سهڻي پارس
سينيئر رڪن
ڪجهه لفظ جهڙوڪ: هڪ لمحو اڳ کي( ڪجهه گهڙيون اڳ)لکجي ته ٺيڪ ٿيندو..... ۽ ليکڪن جي لکڻين ۾ به انهن لفظن تي ڳاڙهو نشان لڳائي کين لفظن کي ٺيڪ ڪرڻ جي صلاح ڏني ويندي ته نوان ليکڪ اڃان وڌيڪ سٺو لکي ۽ سمجهي سگهندا ۽ پنهنجي ٻولي سان به سندن ويجهڙائي ٿيندي.
2010 جي ڳالهه آ جڏهن ڪمپيوٽر استعمال ڪرڻ جو رجحان وڌيو ان جو هڪ سبب ڪمپيوٽر جو ڏينهون ڏينهون سستو ٿيڻ پڻ آهي۔ شروع شروع ۾ ڪمپيوٽر ٻارن جي گيمز ۽ شاگردن جي تعليم لاءِ استعمال ٿيڻ لڳو پر پوءِ پي ٽي سي ايل جي تيز رفتار انٽرنيٽ جي اچڻ سان ننڍن سان گڏ وڏن پڻ ڪمپيوٽر تي ويهڻ جي عادت بڻائي۔ جنهن کان پوءِ سوشل نيٽ ورڪنگ وڌڻ لڳي، فيس بوڪ ۽ ٽويٽر جا پروفائيل ڌڙا ڌڙ ٺهڻ لڳا۔
ماڻهن جو رجحان سوشل نيٽ ورڪنگ ڏانهن ڏسي گوگل ۽ مائڪروسافٽ جهڙين ڪمپنين پڻ پنهنجا پنهنجا سوشل نيٽ ورڪ لانچ ڪيا۔ هوڏانهن ملڪ ۾ نت نون قسمن جي موبائيلز جي ريل پيل به وڌي ۽ اهي ماڻهون جيڪي پنهنجي ڪچي ڦڪي انگريزي ڪري ميسيجز رومن ۾ لکندا هئا تن پڻ پنهنجا فيس بوڪ پروفائيل جوڙڻ شروع ڪيا۔ جنهن کان پوءِ هيڏانهن هوڏانهن انگريزي جي مڪالمن کي ڪاپي پيسٽ ڪري اسٽيٽس اپڊيٽ ڪرڻ بجاءِ رومن اردو ۽ پوءِ رومن سنڌي ۾ اسٽيٽس اپڊيٽ ٿيڻ لڳا۔
جيتوڻيڪ شروع ۾ فيس بوڪ تي سنڌي لکائي سان اسٽيٽس اپڊيٽ ڪندڙ تمام گهٽ هئا پر ان هوندي به انهن اميدون نه لاٿيون۔ سنڌ سلامت طرفان پڻ فورم انتظاميه کي فيس بوڪ تي موڪليو ويو ته جئين اتي موجود سنڌين کي سنڌيءَ ۾ لکڻ تي مجبور ڪيو وڃي۔ نتيجا خاطر خواه نڪتا ۽ هن وقت فيس بوڪ تي رومن اردو يا رومن سنڌي ۾ لکڻ کي ناپسند ڪيو پيو وڃي۔ خود رومن لکائي لکندڙ پڻ ان ڳالهه کي سٺو نه پيو سمجهي۔
ان ڳالهه کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ لاءِ منهنجي خواهش هوندي هئي ته فيس بوڪ ۽ ٽويٽر سميت گوگل تي موجود مواد کي ڊيفالٽ فونٽ بجاءِ سنڌي فونٽ سان سينگاريو وڃي۔ ۽ هاڻي جڏهن انهن پليٽ فارمس تي سنڌي مواد جو اضافو ٿي رهيو آهي۔ ان خواهش ۾ شدت اچڻ لڳي۔
