• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

رشوت ختم ڪريو!

نثارابڙو

نائب منتظم
اچو ته هڪ اهم فرض نڀايون
قوم جي دشمن، ظالم ڪامورن کي وائکو ڪري قومي فرض ۽ جهادي فرض ادا ڪريون.
ياد رکو! هي جيڪي سنڌي سماج ۾ براين جا ڍير نظر اچن ٿا، انجو وڏو سبب رشوت ۽ اقربا پروري پڻ آهي.​
293075_10151602540608948_622549626_n.jpg
اچو ته جهاد شروع ڪريون، هر دوست پنهنجي علائقي مان اهڙي ئي رشوت خور ظالم ڪامور نکي وائکو ڪري ته جيئن سماج ۾ ان لعنت جي خاتمي ڪرڻ ۾ ڪردار ادا ٿي سگهي.
اميد ته سنڌ دوست اهو فرض ضرور نڀائيندا
++++++++++++
اڄ مونکي هڪ سنڌ سڄڻ هيٺيون ليک موڪليو آهي، جيڪو آءُ ونڊ ڪريانٿو.
کپرو جي مختيارڪار آفيس ۽ ان جا ڪرتوت
!!
کپرو مختيار ڪار آفيس ۾ رشوت جو بازار گرم ٿي ويو. هر جائز ڪم تي هزارين روپيا رشوت مقرر پيسا نه ڏيندڙ کاتيدارن کي پريشاني کانسواءِ ڪجهه هٿ نه آيو. مختيار کپرو عبدالطيف عباسي کاٽائو پٽن سپروائزر تپيدارن ذوالفقار جٽ،محمد ايوب وساڻ، ۽ ٻين تپيدارن تعلقه کپرو جا ڪيتراءِ کاتا ڦير ڦار ڪري ڪک پتي مان لک پتي بڻجي ويا.
تازو آيل مختيارڪار کپرو عبدالطيف عباسي کاتيدارن جا جائز ڪم بنا پئسن جي ڪم ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. مختلف ڪمن تي الڳ الڳ ريٽ مقرر ڪيا ويا آهن. تعلقه فارم جي نقل ڪاپي تي ٽي هزار روپيا، داخلا جا 4000 هزار روپيا في ايڪڙ، في پلاٽ ٽي هزار روپيا، سالوينسي سرٽيفيڪٽ جا ٽي هزار کان پنج هزار روپيا وارثي سرٽيفيڪٽ، انڪم سرٽيفيڪٽ جا هڪ هزار روپيا زرعي پاس بڪ ٺاهڻ جا پنج هزار روپيا گروي لاهڻ گروي چاڙهڻ جا الڳ الڳ ريٽ مقرر ڪري کپرو واسين کي ٻٽي آزار ۾ متبلا ڪري ڇڏيو آهي.
جڏهن ته يوسي هٿونگو ۽ يوسي ڍليار کي جي ريڪارڊ کي گم ڄاڻائي ٻيهر ريڪارڊ تي چاڙهڻ جي بهاني هزارين روپيا اوڳاڻي ڪري رهيا آهن. جڏهن ته سياسي اثر رسوخ نه رکندڙ کاتيدارن جي کاتن ۾ هٿن سان اور رائٽنگ ڪري کي پريشان ڪري کائنس هزارين روپيا رشوت طلب ڪئي پئي وڃي. جڏهن جائز ڪم وٺڻ لاءِ ايندڙ ماڻهن کي پئسا نه ڏيڻ جي ڪري سندن ريڪارڊ ۾ هٿ چراند ڪري البو ريڪارڊ کي خراب ڪيو ٿو وڃي ۽ ان کي آفيس جا چڪر ڪاٽرائي بيزار ڪري مجبورن کائسن پئسا ورتا وڃن ٿا. جڏهن ته سروي موجب کپرو جو مختيارڪار ۽ سروائيز تپيدار ۽ ٻين ديهن جي تپيدارن تي منٿليون مقرر ڪيل آهن. جيڪو ڳري منٿيل ادا ڪندو اهڙن تپيدارن کي سڙڀيون ۽ ڪمائي واريون ديهون ڏنيون وينديون آهن.
جڏهن ته زرعي ٽيڪس جي مد ۾ وصولي 30 سيڪڙو کان به گهٽ کي 100 سيڪڙو ڏيکاري باقي زرعي زمينن کي غير آباد ڄاڻائي سرڪاري لکين روپيا پڻ هڙپ ڪيا ويندا آهن. جڏهن ته گذريل 6 مهينن ۾ 4 مختيارڪار بدلي ۽ مقرر ڪيا ويا آهن. ذريعن مان اها ڄاڻ پڻ ملي آهي ته کپرو روينيو آفيس ۾ ريڪارڊ ۾ ڦير ڦار هجڻ ڪري ڪوبه مختيارڪار چارج وٺڻ لاءِ تيار نه هو. ٻئي پاسي ڪوبه کاتيدار جائز ڪم نه ٿيڻ جي شڪايت بالا آفيسرن کي پڻ لکت ۾ ڪيون آهن مگر انهن جا ڪم ٿيڻ جي بدران انهن جي ريڪارڊ سان هٿ چراند ڪئي پئي وڃي.
جڏهن ته کپرو جي ديهه جي سپروائز تپيدار ذوالفقار کپرو جا سمورا سرڪاري پلاٽ پراڻي تاريخن ۾ ڏيکاري بئراج مختيار مان کڻت ۽ بعد ۾ سيل سرٽيفيڪٽ ۽ وڪرو ڄاڻائي نئي کاتيدارن کي سندن نالن تي پئسا عيوض ڏنو ويو آهي. کپرو ۾ 3 ايڪڙن تي مشتمل گندو تلاهه، ٿاڻو گرائونڊ جا 4 ايڪڙ، مختيارڪار جو پراڻو بنگلو، سبزي منڊي جا 8 ايڪڙ جيڪي سرعام کاتا ڪيا ويا آهن ان سان گڏو گڏ ڳجهه ڳوهه ۾ ڪيتراءِ سرڪاري پلاٽ سرڪاري زرعي ايريگيشن جو زمينون، پراڻا ڀڏا، کپرو جا قبرستان، اوقاف کاتي جون زمينون پڻ وڪرو ڄاڻايل سياسي توڙي بااثرن کي وڪرو ڏيکاري عوام جي حقن تي ڌاڙو هنيو ويو آهي.
ٻئي پاسي روينيو کاتي ۾ اهو به انڪشاف ٿيو آهي ته ڪيترن ئي زميندارن جي ڪوڙن فرضي نالن تي پاس بڪ جاري ڪري زرعي قرض پڻ کنيا ويا آهن. جڏهن ته سالن کان کپرو جي هڪ پوسٽ تي رهندڙ ذوالفقار جٽ ڪک پتي مان لک پتي بڻجي ويو آهي. ان خلاف ڪيتريون ئي شڪايتون ڪرڻ باجود ڪابه ڪارروائي نه ٿي آهي. ٻيئ پاسي کپرو جي لينڊ مافيا ۽ روينيو جي عملي خلاف سڃاڻ ڌرين، اڪبر مري، حيات سميجو، عبدالرحيم بلوچ، سعيد مڪراني، عبدالمجيد خان ۽ ٻين شهرين اعليٰ عملدارن کان مطالبو ڪيو آهي ته کپرو جي روينيو آفيسرن خلاف فوجداري قانوني تحت ڪارروائي ڪري سرڪاري زمين تي قبضه ختم ڪرايا وڃن ۽ هلندڙ رشوت جو بازار ختم ڪري عوام جي جائز مسئلا جلد حل ڪرڻ لاءِ جوڳا اپاءَ ورتا وڃن ٻي صورت ۾ احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي.
 
