ٿي ويا، جن مان هڪ ڌيءَ شگفته پاڻ پي ٽي وي تي ڪم ڪندي آهي، روشن عطا جو هڪ پٽ آمريڪا ۾ رهي ٿو، هڪ پٽ ڪراچي ۾ رهندو آهي. مرحومه روشن عطا تي پيءُ شهزادي نالو رکيو هو ۽ سندس والده هن تي روشن نالو رکيو. مرحومه ميٽرڪ تائين تعليم حاصل ڪئي. ميڊم روشن عطا ريڊيو پاڪستان تي شروع وارن ڏينهن ۾ برقو پائي ايندي هئي، جڏهن ته هن جا مٽ مائٽ تمام گهڻي مخالفت ڪندا هئا، ڊرامن ۾ ڪم ڪرڻ تي سندس مڙس جي کيس اجازت هئي. هن اسٽيج ڊراما به ڪيا، انهن جي ڊائريڪشن ڏني ۽ ڪجهه ڊراما لکيا به. اداڪاره روشن عطا 1964ع کان فني سفر جي شروعات ريڊيو پاڪستان کان ڪئي. پوءِ هن سنڌي فلم ”ڌرتي دل وارن جي“ ۽ بعد ۾ سنڌي فلم ”فيصلو ضمير جو“ ۾ هن نصرت ڀٽو جو رول ادا ڪيو. هن جن سنڌي فلمن ۾ ڪم ڪيو انهن ۾ ڌرتي لال ڪنوار، ڌرتي ۽ آڪاش، حاضر سائين، رت ۽ اجرڪ، اُميد، ڦل ماڇي، طوفان گهونگهٽ لاءِ ڪنوار، مورک ۽ ٻيون شامل آهن، جڏهن ته جن ڊرامن ۾ هن اداڪاري ڪئي، انهن ۾ گامون سچار، گهر ڀاتي، آس، زندگي اولڙا، بُري هن ڀنڀور ۾، جياپو، ماروي جنگل، تپش، چار مسافر، سير سوا سير ۽ ٻيا شامل آهن. سندس زندگيءَ جا آخري ڏهاڙا ڪسمپرسيءَ وارا گذريا. هن جي لاڏاڻي کانپوءِ سندس مڙس عطا محمد به 24 جنوري 2013ع تي لاڏاڻو ڪري ويو. جڏهن ته روشن عطا 30 مارچ 2011ع تي دم ڌڻيءَ حوالي ڪيو. اهو چوڻ ۾ ڪو به وڌاءُ ناهي ته، ميڊم روشن عطا سنڌ جي وڏن آرٽسٽن مان هڪ هئي ۽ سندس خال ڀرجڻ مشڪل آهي.

    ڪاوش جي ٿورن سان
     
    9 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    وڌاءُ ناهي ته، ميڊم روشن عطا سنڌ جي وڏن آرٽسٽن مان هڪ هئي ۽ سندس خال ڀرجڻ مشڪل آهي۔

    بلڪل
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. معصوم سنڌي

    معصوم سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 اپريل 2012
    تحريرون:
    683
    ورتل پسنديدگيون:
    1,767
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    جرنلسٽ
    ماڳ:
    لياري ڪراچي
    روشن عطا جهڙي آرٽسٽ ورلي وري ايندي۔اسان کي ما جيان پيار ڪندڙ روشن هاڻي اسان ۾ ناهي پر روح ۽ احساس جو رشتو توڙي سٻنڌ سدائين جيان سگهارو رهندو هن جي نه هئڻ جو احساس ڀل اندر ۾ کامڻ ۽ پڄرڻ جو سامان ميسر ڪري پر تڙڦ ۽ وشواس ته رهندو ته روشن اسان سان هميشه گڏ آهي ۽ رهندي هن سان گهاريل جيون جا ڳچ لمحا مون ساروپن ۾ سانڍي ڊائري ۾محفوظ ڪري رکيا آهن۔
    ا
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,783
    ورتل پسنديدگيون:
    4,293
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
  5. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,935
    ورتل پسنديدگيون:
    27,265
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ملڪئه جذبات روشن عطا

