چون ٿا مرڻ وارو ڪنهنجو پيء يا ڪنهن جو پٽ هو ان ڪري ان جو سوڳ ضروري آ...
پر کين اها خبر آهي ته ان سوڳ سان متاثر ٿيندڙ ڪيترا پيئر ۽ پٽ اهڙا به هوندا جن کي گهر جو چلهه تي چڙهيل خالي ڪنو ... ياد پوندي .. بغير گولي جي موت ايندو هوندو...
جن جا هٿ چمڻ جهڙا، جن جي پگهر مان ترقيءَ جي خوشبو اچي ٿي، جن جي هلڻ سان منزلون آسان ٿين ٿيون، جن جي محنت سان عمارتون تيار ٿين، جن جي هٿن جي ڪمال سان رستا سڌا ٿي وڇن ٿا، جن جي تيز ساهن مان درياه، جبل، هوائون ۽ آسمان به انسان جي آڏو جهڪي پون ٿا ۽ انسان لاءِ رستا تيار ٿي وڇن ٿا ..... انسان ۾ محنت ڪشي نه هجي ها ته زندگي جهنگ جو ڏيک ڏيندي هجي ها ...
انسان سڀني جاندارن کان جيڪڏهن عظيم آهي ته محنت جي ڪري آهي، جيڪڏهن انسان وٽ محنت نه هجي ته هوند انسان به حيوان ئي هجي ها.
محنت ڄمڻ کان مرڻ تائين ... محنت بانبڙا پائي هلڻ جي ڪوشش کان وٺي چنڊ تائين رسائي حاصل ڪرڻ جي ... محنت هر شئي کي زبان سان پرکي ڏسڻ کان وٺي لذيذ کاڌن پچائڻ جي ... محنت ٻاتي ٻول ڳالهائڻ کانوٺي ذهن کي سرور پهچائيندڙ گيت ڳائڻ جي ...محنت پتڪڙن هٿن سان قلم کڻي دنيا کي بدلائي ڇڏڻ جهڙن ڪتابن لکڻ جي محنت بدصورت سماج کي سونهن جي رنگن سان سنوارڻ جي.
سلام اي محنت ڪش انسان .... تنهنجي عظمت آڏو اسان سڀني جون ٽوپيون هٿن ۾