• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ٻه سنڌي اداڪار زندگيءَ ۽ موت جي وچ ۾ مدد ڪريو!

Sindhi Media

سينيئر رڪن
فقط ڏه رُپيه في ماڻهو عطيو ڏئي هڪ اداڪار محترم عبدالحُسين ساريو ۽ هڪ اداڪاره محترمه قمرالنساءِ هڪڙو جي زندگي بچايو. جيڪڏنهن، هر شخص، في اداڪار، في ڊائريڪٽر، في ليکڪ ، في سنگر، في اداڪاره، في ماڻهو، فقط هڪڙا ڏه رُپيه في انگ ڊونيٽ ڪري ڏي. ته پنهنجن محبوب ، سنڌي ميڊيا جي محبوب اداڪار عبدالحُسين ساريو ۽ اداڪاره َقمرالنساءِ هڪڙو جي زندگي بچائي سگھن ٿا جيڪي بترتيب ڪينسر جي مُوذي مرض ڊسٽ ٽيومر آف ۡڪينسر ۾ سال 2007 کان ڦاٿل آهي ۽ َقمرالنسا هڪڙو بريسٽ ڪينسر ۾ ۽ ٻئي زندگي ۽ موت جي ويڙه ڪري به توهان کي انٽرٽينٽ پيا ڪن. وڌيڪ تفصيل لاءِ هن لنڪ کي ڪلڪ ڪري وڊيو ڏسندا
 
جواب: ٻه سنڌي اداڪار زندگيءَ ۽ موت جي وچ ۾ مدد ڪريو!

سائين محترم عبدا لرزاق صاحب
حاضر اسين چندو ڏيڻ پنهنجي خوشنصيبي سمجهندا سون ۽ آءُ هن فورم جي طرفان پنهجن انهن دوست فنڪارن لئه ننڍڙو ونڊ ( 1000) هڪ هزار روپين جو ڪريانٿو ... ادي رشيد کي عرض آهي ته هو مهرباني ڪري ثواب جو ڪم ڪري ۽ منهنجي گهر مان 1000 روپيا وٺي ان ڪار خئير ۾ جمع ڪرائي ته لک ٿورا ٿيندا ... آءُ اڄ ئي پنهنجي گهر فون ڪري چئي ٿو ڇڏيان ... يا وري جي ادو رشيد يا ڪو ڏئي سگهڻ جهڙو دوست پاڻ ڏي ته آءُ ڪنهن طريقي سان کيس اهي پئسا پهتا ڪندس ...
مهربانيون
sindhsalamatsaathsal
 
جواب: ٻه سنڌي اداڪار زندگيءَ ۽ موت جي وچ ۾ مدد ڪريو!

مانوارا سائين!.. سنڌي آرٽسٽس ويلفيئرائيسوسيئيشن (ساوا) جي ڪوشش اها رهي آهي ته ڀلائيءَ جي ڪمن ۾ ڀلي ٿيندڙ جي مدد سندس ئي در تي ڊائريڪٽ ٿئي ۽ اسانجو وچولو طريقو صرف ڳاله پکيڙڻ جو آهي. توهان يا ڪنهن به مدد ڏيندڙ لاءِ اسان وڊيو ۾ عبدالحُسين ساريو صاحب جو موبائل نمبر ۽ بينڪ اڪائونٽ پڻ ڏنو آهي، مهرباني ڪري سارئي صاحب سان ٻه تفصيلي ٻول ٻولي ، صحت لاءِ دُعا ڪري، اها رقم کين پاڻ هٿ سان ڏئي يا سندن اڪائونٽ ۾ جمع ڪرايو. بهتر ته ائين ٿيندو ته هرڪو پنهنجي فورم ۽ ساٿين وٽان ڦوڙي ڪري ۽ ڦُڙي ڦُڙي دريا ،گڏ ڪري ڏيو.
 
جواب: ٻه سنڌي اداڪار زندگيءَ ۽ موت جي وچ ۾ مدد ڪريو!

انهي سلسلي ۾ سائين نثار ابڙو جي درخواست تي مان پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهيان ۔۔۔ گڏ رب پاڪ کان دعا آهي ته ادا عبدالحسين ساريو کي صحتِ عاجله ۽ ڪامله نصيب فرمائي۔۔۔۔
 
جواب: ٻه سنڌي اداڪار زندگيءَ ۽ موت جي وچ ۾ مدد ڪريو!

انهي سلسلي ۾ سائين نثار ابڙو جي درخواست تي مان پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهيان ۔۔۔ گڏ رب پاڪ کان دعا آهي ته ادا عبدالحسين ساريو کي صحتِ عاجله ۽ ڪامله نصيب فرمائي۔۔۔۔

آمين...
مهرباني ادا رشيد ... جزاڪ الله خئير
ٿورا ناهن ٿورا مونتي ماروئڙن جا ...
shal judy hujeen
 
Back
Top