هي مرض اهڙو آهي جيڪو حڪمرانن کي ملندڙ گارين ۽ بد دعائن وارو حق حڪمرانن کان کسي رشوتين کي ڏيندو ٿو وڃي.
جيستائين اهو مرض موجود آهي معيار ۽ تبديلي جو ڪو چانس ڪونهي.
هڪ پُل مان 10 سيڪڙو رشوت وٺي 4 ڀائيوار ٿين ٿا ته کين ڪو ٻه اڍئي لک حصي ۾ اچن ٿا جيڪي سندس اوباش ٻار وڃي ٻن ڏينهن ۾ کپايو اچن پر ڪيترن هزارن ٻارن جي انهي پُل تان گذرڻ جو رسڪي ٿي وڃڻ ۽ پُل جو جلدي ٽُٽي پوڻ ۽ ماڻهن لاءِ مسئلو ٿيڻ تي سمجهوتو صرف پنهنجي ٻن ٻارن جي هڪ ٻه شاپنگ تي.
ڪيڏي افسوس جي ڳالهه آهي. ڏسجي ته سڄو ڏينهن پگهر وهائي شام جو ٻه چار سؤ ڪمائي ايندڙ جا ٻار به بُکيا نه ٿا سُمهن پر وڏين وڏين پگهارن مان سندن گهر ته هلي به وڃي پر لالچ جو بکيو پيٽ انهي حرام جي ڪمائي کان سواءِ ڀرجي ئي نه ٿو.
۽ چار چڱا اهڙ سڻڀي کاتي ۾ اهو ڪم نه ٿا ڪن ته کين ناڪام يا بيوقوف سمجهيو وڃي ٿو۔
 
