• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

چوري ٿيل موبائيل فونز کي ناڪاره بنائڻ جو طريقو شامل ڪرڻ لاءِ ڪمپنين تي دٻاء..

رشيد سمون

Founder
انتظامي رڪن
منتظمِ اعلى
994788_599792710042565_1902206370_n.jpg
آمريڪا ۾ سمارٽ فونز ٺاهيندڙ ڪمپنين تي زور ڏنو پيو وڃي ته هو ڪو اهڙو طريقو سامهون آڻن جنهن سان چوري ٿيندڙ موبائيل فون کي ناڪاره بڻائي سگهجي۔۔۔ جنهن سان سمارٽ فون چوري ڪرڻ جي حوصله شڪني ٿيندي ڇو ته ناڪاره ٿيڻ جي صورت ۾ چوري ٿيل موبائيل رڳو پلاسٽڪ جو هڪ ٽڪڙو ئي ٿي پوندو۔۔
ٻڌو ٿئون ته ان سلسلي ۾ ڪجهه مهم هلائيندڙ عهديدارن سام سنگ ۽ مائڪروسافٽ وارن سان ملاقاتون پڻ ڪيون آهن جو اهي ٻئي ڪمپنيون سمارٽ فون مارڪيٽ جا 90 سيڪڙو شيئرز رکن ٿيون۔۔۔ ملاقات ۾ کين ان ڳالهه جو قائل ڪيو پيو وڃي ته سمارٽ فونز ۾ ڪل سوئچ (ۡKill Switch) ٽائيپ ڪو سسٽم شامل ڪيو وڃي ته جيئن ان ذريعي چوري ٿيل موبائيل فونز کي ناڪاره بڻائي سگهجي...
جيڪڏهن اهڙو ڪو طريقو ڪارگر ثابت ٿي ويو ته خاص طور اسان جي ملڪ جي مارڪيٽ ۾ وڏي پئماني تي استعمال ڪيو ويندو... ڇو ته هتي شهر ڪراچي گهمندي ڪو چڱو سيٽ کيسي مان ڪڍيو ناهي ته ڦرجيو وڃي..

ڊبليوايس جي ڊاٽ ڪام تان ورتل
 
مطلب ته اميدون ااسان به رکون ته ائين ٿيندو يا ٿيڻ گهرجي ۔۔۔
 
ايپل آئي فون جي آپريٽنگ سسٽم جي نئيڻ ورزن 7 ۾ فائينڊ مائي آئي فون کي بهتر ڪيو ويو آهي، جنهن سان هاڻ اگر ڪو آئي فون کسي به وڃي فرم ويئر آپريٽنگ سسٽم انسٽال به ڪري فون کي اريز پڻ ڪري پر جڏهن ايڪٽيويشن اسڪرين ايندي ته اها ايپل آئي ڊي  پاسورڊ گهرندي جيڪي پهريان لڳل هو، اهڙي طرح سيٽ سم نه هلائيندو۔
 
Back
Top