ممتاز علي وگهيو
سينيئر رڪن
جواب: هڪ عجيب بيت
سائين ابڙا صاحب توهان جا لک لائق ۽ قرب جو مون کي لطيف جو پوئلڳ سڏيو آهي، ادا مان ته لطيف سائين جي پيرن جي مٽي آهيان، ۽ ادا توهان کي اهيو به ٻڌائيندو هلان ته سنڌ جي اهيا واحد مزار آهي ( شاه عبداللطيف جي مزار ) جتي مان پوري رات جاڳي ڪري ۽ لطيف جو اصلي صورت ۾ ڳايل شاه جو ڪلام اتي جي فقيرن کان ٻڌو آهي، ۽ مون کي اتي جيڪو سڪون ۽ ڪرار مليو هو ان کي ته مان بيان ڪري نه ٿو سگهان، مگر ادا مون کي ان ڳالهه جو تمام گهڻو ڏک ٿيو ته اتي ڀٽ شاه مزار وٽ به نه وڻندڙ ڪم پيا ٿين، جنهن لاء اسلام ۾ ۽ اسان جي معاشري ۾ سخت منع آهي، ڀاء ابڙا صاحب مولانه جلالالدين رومي رح ، امام غزالي رح، شاه عبدالطيف ڀٽائي رح ۽ اهي ٻيا تمام بزرگ جن دين اسلام جي محبت ۽ خلوص واري انداز ۾ تشريح ڪئي آهي، ماڻهن ۾ محبت، پيار پيدا ڪيو ۽ پاڻ سان به سچا هئا ته ٻين سان به سچا رهيا، (جنهن لاء شاه صاحب پڻ خوب فرمايو آهي، ته (ٻري جن ٻاري، آء نه جيئندس ان ري، ) اهي سڀ منهنجا روحاني مرشد آهن،
۔ ڀاء اهيا سڀ محبت ۽ خلوص جي پريت آهي جنهن لاء پڻ اهيو بيت شاه صاحب چيو آهي جيڪو توهان پڻ مٿي ڏنو آهي۔(محبت پائي من ۾، رنڊا روڙيا جـن،”” تن جو صرافن، اڻ توريو ئي اگهايو۔ ) ورنه ظاهري ( ڏيکاء ڪندڙ ) سٺو عمل ڪرڻ وارا ته توهان کي تمام گهڻا ملندا مگر انهن ۾ اهو خلوص ۽ اها چاهت، محبت سچائي ڪانهي، جنهن لاء پڻ شاه صاحب هيئن چيو آهي
تون ڪا ڪاني پا، ونن ۾ وصال جي،
دوبينــــائي دور ڪري، معرفت ملهـــــا،
سپريان جي سونهن ۾، رخنو ڪون رها،
اک اشهــــد چــــا، ته مسلمانـــي ماڻيــن۔
مٺڙا ممتاز سائين!
تمام سٺو لکيو آهي اوهان، بيشڪ اوهان لطيف جي پوئلڳ جي هجڻ جا فرض نڀايو پيا، اوهان جيڪا لطيف جي فڪر کي سمجهڻ ۽ سمجهائڻ جي روش رکي آهي ۔۔۔ اميد ته اوهانجا ٻيڙا پار ٿي ويندا۔
محبت پائي من ۾، رنڊا روڙيا جـن،
تن جو صرافن، اڻ توريو ئي اگهايو۔
سائين ابڙا صاحب توهان جا لک لائق ۽ قرب جو مون کي لطيف جو پوئلڳ سڏيو آهي، ادا مان ته لطيف سائين جي پيرن جي مٽي آهيان، ۽ ادا توهان کي اهيو به ٻڌائيندو هلان ته سنڌ جي اهيا واحد مزار آهي ( شاه عبداللطيف جي مزار ) جتي مان پوري رات جاڳي ڪري ۽ لطيف جو اصلي صورت ۾ ڳايل شاه جو ڪلام اتي جي فقيرن کان ٻڌو آهي، ۽ مون کي اتي جيڪو سڪون ۽ ڪرار مليو هو ان کي ته مان بيان ڪري نه ٿو سگهان، مگر ادا مون کي ان ڳالهه جو تمام گهڻو ڏک ٿيو ته اتي ڀٽ شاه مزار وٽ به نه وڻندڙ ڪم پيا ٿين، جنهن لاء اسلام ۾ ۽ اسان جي معاشري ۾ سخت منع آهي، ڀاء ابڙا صاحب مولانه جلالالدين رومي رح ، امام غزالي رح، شاه عبدالطيف ڀٽائي رح ۽ اهي ٻيا تمام بزرگ جن دين اسلام جي محبت ۽ خلوص واري انداز ۾ تشريح ڪئي آهي، ماڻهن ۾ محبت، پيار پيدا ڪيو ۽ پاڻ سان به سچا هئا ته ٻين سان به سچا رهيا، (جنهن لاء شاه صاحب پڻ خوب فرمايو آهي، ته (ٻري جن ٻاري، آء نه جيئندس ان ري، ) اهي سڀ منهنجا روحاني مرشد آهن،
۔ ڀاء اهيا سڀ محبت ۽ خلوص جي پريت آهي جنهن لاء پڻ اهيو بيت شاه صاحب چيو آهي جيڪو توهان پڻ مٿي ڏنو آهي۔(محبت پائي من ۾، رنڊا روڙيا جـن،”” تن جو صرافن، اڻ توريو ئي اگهايو۔ ) ورنه ظاهري ( ڏيکاء ڪندڙ ) سٺو عمل ڪرڻ وارا ته توهان کي تمام گهڻا ملندا مگر انهن ۾ اهو خلوص ۽ اها چاهت، محبت سچائي ڪانهي، جنهن لاء پڻ شاه صاحب هيئن چيو آهي
چائت پائي چت ۾ سنهو ڪتيو جن
تن جو صرافن، دڪوئي داخل نه ڪيو