ان ۾ ڪو به شڪ ناهي ته رشوت تمام وڏي برائي سان گڏ وڏو ظلم به آهي ڇو ته ان سان مستحق جي حق تلفي به ٿئي ٿي۔۔ سنڌ ۾ صرف هڪ برائي ڪانهي، پر ايئن چئجي ته هر برائي آهي۔۔ ۽ هر برائي جو سڌي يا اڻ سڌي طرح علم جي گهٽتائي سان تعلق آهي۔۔
جيڪڏهن فرض نڀائڻ جو احساس جاڳيو ئي آهي ته پوء ڇو نه بنيادي مسئلي کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪجي۔۔ جتي تعليم جو ٻيڙو ٻڏو پيو هجي اتي ڪهڙي تعليمي قابليت جنم وٺندي۔۔ قابليت جي عدم موجودگي رشوت جي دروازا کوليندي آهي۔۔ جيڪو رشوت ڏئي ڪنهن عهدي تي فائز ٿيندو ان کان انصاف جي اميد ڪرڻ ڪهڙي دانشمندي آهي؟
ائين ڇو نه ٿو ٿي سگهي ته سنڌ جي استادن جي اصلاح ۽ تربيت لاء ڪوشش ڪري سگهجي۔۔ درسگاهن کي فعال ۽ درست ڇو نه ٿو ڪري سگهجي؟ سنڌ جي اسڪولن ۽ ڪاليجن جي سنڌي معلمن کي آماده ڪرڻ ۾ ڪهڙي قوت رڪاوٽ آهي؟ سنڌ جي دردن جا راڳ ڳائيندڙ سياستدان ڪڏهن به ان طرف توجهه ڇو نه ٿا ڏين۔۔ امتحان ۾ نقل جهڙي بيماري کي برائي به نه ٿو سمجهيو وڃي۔۔ جيڪڏهن سنڌ ۾ ڪاپي روڪي وڃي ته ان سان سنڌ جو ڀلو ڇو نه ٿيندو؟؟ نقل ته تڏهن ختم ٿيندو جڏهن پڙهائي ۽ تياري بهتر هجي، اها تياري اسان جا سنڌي استاد ئي ڪندا نه ڪي ڌاريا ، ڌارين تي لعنت ڪرڻ سان اڄ تائين ڪا به تربيت ڪونه ٿي آهي۔۔

فرض ئي نڀاڻو آهي ته پنهنجي ويجهي اسڪول ۾ وڃي استادن سان ملاقات ڪريو، ان کي منٿ ۽ ايلاز ڪريو۔۔ درسگاهن مان ئي معاشري ۾ تعليم يافته فردن جو اضافو ٿيندو۔۔ رشوت سان گڏ ٻيون برائيون به آهسته آهسته ختم ٿينديون۔۔

ننڍڙو سچ چوان؟
انڌير نگري جو ننڍڙو مثال ۔۔ پري ڇو وڃون، صرف سنڌ سلامت تي ئي نظر وجهڻ سان خبر پوندي ته مون سميت تمام گهڻا ميمبر آهن جن کي ٻيو ته ٺهيو پر سنڌي لکڻ به ڪو نه ٿي اچي۔۔ ٻن جملن جي تحرير ۾ ايتريون ته چُڪون هونديون آهن جيڪڏهن پراڻي زماني جي استاد جي ور چڙهي وڃون ته هٿ ۽ ڪَن ڳاڙها هجن۔۔ اچو ته اهو پراڻو استاد ڳوليون يا جيڪڏهن ممڪن هجي ته پاڻ بڻجڻ جي ڪوشش ڪريون۔۔
 
سنڌ جي تپيداري وارن کاتن ۾ ته صفا انڌير نگري لڳي پئي آهي۔۔۔ڪير به پڇا ڪرڻ وارو ڪونهي، اثر وارا ته رشوت ڏيون هير ڦير ڪرائي ڪم ٽپايون ٿا وڃن۔۔پر غريب ويچارا در بدري جو شڪار آهن۔ شرم جو مقام آهي پر ڪنهن کي شرم اچي ئي نه ٿو۔
 
روينيو کاتي سان گڏ ڪيترائي کاتا صفا چوٽ تي چڙهيل آهن، ڪو داد فرياد ناهي ۔۔۔۔۔ پوء به ڪوشش ڪجي ته ڪا نواڻ ۽ بهتري اچي سگهي ٿي۔
 
Back
Top