آخر ڪجهه ڏينهن جي جستجو کان پوءِ آخر جاوا ڪوڊنگ جي مدد سان هڪ اهڙو اسڪرپٽ تيار ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويس جنهن ذريعي مختلف ويب سائيٽس تي پنهنجي پسند جا فونٽ ڏيکاري ٿي سگهيا۔ ان سلسلي ۾ پهريون تجربو مون فيس بوڪ تي ڪيو ۽ نتيجا ڀرپور مليا پر جيئن ته فيس بوڪ ڪو خالص سنڌي سوشل نيٽ ورڪ نه آهي ان ڪري ان تي موجود انگريزي ۽ اردو لکائي جا فونٽ پڻ سنڌي فونٽس ۾ تبديل ٿي ويا نتيجتن ٻين ٻولين ۾ لکيل مواد کي پڙهڻ ڏکيو لڳو۔۔ جلد ان جو به مون حل ڳولي ورتو ۽ اسڪرپٽ ۾ اها ڪنڊيشن لڳائي ته سنڌي فونٽ رڳو ساڄي کان کاٻي لکندڙ ٻولي تي اپلائي ٿئي ۽ ٿوري جستجو کان پوءِ سڪرپٽ ڪوڊنگ ڪاميابي ملي اهڙي طرح فيس بوڪ تي موجود سنڌي لکائي جو نظارو منهنجي خواهش مطابق نظر اچڻ لڳو ۽ پورو فيس بوڪ جهڙوڪ سنڌي سوشل نيٽورڪ لڳڻ لڳو۔
جيڪو هڪ ئي وقت سنڌي لکائي کي سائينعبدالماجد ڀرڳڙيجي تيار ڪيل فونٽ ايم بي لطيفي جڏهن ته اردو لکائي کي جميل نوري نستليق سان ظاهر ڪرڻ لڳو۔ اهي فونٽ هونء ته اسٽيٽس اپڊيٽ کان وٺي ڪمينٽس تائين سٺو ڏيک ڏيکارڻ لڳا پر انسٽنٽ يا فل چيٽ تي سائيز ۾ بلڪل ننڍا نظر اچڻ لڳا جنهن جو حل اهو ڪڍيو جو ٻنهي قسمن جي چيٽ ۽ ايڊيٽر باڪسز تان سنڌي لکائي ڏيک کي هٽايو ويو۔
اهڙي طرح هن جڏهن محترم عبيدالله ٿهيم جي تازو تيار ڪيل SSRead فونٽ کي مناسب سائيزسان رکيو ويو ته ڪمال اسڪرپٽ تيار ٿي پيو.. جيڪو هڪ ئي وقت سنڌي اردو انگريزي ۽ عربي لکائي کي درست طريقي سان ظاهر ڪرڻ لڳو...
فيس بوڪ تي ڪامياب تجربي کي نظر ۾ رکندي ٽويئٽر ۽ گوگل تي پڻ تجربن کي ڪامياب بڻايو ويو ۽ ڏسندي ڏسندي گوگل ڳولا، گوگل پلس، گوگل ريڊر، ٽويئٽر ۽ فيس بوڪ کي جهڙوڪ سنڌي بڻايو ويو۔ آخرڪار هن سڪرپٽ جي خوبين ۽ خامين کي پرکڻ کان پوءِ سنڌ سلامت طرفان سنڌ سلامت سرچ (SSSearch) پروجيڪٽ کان پوءِ هن سڪرپٽ کي سنڌ سلامت ريڊ (SSRead) جي نالي سان رليز ڪجي ٿو۔ ته دوستو حاضر آهن هن اسڪرپٽ اپلائي ٿيڻ کانپوءِ منظرنامي جون ڪجهه اسڪرين جهلڪيون۔
فيسبوڪ تي سنڌي لکائي جو ڏيک
![]()
فيسبوڪ تي اردولکائي جو ڏيک
![]()
گوگل ڳولا تي سنڌي لکائي جو ڏيک
![]()
گوگل ڳولا تي اردو لکائي جو ڏيک
![]()
گوگل پلس تي سنڌي لکائي جو ڏيک
![]()
گوگل پلس تي اردو لکائي جو ڏيک
![]()
ٽويئٽر تي سنڌي ۽ اردو لکائي جو ڏيک
![]()
گوگل ڪروم برائوزر لاءِ انسٽاليشن جو طريقي ڪار
- انسٽاليشن کان اڳ ان ڳالهه جي تصديق ڪريو ته توهان جي ڪمپيوٽر ۾ SSRead فونٽ انسٽال ٿيل آهي۔ نه هجڻ جي صورت ۾ هتي ڪلڪ ڪري فونٽ ڊائونلوڊ ڪري انسٽال ڪريو۔
- هاڻي هتي ڪلڪ ڪري گوگل ويب اسٽور تان سنڌ سلامت طرفان تيار ڪيل ايڪٽينشن انسٽال ڪريو ۽ برائوزر ريسٽارٽ ڪريو يا ويب پيج ريفريش ڪريو۔