نثارابڙو
نائب منتظم
اچو ته هڪ اهم فرض نڀايون
قوم جي دشمن، ظالم ڪامورن کي وائکو ڪري قومي فرض ۽ جهادي فرض ادا ڪريون.
ياد رکو! هي جيڪي سنڌي سماج ۾ براين جا ڍير نظر اچن ٿا، انجو وڏو سبب رشوت ۽ اقربا پروري پڻ آهي.

اچو ته جهاد شروع ڪريون، هر دوست پنهنجي علائقي مان اهڙي ئي رشوت خور ظالم ڪامور نکي وائکو ڪري ته جيئن سماج ۾ ان لعنت جي خاتمي ڪرڻ ۾ ڪردار ادا ٿي سگهي.
اميد ته سنڌ دوست اهو فرض ضرور نڀائيندا
++++++++++++
اڄ مونکي هڪ سنڌ سڄڻ هيٺيون ليک موڪليو آهي، جيڪو آءُ ونڊ ڪريانٿو.
کپرو جي مختيارڪار آفيس ۽ ان جا ڪرتوت
!!
کپرو مختيار ڪار آفيس ۾ رشوت جو بازار گرم ٿي ويو. هر جائز ڪم تي هزارين روپيا رشوت مقرر پيسا نه ڏيندڙ کاتيدارن کي پريشاني کانسواءِ ڪجهه هٿ نه آيو. مختيار کپرو عبدالطيف عباسي کاٽائو پٽن سپروائزر تپيدارن ذوالفقار جٽ،محمد ايوب وساڻ، ۽ ٻين تپيدارن تعلقه کپرو جا ڪيتراءِ کاتا ڦير ڦار ڪري ڪک پتي مان لک پتي بڻجي ويا.
تازو آيل مختيارڪار کپرو عبدالطيف عباسي کاتيدارن جا جائز ڪم بنا پئسن جي ڪم ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. مختلف ڪمن تي الڳ الڳ ريٽ مقرر ڪيا ويا آهن. تعلقه فارم جي نقل ڪاپي تي ٽي هزار روپيا، داخلا جا 4000 هزار روپيا في ايڪڙ، في پلاٽ ٽي هزار روپيا، سالوينسي سرٽيفيڪٽ جا ٽي هزار کان پنج هزار روپيا وارثي سرٽيفيڪٽ، انڪم سرٽيفيڪٽ جا هڪ هزار روپيا زرعي پاس بڪ ٺاهڻ جا پنج هزار روپيا گروي لاهڻ گروي چاڙهڻ جا الڳ الڳ ريٽ مقرر ڪري کپرو واسين کي ٻٽي آزار ۾ متبلا ڪري ڇڏيو آهي.
جڏهن ته يوسي هٿونگو ۽ يوسي ڍليار کي جي ريڪارڊ کي گم ڄاڻائي ٻيهر ريڪارڊ تي چاڙهڻ جي بهاني هزارين روپيا اوڳاڻي ڪري رهيا آهن. جڏهن ته سياسي اثر رسوخ نه رکندڙ کاتيدارن جي کاتن ۾ هٿن سان اور رائٽنگ ڪري کي پريشان ڪري کائنس هزارين روپيا رشوت طلب ڪئي پئي وڃي. جڏهن جائز ڪم وٺڻ لاءِ ايندڙ ماڻهن کي پئسا نه ڏيڻ جي ڪري سندن ريڪارڊ ۾ هٿ چراند ڪري البو ريڪارڊ کي خراب ڪيو ٿو وڃي ۽ ان کي آفيس جا چڪر ڪاٽرائي بيزار ڪري مجبورن کائسن پئسا ورتا وڃن ٿا. جڏهن ته سروي موجب کپرو جو مختيارڪار ۽ سروائيز تپيدار ۽ ٻين ديهن جي تپيدارن تي منٿليون مقرر ڪيل آهن. جيڪو ڳري منٿيل ادا ڪندو اهڙن تپيدارن کي سڙڀيون ۽ ڪمائي واريون ديهون ڏنيون وينديون آهن.
جڏهن ته زرعي ٽيڪس جي مد ۾ وصولي 30 سيڪڙو کان به گهٽ کي 100 سيڪڙو ڏيکاري باقي زرعي زمينن کي غير آباد ڄاڻائي سرڪاري لکين روپيا پڻ هڙپ ڪيا ويندا آهن. جڏهن ته گذريل 6 مهينن ۾ 4 مختيارڪار بدلي ۽ مقرر ڪيا ويا آهن. ذريعن مان اها ڄاڻ پڻ ملي آهي ته کپرو روينيو آفيس ۾ ريڪارڊ ۾ ڦير ڦار هجڻ ڪري ڪوبه مختيارڪار چارج وٺڻ لاءِ تيار نه هو. ٻئي پاسي ڪوبه کاتيدار جائز ڪم نه ٿيڻ جي شڪايت بالا آفيسرن کي پڻ لکت ۾ ڪيون آهن مگر انهن جا ڪم ٿيڻ جي بدران انهن جي ريڪارڊ سان هٿ چراند ڪئي پئي وڃي.
جڏهن ته کپرو جي ديهه جي سپروائز تپيدار ذوالفقار کپرو جا سمورا سرڪاري پلاٽ پراڻي تاريخن ۾ ڏيکاري بئراج مختيار مان کڻت ۽ بعد ۾ سيل سرٽيفيڪٽ ۽ وڪرو ڄاڻائي نئي کاتيدارن کي سندن نالن تي پئسا عيوض ڏنو ويو آهي. کپرو ۾ 3 ايڪڙن تي مشتمل گندو تلاهه، ٿاڻو گرائونڊ جا 4 ايڪڙ، مختيارڪار جو پراڻو بنگلو، سبزي منڊي جا 8 ايڪڙ جيڪي سرعام کاتا ڪيا ويا آهن ان سان گڏو گڏ ڳجهه ڳوهه ۾ ڪيتراءِ سرڪاري پلاٽ سرڪاري زرعي ايريگيشن جو زمينون، پراڻا ڀڏا، کپرو جا قبرستان، اوقاف کاتي جون زمينون پڻ وڪرو ڄاڻايل سياسي توڙي بااثرن کي وڪرو ڏيکاري عوام جي حقن تي ڌاڙو هنيو ويو آهي.
ٻئي پاسي روينيو کاتي ۾ اهو به انڪشاف ٿيو آهي ته ڪيترن ئي زميندارن جي ڪوڙن فرضي نالن تي پاس بڪ جاري ڪري زرعي قرض پڻ کنيا ويا آهن. جڏهن ته سالن کان کپرو جي هڪ پوسٽ تي رهندڙ ذوالفقار جٽ ڪک پتي مان لک پتي بڻجي ويو آهي. ان خلاف ڪيتريون ئي شڪايتون ڪرڻ باجود ڪابه ڪارروائي نه ٿي آهي. ٻيئ پاسي کپرو جي لينڊ مافيا ۽ روينيو جي عملي خلاف سڃاڻ ڌرين، اڪبر مري، حيات سميجو، عبدالرحيم بلوچ، سعيد مڪراني، عبدالمجيد خان ۽ ٻين شهرين اعليٰ عملدارن کان مطالبو ڪيو آهي ته کپرو جي روينيو آفيسرن خلاف فوجداري قانوني تحت ڪارروائي ڪري سرڪاري زمين تي قبضه ختم ڪرايا وڃن ۽ هلندڙ رشوت جو بازار ختم ڪري عوام جي جائز مسئلا جلد حل ڪرڻ لاءِ جوڳا اپاءَ ورتا وڃن ٻي صورت ۾ احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي.