اسان جون دعائون ۽ نيڪ تمنائون توهان لاءِ آهن۔ قرب ٿيندا جي اهڙي ڪنهن فونٽ کي سنڌي فونٽن جي ذخيري ۾ شامل ڪريو۔۔۔پهريائين ته سمورن دوستن کي مبارڪون!
انتهائي خوشي جي ڳالهه آهي جو اهڙي ايڪسٽينشن ۽ ايڊان هاڻي سنڌي ٻولي جي واسطي موجود آهي۔ تمام بهترين محسوس ٿئي ٿو ته اسين مختلف لکتن کي صحيح فونٽس سان گڏ آساني سان پڙهي سگهنداسين۔
الله سائين مونکي توفيق ڏي ته فائر فوڪس ايڊان لا موزون سنڌي، اردو فونٽ تيار ڪري سگهجي جيڪو موجود فونٽ کان وڌيڪ بهتر ۽ پرڪشش هجي۔۔
وري به منتظم سميت تمام سٿ خاص طور تي سموري سنڌ کي گهڻي کان گهڻيون مبارڪون
سنڌ سلامت ساٿ سلامت
ٻه ڏينهن اڳ فيس بوڪ تي پڻ ان سلسلي ۾ ڪجهه بحث نڪتو هو پر يا ته ڪم گهڻو آهي ۽ وقت گهٽ ان ڪري دوست محنت کان لنوائن ٿا يا وري مان کين ڳالهه سمجهائي نه سگهيس۔۔۔
خير توهان جي اڳڀرائي جو انتظار رهندو۔۔۔