    سيد يار محمد شاهه

    سنڌي فلمن، ٽي وي، اسٽيج ۽ ريڊيو جي تاريخ ۾ مرحومه ميڊم روشن عطا جون فني خدمتون هميشه نمايان رهنديون. هن فنون لطيفه جي انهن سڀني شعبن کي هڪ ماءُ وانگر پاليو، ۽ هر فنڪار ۽ پروڊيوسر کي پنهنجي اولاد وانگر سمجهيو. سنڌي فلمون جيتريون به ٺهيون، تقريبا گهڻين ئي سنڌي فلمن ۾ پاڻ ڪئين يادگار ڪردار ادا ڪيائين.
    شعبه طب سان تعلق رکندڙ ميڊم پنهنجو فني سفر سعودي عرب کان واپس اچي پنهنجي گهر واري عطا محمد سان گڏ حيدرآباد مان ريڊيو جي ذريعي شروع ڪيو. پاڻ ان وقت علاج به ڪندي هئي ۽ صداڪاري به ڪندي هئي. جيئن ته هوءَ وڏي ملنسار، مهمان نواز ۽ خوبصورت پڻ هوندي هئي، ان ڪري فن جي شعبي جي هر فرد سان هن جو پيار هوندو هو.
    هوءَ جڏهن ڪراچي شفٽ ٿي آئي ته اتي به ريڊيو، اسٽيج ۽ سنڌي فلمن ۾ ڪئين يادگار ڪردار ادا ڪيائين. بليڪ اينڊ وائيٽ فلمن ۾ به ڪريڪٽر ايڪٽر جا رول، اڪثر ميڊم کي ئي نصيب ٿيندا هئا. جڏهن ڪراچي ٽيليويزن جي ڊرامن جو دور شروع ٿيو ته بلوچ صاحب، هارون رند، محمد بخش سميجو، منظور قريشي ۽ بيدل مسرور وغيرھ کيس، بحيثيت هڪ سٺي خاتون ۽ هڪ سٺي فنڪاره جي، هر پروجيڪٽ ۾ بڪ ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا هئا. هزارن جي تعداد ۾ ڪراچي ٽيليويزن جي اردو سنڌي ڊرامن ۾ ڪم ڪيائين. جڏهن ته سندس، پنھنجي همعصر فنڪارائن اداڪاره مرحومه شهزادي، قمرالنساءِ هڪڙو، بينا (نجمه ڪاوش جي والده)، ممتاز ڪنول وغيرھ سان فني مقابلو پڻ هوندو هو. مونکي سندس ڊرامن جو تعداد ۽ نالا ته گهٽ ياد آهن. مون سان گڏ، منهنجي چاچي ايس گل جي سنڌي فلم ”سهڻا سائين“ ۾، پنهنجي ڌيءَ سميت ڪم ڪيائين. سندس ڌيءَ پڻ اڳتي هلي ٽي وي جي هڪ نامور اداڪاره به ٿي، پر وري شادي کان پوءِ هوءَ، ڪراچي ٽيليويزن تي ملازمت ڪرڻ لڳي ۽ اداڪاري ڇڏي ڏنائين. ”سهڻا سائينءَ“ ۾ ھوءَ، منهنجي چاچي جي تمام ويجهن ساٿين ۾ شمار ٿيڻ لڳي. سندن نشستن ۾ اڪثر پنهنجي هڪ فلم ٺاهڻ جي خواهش ظاهر ڪندي رهندي هئي.
    پنهنجي ڪجهه فلمي ڪهاڻين جا پلاٽ به اڪثر ايس گل صاحب سان ڊسڪس ڪندي رهندي هئي. هڪ سنڌي فلم ٺاهڻ مرحومه جي وڏي خواهش هئي. جيڪا هوءَ پوري ڪري نه سگهي. ساڳئي وقت جڏهن ٽي وي جا پرائيويٽ ڊرامه شروع ٿيا ته هن به پنهنجو پروڊڪشن هائوس کوليو. ان جي ذريعي ڊراما ٺاهڻ جون ڪوششونپڻ ڪندي رهي. جيڪي پڻ اڻ پوريون رهجي ويون.
    مون سان سنڌي فلم ”سهڻا سائين“ دوران جيڪا سندس قربت قائم ٿي، اها آخر تائين قائم رهي. پاڻ ڪافي سالن تائين ڪئين ڪردار ڪرڻ کان پوءِ، آخري ايامن ۾ پي ٽي وي ايوارڊ پڻ ماڻي چڪي هئي. مون پنهنجي فلم ”محب شيدي“ ۾ محب جي ماءُ جو ڪردار کيس ڏنو هو. فلم جي اوپننگ به روشن عطا سان، درگاهه سخي هاشم شاهه تي ڪئي ويئي. پاڻ جيڏي مهل مڪالما ڳالهائي رهي هئي ته سندس خوبصورت پرفارمنس ۽ خوبصورت ڊائلاگ ڊليوريءَ تي ات بيٺل هدايتڪار شاهه اسد، زاهد معصومي ۽ منهنجي اکين ۾ لڙڪ اچي ويا. فلم ”محب شيدي“ ۾ يعقوب ذڪريا ۽ گلاب چانڊيو سان هڪ منظر ۾ هڪ رات جي شوٽنگ جي دوران ايڏي خوبصورت اداڪاري ڪيائين جو سڀ سندس مداح بنجي ويا ۽ شوٽنگ ڏسندڙ به روئيندا رهيا.
