اڄوڪو ڏينهن 8 اپريل تاريخ جي دريءَ مان

'اپريل' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏26 اپريل 2013۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    اڄوڪي ڏينهن 8 اپريل تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون

    جنم ڏينهن:

    8 اپريل 1928ع سگهڙ گلڻ سولنگي (صادق سولنگي) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
    8 اپريل 1932ع شاعر جمال الدين مومن (نوان جتوئي) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
    8 اپريل 1938ع محمد حسن ڀٽو (لاڙڪاڻو) جو جنم ڏينهن آهي.
    8 اپريل 1942ع اداڪار کيئلداس گولاڻي (بلاولپور / الهاسنگر) جو جنم ڏينهن آهي.
    8 اپريل 1946ع اسڪالر، ليکڪ ۽ شاعر ملڪ نديم (ڪنڌ ڪوٽ) جو جنم ڏينهن آهي.
    8 اپريل 1948ع شاعر ايم يعقوب آرزو جو جنم ڏينهن آهي.
    8 اپريل 1949ع ليکڪ غلام مصطفى ڪانڌڙو جو جنم ڏينهن آهي.
    8 اپريل 1952ع صحافي ايم يعقوب لغاري (ڊگهڙي) جو جنم ڏينهن آهي.
    8 اپريل 1952ع صحافي محمد ايوب انصاري (قنمبر) جو جنم ڏينهن آهي.
    8 اپريل 1961ع شاعر ناز جوکيو جو جنم ڏينهن آهي.
    8 اپريل 1965ع شاعر گلزار سيال جو جنم ڏينهن آهي.
    8 اپريل 1970ع صحافي ۽ ماهوار پرک رسالي جي ايڊيٽر نثار منصور جو جنم ڏينهن آهي.
    8 اپريل 1970ع ليکڪ هدايت ڏيپر جو جنم ڏينهن آهي.
    8 اپريل 1981ع شاعر اشرف نظاماڻي جو جنم ڏينهن آهي.

    وڇوڙو:

    8 اپريل 1950ع سياستدان محمد پناهه خان ڊکڻ جو انتقال ٿيو.
    8 اپريل 1953ع پير عظيم شاهه نصرپوري جو لاڏاڻو ٿيو.
    8 اپريل 1980ع صوفي علي محمد ٽالپر لاڏاڻو ڪري ويو.
    8 اپريل 2007ع سياستدان مهرومل جڳواڻي ديهانت ڪري ويو.
    8 اپريل 2007ع گلوڪار اسد امانت علي خان دل جي دوري سبب لاڏاڻو ڪري ويو.
    8 اپريل 2011ع ناليوارو اداڪار حسين ساريو ڪراچي جي اسپتال ۾ وفات ڪري ويو.

    حواله:

    ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ
    روزانه ڪاوش
    انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا
    وڪيپيڊيا
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام

     
    آخري ترميم: ‏8 اپريل 2019
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    اداڪار حسين ساريو:

    عبدالحسين ساريو 1970ع ۾ باڊهه ڀرسان ڳوٺ گند شريف ۾ فقير عبدالغفور ساريو جي گهر ۾ اک کولي هن ابتدائي تعليم پنهنجي ڳوٺ مان حاصل ڪئي. بادشاهه هاءِ اسڪول مان ميٽرڪ پاس ڪرڻ بعد حيدر بخش جتوئي سائنس ڪاليج ڏوڪري مان انٽر پاس ڪرڻ بعد هن شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور مان ايم اي ڪامرس ڪئي. عبدالحسين ساريو هاءِ اسڪول واري دور ۾ اسٽيج ڊرامن جي شروعات ڪئي. سندس پهريون اسٽيج ڊرامو منزل هيو جنهن کي مقبوليت ڏني بعد ۾ هن سوين سنڌي، اسٽيج ناٽڪ ۽ ڊراما ڪيا. ڪيترين ئي ٽيلي فلمن ۽ خانگي ٽي وي چئنلز تي هلندڙ فلمن، سنڌي ۽ اردو ڊرامن ۾ اداڪاري جا جوهر ڏيکاريا. 8 اپريل 2011ع تي ڪينسر جهڙي موذي مرض سبب ڪراچي جي اسپتال ۾ سندس انتقال ٿيو.
    ____
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو