
آمريڪا ۾ سمارٽ فونز ٺاهيندڙ ڪمپنين تي زور ڏنو پيو وڃي ته هو ڪو اهڙو طريقو سامهون آڻن جنهن سان چوري ٿيندڙ موبائيل فون کي ناڪاره بڻائي سگهجي۔۔۔ جنهن سان سمارٽ فون چوري ڪرڻ جي حوصله شڪني ٿيندي ڇو ته ناڪاره ٿيڻ جي صورت ۾ چوري ٿيل موبائيل رڳو پلاسٽڪ جو هڪ ٽڪڙو ئي ٿي پوندو۔۔ٻڌو ٿئون ته ان سلسلي ۾ ڪجهه مهم هلائيندڙ عهديدارن سام سنگ ۽ مائڪروسافٽ وارن سان ملاقاتون پڻ ڪيون آهن جو اهي ٻئي ڪمپنيون سمارٽ فون مارڪيٽ جا 90 سيڪڙو شيئرز رکن ٿيون۔۔۔ ملاقات ۾ کين ان ڳالهه جو قائل ڪيو پيو وڃي ته سمارٽ فونز ۾ ڪل سوئچ (ۡKill Switch) ٽائيپ ڪو سسٽم شامل ڪيو وڃي ته جيئن ان ذريعي چوري ٿيل موبائيل فونز کي ناڪاره بڻائي سگهجي...
جيڪڏهن اهڙو ڪو طريقو ڪارگر ثابت ٿي ويو ته خاص طور اسان جي ملڪ جي مارڪيٽ ۾ وڏي پئماني تي استعمال ڪيو ويندو... ڇو ته هتي شهر ڪراچي گهمندي ڪو چڱو سيٽ کيسي مان ڪڍيو ناهي ته ڦرجيو وڃي..
ڊبليوايس جي ڊاٽ ڪام تان ورتل