• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

تصويري ٽوٽڪا ۽ حڪايتون

jbaynUbNM5RpG0.jpg

ڪتاب تهذيب جا نمائندا آهن، ڪتابن کانسواءِ تاريخ خاموش آهي، ادب گونگو آهي، سائنس معذور آهي، سوچ ۽ فڪر هڪ جاءِ تي بيٺل آهن. ڪتاب اوهان جي شخصيت کي نئين زندگي سان روشناس ڪرائي ٿو. هي جواني ۾ رهبر، ڪراڙپ ۾ ساٿي اڪيلائپ ۾ وندر آهي.
 
problemas-audicion-ni%C3%B1os.jpg
پنهنجي اولاد کي امير ٿيڻ بجاءِ خوش رهڻ سيکاريو..
ته جئين وڏو ٿي کين قيمتن بجاءِ شين جي اهميت جي ڄاڻ پوي...​
 
wahr.jpg

تون ان ڳالهه جو بيشڪ ذميدار ناهين ته ماڻهون تو بابت سوچين ٿا...
پر تون ان ڳالهه جو بحرحال ذميدار آهين ته تو انهن کي سوچڻ لاءِ ڏنو ڇا آهي...​
 
ڪڏهن ڪڏهن پڙهڻ لاءِ ننڍيون پر سوچ جي گهرائي تائين وٺي ويندڙ ڳالهيون سنڌ سلامت تي پڙهڻ لاءِ ملنديون آهن پر اهي اڪثر سنڌ سلامت جي گهڻي سائيز جي موضوع ۾ ننڍيون هجڻ ڪري نظر انداز ٿيو وڃن۔۔۔
هتي دوستن جي سهولت لاءِ هڪ سلسلو شروع ڪندي رڪنن کي دعوت ڏجي ٿي ته توهان کي دل سان لڳندڙ ڪنهن جملي، سٽ يا حڪايت کي ان سان ملندڙ تصوير سان لڳائيندي هن موضوع ۾ ونڊ ڪن ته جئين هڪ ئي هنڌ سهيڙي موضوع کي جاندار به بنائي سگهجي ۽ پڙهندڙ پڻ لاڀ حاصل ڪري سگهن۔۔۔۔ سلسلي جو آغاز مان پنهنجي پسنديده حڪايتن سان ڪريان ٿو۔۔۔

********​
600391_592342157454287_1924455669_n.jpg

هڪ دفعي سون، لوهه کي چيو ته ”اسان ٻنهي مٿان هٿوڙو ته لوهه جو ئي ٿو لڳي .. پوءِ تون ايتريون رڙيون ڇو ٿو ڪرين...؟“
لوهه جواب ڏنو ته.. ”جڏهن پنهنجو تڪليف ڏيندو آهي ته سور ڪجهه سوايو ٿيندو آهي...“

سائين واقعي پنهنجي جو سور سوايو ٿيندو آهي۔
هههههههههههههههههههههههه حـــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــق
 
972285_598188820202954_669579937_n.jpg

زندگي تمام ننڍي آ ... ڳري (گذري) ته رهي آهي..​
پوءِ ڇو نه پنهنجي خلاف نفرتن بجاءِ محبتون حاصل ڪري گذاريون... !​
ڇو نه ڪجهه سٺو ڪندي گذاريون...!​
سمجهو ڪي سمجهن....!!​
مرندس ته اچي يادون گوڙهن کي چميون ڏيندئي
گوڙهن جو وهي لارون گلڙن کي چميون ڏيندئي
اهي گل اگھندي اگھندي رومال پسي ويندئي
۽ لڙڪ ڪري آڏو دامن کي چميون ڏيندئي
ماضي جي تصور کي ان ويل ڪندي ڪاڏي
... جنهن ويل ڏٺل منظر نيڻن کي چميون ڏيندئي
ڪم ڪار جي سانگھي سان جوهي م جڏهن ايندين
هن شهر جي مٽي به پيرن کي چميون ڏيندئي
مدهوش کي وساري هن دل تان ڇڏيندين ته به
هي گيت، غزل، وايون تن من کي چميون ڏيندئي

احمد خان مدهوش
 
jbaynUbNM5RpG0.jpg

ڪتاب تهذيب جا نمائندا آهن، ڪتابن کانسواءِ تاريخ خاموش آهي، ادب گونگو آهي، سائنس معذور آهي، سوچ ۽ فڪر هڪ جاءِ تي بيٺل آهن. ڪتاب اوهان جي شخصيت کي نئين زندگي سان روشناس ڪرائي ٿو. هي جواني ۾ رهبر، ڪراڙپ ۾ ساٿي اڪيلائپ ۾ وندر آهي.
سائين سليمان وساڻ جي لاء ڇا لکهو هو هڪ بيمثال انسان آهي
قرب ڀريو پيارو دوست رب پاڪ شل خوشيو هي خوشيو زندگي
۾ عطاڪري آمين،۔
 
995733_611293605559142_1835601213_n.jpg

مستقبل قريب ۾ پنجاب جي روڊن جو منظر....!!
ڇو ته ليپٽاپ کان پوءِ هاڻي سڪوٽي ورهابيون...

ڇا هن ملڪ کي واقعي به سيڪورٽي بجاءِ سڪوٽي جي ضرورت آ...؟؟​
 
1004627_611008262254343_865760374_n.jpg

مسڪرائيندا رهو...!
ته جيئن توهان جو چهرو وڻندڙ لڳي...
عبادت ڪريو...!
ته جيئن طبيعت ۾ پختگي رهي...
محبتون ونڊيو...!
ته جيئن زندگي گذارڻ جو مزو ماڻيو...​
 
1003141_610600375628465_33666670_n.jpg

هن ڀلاري مهيني رمضان ڪريم ۾ ڪثرت سان ربِ تعاليٰ جي حضور دعا گهرندا رهو.. نه رڳو پنهنجي لاءِ پر والدين، ڀائرن، ڀينرن، اوڙي پاڙي بلڪه پوري امتِ مسلمه لاءِ.....

”يا الله.. جيڪي بيروزگار آهن.. انهن کي حق حلال جي روزي عطا فرماء... آمين“
 
Back
Top