هڪ ڏينهن هڪ استاد شاگرد کان پڇيو۔۔۔ ”برائي ڇا آهي۔۔۔؟“ شاگرد جواب ڏنو۔۔۔ ”سائين مان ٻڌايان ٿو ۔۔۔ پر پهريان مون کي ڪجهه پڇڻو آهي۔۔؟“ استاد وراڻيو ۔۔۔ ”ها پڇ۔۔۔“ شاگرد پڇيو۔۔۔”ڇا ٿڌ جو ڪو وجود آهي۔۔؟“ استاد جواب ڏنو۔۔۔ ”ها۔۔۔ بلڪل۔۔!“ شاگرد موٽ ڏني۔۔۔ ”غلط۔۔۔ ٿڌ جهڙي ڪا شيء نه ٿيندي آهي۔۔ بلڪه دراصل اها گرماهٽ جي غير موجودگي جو نالو آهي۔۔“ شاگرد ٻيهر پڇيو۔۔۔ ”ڀلا انڌيرو ٿيندو آهي۔۔۔؟“ استاد وراڻيو۔۔ ”ها ۔۔ بلڪل۔۔!“ شاگرد چيو۔۔۔ ”نه سائين۔۔! انڌيرو پاڻ ڪا شيء ناهي ٿيندو۔۔۔ بلڪه اهو روشني جي غير موجودگي آهي۔۔ جنهن کي اسان انڌيرو ٿا چئون۔۔۔ ڇو ته فزڪس جي اصول موجب اسان روشني ۽ گرماهٽ جو مطالعو ته ڪري ٿا سگهون پر ٿڌ يا انڌيري جو نه۔۔۔“ ڪجهه لمحا ترسي شاگرد ٻيهر چيو۔۔۔ ”سو برائي جو به ڪو وجود ناهي۔۔۔ بلڪه اها دراصل ايمان، محبت ۽ الله پاڪ تي پختو يقين نه هجڻ جو متبادل نتيجو آهي۔۔۔ جنهن کي اسان برائي چئون ٿا۔۔۔“ اهو شاگرد مشهور مسلمان سائنسدان ”البيروني“ هو۔۔
لڳ ڀڳ اهڙي گفتگو هن وڊيو ۾ پڻ آهي جنهن ۾ ”خدا جي وجود“ تي شاگرد ۽ پروفيسر وچ ۾ گفتگو ٿيل آهي... وقت هجي ته ضرور ڏسندا.. https://www.facebook.com/video.php?v=10150108744650873
ابو ريحان البيروني۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ليکڪ ؛ افتخار علي چوهاڻ سلطان محمود غزنوي هڪ عظيم فاتح هجڻ سان گڏ هڪ علم دوست جي حوالي سان خاص مقام رکي ٿو. هن جو دربار علم ۽ فن جو گهوارو هيو. هن وقت جا وڏا وڏا فنڪار هن جي دربار سان وابسته هئا. هنن مان فردوسي ۽ البيروني گهڻي شهرت ماڻي. ابو ريحان محمد ابن احمد البيروني ارل ڌنڏ جي ويجهي 973ء ۾ پيدا ٿيو. سلطان محمود غزنوي جڏهن هن جو علائقو قبضو ڪيو ته هن کي پنهنجي دربار ۾ وٺي ويو. البيروني کي سلطان سان گڏ ڪيترائي ڀيرا هندستان وڃڻ ٿيو. پوء هن ويھ سالن ۾ هندستان جي چارئي طرفن جو دورو ڪيو. جٿي هن هندو پنڊتن کان فلسفو ، رياضي ،جغرافيه ۽ هندو مذهب جو علم حاصل ڪيو ۽ هنن پنڊتن کي عربي ۽ يوناني علم جي سکيا ڏني. هن سنسڪرٽ جي زبان به سکي. هن پهنجي سفر جي تجربن کي پهنجي ڄڳ مشهور ڪتاب ”ڪتاب الهند“ ۾ بيان ڪيو آهي. جنهن ۾ هن وقت جي تاريخي ۽ معاشتي حالتن تي روشني پئي ٿي. هن ڪتاب ۾ محمود غزنوي جي حملن ۽ سومناٿ مندر جي ابتدائي تاريخ تي گهڻيون باوثوق معلومات ملن ٿيون. هندستان جي واپسي کان پوء البيروني جي شهره آفاق ڪتاب ” قانون مسعودي“ لکي. جيڪو علم هئيت جو هڪ لافاني انسائڪلوپيڊيا آهي ۽ هن کي سلطان مسعود جي نالي تي منسوب ڪيائين. جنهن تي سلطان مسعود حڪم ڏنو ته هن کي هاٿي جي وزن جيترو سون توري ڏنو وڃي. پر بيروني قبول ڪرڻ کان انڪار ڪيو. جنهن سان اندازو لگائي سگهجي ٿو ته هن وقت جا اهل علم دولت سان پاسيرو رهندا هئا. هن علم طبيعات ۾ اهو دريافت ڪيو ته روشني کان وڌيڪ تيز رفتار آهي. البيروني جو هڪ ٻيو لافاني شاهڪار تصنيف ” آثار الباقيه“ آهي. جنهن ۾ پراڻي قومن جي سلسليوار تاريخ ۽ علم جغرافيه جي بيش بها جانڪاري آهي. هن ۾ زمين جي محوري گردش ڪرڻ جي متعلق نظريو آهي جيڪو درست سابت ٿي چڪو آهي. هن کان سوا زمين جي بلڪل درست عرض بلد ۽ طول بلد درج ڪيا ويا آهن. ۽ قدرتي چشمن جا سببن تي به روشني وڌي اٿس. هن جي ٻي تصنيف ” ڪتاب الجواهر“ ۾ مختلف قسمن جا قيمتي پٿر ۽ هن جي قوت ثقل تي روشني وڌل آهي. البيروني جي علم هئيت جي متعلق درست انڱ اکر ۽ اندازن جي سببان ماڻو هن کي جادوگر جي نالي تي پڪاريندا هئا.1048ء ۾ هن جو انتقال ٿيو.هن وقت سندس عمر 75 سام هئي.