    روشن عطا هڪ اسڪول هو. هوءَ هر نئين ايندڙ فنڪار ۽ فنڪاره جي بي حد گهڻي همت افزائي ۽ پذيرائي پڻ ڪندي هئي.
    مرحوم هارون رند، محمد بخش سميجو ۽ بيدل مسرور سندس بي حد گهڻي عزت ڪندا هئا. جڏهن ميڊم سيٽ تي ايندي هئي ته سڄي ماحول کي، پنهنجي شاهه خرچي ۽ خوبصورت جملن سان، ڄڻ ميڙو مچائي ڇڏيندي هئي. اڪثر فنڪارن جي مسئلن کي حل ڪرڻ ۾ ڀرپور ساٿ پڻ ڏيندي هئي. ساڳئي وقت جڏهن به ڪراچي جي فنڪارن ڪو احتجاج ڪيو هوندو، ته هوءَ هر جدوجهد ۾ ساڻن گڏ هوندي هئي.
    مرحومه مونکي اڪثر گڏجي فلم ٺاهڻ ۽ ٽي وي ڊراما ٺاهڻ لاءِ پئي چوندي هئي ۽ فون به ڪندي هئي، پر اڪثر هوءَ پنهنجو ئي ڪو اسڪرپٽ ڏيڻ چاهيندي هئي ۽ سندس هر اسڪرپٽ ۾ سندس زندگيءُ جي پيڙا ئي شامل هوندي هئي. هن معاشري ۾ زندگي ڪيئن گذاري، ڪيئن جدوجهد ڪئي، ڪيئن اولاد کي پاليو ۽ ڪيئن هنن کي پنهنجي پنهنجي مقام تي پهچايو، اها سڀني کي خبر آهي.
    جيتوڻيڪ منهنجي يادگيرين ۾ سندس جيڪي يادگار ڪردار آهن، انهن ۾ سميجي صاحب جي مشهور اردو سيريل ”انتها“ ۽ سنڌي سيريل ”ڪونج“ جو ڪردار هميشه ياد رهندو. ”انتها“ جي هڪ منظر ۾ سندس ڌيءَ کي کوهه ۾ اڇلائي ماريو ٿو وڃي. جيڪا منهنجي ڪردار جي سازش ئي هوندي آهي. پوءِ سندس حق ۾ هڪ عوامي ريلي نڪري ٿي، جيڪا حڪومت جي خلاف هوندي آهي. آئون ۽ محمود صديقي، ان ڊرامي ۾ استحصالي ۽ ظالم وڏيرا هوندا آهيون. ان منظر ۾، ڪوڙي اداڪاري ڪندي، هن ريليءَ ۾ اچي ميڊم روشن عطا جي مٿي تي هٿ رکندا آهيون. کيس ڪوڙي آٿت ڏيندا آهيون. ات محمود صديقي هڪ عوامي تقرير ڪئي جيڪا مڪمل ايڪسٽيمپور هئي. منظر ڏاڍو پسند ڪيو ويو پر اتفاق سان ڊرامي جي قسط اٺين بجي نشر ٿي ۽ نوين بجي وارين خبرن ۾ ساڳيو اهڙو ئي منظر پي ٽي وي جي خبرنامي ۾ ڏيکاريو ويو. جنهن ۾ ان وقت جي وزيراعظم نواز شريف لاڙڪاڻي ۾ اهڙي ئي هڪ مظلوم خاتون جي مٿي تي هٿ رکي اهڙي ئي قسم جي تقرير ڪئي هئي. جنهن تي ٻئي ڏينهن اخبارن گهڻيئي ڪجهه لکيو هو. پروڊيوسر کي به اهڙا منظر ٻيهر نه پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي هئي.
    ميڊم روشن عطا جيتوڻيڪ سنجيده چهري جي مالڪ هئي پر منهنجي مزاحيه خاڪن جي پروگرامن ”رس چس“ ۽ ”کل ڀوڳ“ ۾ جيڪا خوبصورت اداڪاري ڪيائين سا اڄ به رڪارڊ تي موجود آهي. سندس جوڙي گهڻو ڪري نور محمد لاشاري، انور سولنگي ۽ يعقوب ذڪريا سان بي حد مقبول هوندي هئي.اڄ به هر پروڊيوسر ۽ هر اداڪار کي مرحومه جي ڪمي هر وقت محسوس ٿيندي رهندي آهي. جيڪڏهن سندس ڄمڻ کان مرڻ تائين جدوجهد، فني سفر، نامور ڪردارن جو ذڪر ڪجي ته سندس اڻ کٽ محنت جو حق ادا ئي نه ڪري سگهبو. جيئن ته مرحومه، اسانجي سنڌي فن جي تاريخ جو هڪ اهم باب هئي، ان ڪري پنهنجين ساروڻين ۾ سندس لاءِ جيڪي ٻه اکر لکون پيا، ان جو مطلب پنهنجي فنڪارائن جو حق ادا ڪرڻ آهي. جيڪڏهن ڪراچي ٽيليويزن ۽ ثقافتي ادارا، مرحومه جي فني پورهئي تي ڪي پروگرام پيش ڪن ۽ ڪا ورسي ملهائين ته اڄ جي ڏسندڙن ۽ فنڪارن کي مرحومه جو پورهيو ڪنهن اسڪول ۽ يونيورسٽي کان گهٽ ڏسڻ ۾ نه ايندو.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو