جواب: هڪ عجيب بيت
تــــحــقــيــق جي تـون ڀـري ، مـــٿـــي ريء کــڻــيــج
جا حاج هٿــن ريء نه ٿئي ، سا ٺونٺون ٿي ڪريج
هــــڪــــل حــــقـــيــقـــت جــي ، ٻــوڙو ٿي ٻــڌيج
انــڌو ٿـــي پـــسـيــج ، مـــشـــاهـــدو مــحــبـوب جو.
سر کاهوڙي بيت 16 داستان ٽيون ص 758
سائين قبلا سهڻي لطيف جي لفظن ۾ معنى جا بي پايان بحر سمايل هوندا آهن
منهنجي خيال ۾ اوهان جي دلچسپي سائين جي لفظن کي سمجهڻ ۾ اسان کان وڌيڪ آهي. ۽ اوهان کي اوهان جي دلچسپيء ۽ سمجهه جي باعث اسان کان وڌي سمجهه نصيب ٿئي ٿي.
اسان هڻندا آهيون ڌڪو ڪٿي لڳي ته واه نه ته ماشآء الله
سو منهنجي ناقص خيال ۾ ڪجهه هي مفهوم اچي ٿو ته
تــــحــقــيــق جي تـون ڀـري ، مــٿـــي ريء کــڻــيــج
سائين جن حقيقت معرفت وارن اصطلاحن کي سمجهائيندي بيان فرمايو آهي ته اگر تنهنجو مقصد آهي
يُرِيدُونَ وَجهَ اللهِ وَ اُولئِکَ هُمُ المُفلِحُونَ
سورة الروم 38 وارو
اگر حقيقت ۽ تحقيق جو طالب آهين ته اها ڀري عقل سان سمجهه کان ٻاهر آهي عقل جا هٿيار ڦٽا ڪر پوء
حقيقت جي ڪُن ۾ ڪاهي پوء ڇو ته الله جي ذات جي حقيقت ته سمجهڻ ۽ سمجهائڻ مشڪل آهي جو پاڻ فرمايو اٿس :
لَيسَ کَمِثلِه شَيء وَهُوَالسَمِيعُ البَصِيرُ
سورة شورى 11
جا حاج هٿن ريء نه ٿئي ، سا ٺونٺو ٿي ڪريج.
هي سٽ مون واري رسالي ۾ نظر نه ٿي اچي.
بهرحال انجو مفهوم ٿي سگهي ٿو ته اها حقيقت حواس خمسه کان بالا تر آهي ان کي سمجهڻ لاء پنهنجي عقل ۽ ظاهري طاقت کان خالي ٿي سمجهه.
هــــڪــــل حــــقـــيــقـــت جــي ، ٻــوڙو ٿي ٻڌيج
يعني اگر توتي حقيقت جو راز کلي پوي ته ٻوڙو ٿي دل ۾ هنڊاء واء واء نه ڪر ٻاهر ٻاڦور به نه ڪڍ جيئن ٻئي شعر ۾ سندن فرمان آهي ته
حقيقت هـن حال جي ، جــي ظــاهر ڪــــيان ذري ،
لـــڳــي مــــاٺ مـــروئــن کـــي ، ڏونــگــــر پــون ڏري ،
وڃــــن وڻ ٻــــري ، اوڀـــر اڀـــــري ڪــيــن ڪــــي
.
سر ڪوهياري 5_5
حــــقــيـــقت هڻي ، مــــنــهــنــجي جان جدا ڪئي ،
هــيــڪو پــساهه پـريــنء ري، ســگهــان تان نه کڻي ،
ڌڻـــــــــي ئــــــــي ڌڻــــي ، رهــــــــيــو آهــــــي روح ۾
سر آسا 3_6
حــــوصــلـو حــيــرت جــــو ، آهــي نــه مــٿــي عـام ،
ســنـدي مــحبت مام ، ڪــور پروڙي ڪين ڪي
سر آسا 3_30
حــــوصـــلــو حـــيــرت ۾ ، ڪــري ڪــيـن درڪ ،
جو حسن سندو حق ، سو ڪور پروڙي ڪين ڪي
سر آسا 3_27.
يا ظاهري ڪنن ۽ ظاهري اکين سان حقيقت کي سمجهڻ جي ڪوشش نه ڪر بلڪ اها ڪيفيت ڪنهن فيض واري جي سيني مان عڪس جي صورت ۾ حاصل ٿيندي آهي جيئن روشني جي جهلڪ ڪنهن شيشي جي ذريعي اندر ڪمري ۾ پهچائبي آهي ائين فيض وارو پنهنجي روحاني نظر سان ٻئي جي دل تي پنهني فيض جي پالوٽ ڪندو آهي.
ان ڪري اهي ظاهري حيلا ڇڏ
انــڌو ٿـــي پــسيــج ، مـــشـــاهـــدو مــحــبـوب جو.
ان ۾ به اهو اشارو آهي ته
اپٽيان ته انڌيون پوريان پرين پسن قرآن ۾ اهڙو اشارو آهي ته
لا تُدرِکُهُ الاَبصَارِ وَهُوَ يُدرِکُ الاَبصَارَ وَهُوَ اللَطِيفُ الخَبِيرُ سورة الانعام 103
اهڙو هڪ مشهور بزرگ جو به واقعو آهي ته مخدوم نوح رحمة الله عليه چيو ته مان الله کي ڏسان پيو مخدوم جعفر جيڪو وقت جو جيد عالم هو ان چيو ته اکيون بند ڪر هن اکيون بند ڪيون پڇيائنس ته هاڻي ٻڌاء چيائين هاڻي به ڏسان ٿو چيائين ته پوء ظاهري اکين سان ته ڪونه ٿو ڏسين ان تي مخدوم نوح چيو ته نه هجي جعفر ته نوح ٿئي ها ڪافر اها ٻڌل ڳالهه آهي والله اعلم حقيقت ڪيئن آهي پر مقصد ته قرآن جي ان آيت جي مطابق ته هن دنيا ۾ ظاهري اکين سان حق جو ديدار نه ٿو ٿي سگهي.
هن دنيا ۾ ظاهر اکين سان ديدار نا ممڪن آهي ان ڪري روحاني مشاهدي سان حقيقت جو مزو ماڻ ۽ اهو اکيون بند ڪرڻ سان ئي حاصل ٿيندو آهي.
وڌيڪ اوهان پنهنجي ڏات مان به اسان جي ڄاڻ ۾ اضافو ڪرڻ فرمائيندا جو اوهان کي الله تعالى سٺو فهم عطا ڪيو آهي.