• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

مزور ڏينهن

رضوان علي جمالي

سينيئر رڪن
ڳاڙهيون اکيون ڪارا چَپ رنگ زرد آ شايد منهنجي قبيلي جو فرد آ

171699_68164816.jpg
 
چون ٿا مرڻ وارو ڪنهنجو پيء يا ڪنهن جو پٽ هو ان ڪري ان جو سوڳ ضروري آ...
پر کين اها خبر آهي ته ان سوڳ سان متاثر ٿيندڙ ڪيترا پيئر ۽ پٽ اهڙا به هوندا جن کي گهر جو چلهه تي چڙهيل خالي ڪنو ... ياد پوندي .. بغير گولي جي موت ايندو هوندو...​
400729_573199736035196_858707890_n.jpg
 
ايئر ڪنڊيشنڊ آفيس ۾ ويهي هڪ لعنت پنهنجي باس کي ۽ ٻي لعنت پنهنجي نوڪري کي ڏيندڙن منهنجي دوستن ڪڏهن سوچيو آ ته ٻاهر مزدوري ڪرڻ ڪيڏي ڏکي آهي...​
923096_572830382738798_581348500_n.jpg
 
جن جا هٿ چمڻ جهڙا، جن جي پگهر مان ترقيءَ جي خوشبو اچي ٿي، جن جي هلڻ سان منزلون آسان ٿين ٿيون، جن جي محنت سان عمارتون تيار ٿين، جن جي هٿن جي ڪمال سان رستا سڌا ٿي وڇن ٿا، جن جي تيز ساهن مان درياه، جبل، هوائون ۽ آسمان به انسان جي آڏو جهڪي پون ٿا ۽ انسان لاءِ رستا تيار ٿي وڇن ٿا ..... انسان ۾ محنت ڪشي نه هجي ها ته زندگي جهنگ جو ڏيک ڏيندي هجي ها ...​
انسان سڀني جاندارن کان جيڪڏهن عظيم آهي ته محنت جي ڪري آهي، جيڪڏهن انسان وٽ محنت نه هجي ته هوند انسان به حيوان ئي هجي ها.​
محنت ڄمڻ کان مرڻ تائين ... محنت بانبڙا پائي هلڻ جي ڪوشش کان وٺي چنڊ تائين رسائي حاصل ڪرڻ جي ... محنت هر شئي کي زبان سان پرکي ڏسڻ کان وٺي لذيذ کاڌن پچائڻ جي ... محنت ٻاتي ٻول ڳالهائڻ کانوٺي ذهن کي سرور پهچائيندڙ گيت ڳائڻ جي ...محنت پتڪڙن هٿن سان قلم کڻي دنيا کي بدلائي ڇڏڻ جهڙن ڪتابن لکڻ جي محنت بدصورت سماج کي سونهن جي رنگن سان سنوارڻ جي.​
سلام اي محنت ڪش انسان .... تنهنجي عظمت آڏو اسان سڀني جون ٽوپيون هٿن ۾​
 
هي سنڌ ديس آ يا شگاگو نئون
جو سڪي ئي نه ٿو پورهيتن جو پگهر ۔۔
(واجد)
______________________​
کستور نه ڪا مشڪ نه امبر ۾ ملي ٿي
پورهيت جي پگهر مان اها سرهاڻ اچي ٿي
استاد بخاري
557769_3778036407666_1163553512_n.jpg
 
Back
Top