برائي ڇا آهي...؟

'مختصر پر سبق آموز' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏23 جون 2013۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    هڪ ڏينهن هڪ استاد شاگرد کان پڇيو۔۔۔ ”برائي ڇا آهي۔۔۔؟“
    شاگرد جواب ڏنو۔۔۔ ”سائين مان ٻڌايان ٿو ۔۔۔ پر پهريان مون کي ڪجهه پڇڻو آهي۔۔؟“
    استاد وراڻيو ۔۔۔ ”ها پڇ۔۔۔“
    شاگرد پڇيو۔۔۔”ڇا ٿڌ جو ڪو وجود آهي۔۔؟“
    استاد جواب ڏنو۔۔۔ ”ها۔۔۔ بلڪل۔۔!“
    شاگرد موٽ ڏني۔۔۔ ”غلط۔۔۔ ٿڌ جهڙي ڪا شيء نه ٿيندي آهي۔۔ بلڪه دراصل اها گرماهٽ جي غير موجودگي جو نالو آهي۔۔“
    شاگرد ٻيهر پڇيو۔۔۔ ”ڀلا انڌيرو ٿيندو آهي۔۔۔؟“
    استاد وراڻيو۔۔ ”ها ۔۔ بلڪل۔۔!“
    شاگرد چيو۔۔۔ ”نه سائين۔۔! انڌيرو پاڻ ڪا شيء ناهي ٿيندو۔۔۔ بلڪه اهو روشني جي غير موجودگي آهي۔۔ جنهن کي اسان انڌيرو ٿا چئون۔۔۔ ڇو ته فزڪس جي اصول موجب اسان روشني ۽ گرماهٽ جو مطالعو ته ڪري ٿا سگهون پر ٿڌ يا انڌيري جو نه۔۔۔“
    ڪجهه لمحا ترسي شاگرد ٻيهر چيو۔۔۔ ”سو برائي جو به ڪو وجود ناهي۔۔۔ بلڪه اها دراصل ايمان، محبت ۽ الله پاڪ تي پختو يقين نه هجڻ جو متبادل نتيجو آهي۔۔۔ جنهن کي اسان برائي چئون ٿا۔۔۔“


    اهو شاگرد مشهور مسلمان سائنسدان ”البيروني“ هو۔۔​
    [​IMG]
     
    12 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. فاروق سومرو

    فاروق سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 فيبروري 2011
    تحريرون:
    2,673
    ورتل پسنديدگيون:
    3,816
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    بهترين شئيرنگ ادا
    مهرباني
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    بھترين ونڊ
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. فهيم منگي

    فهيم منگي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏31 مئي 2013
    تحريرون:
    1
    ورتل پسنديدگيون:
    2
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    بهترين
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. گل حسن لاکو

    گل حسن لاکو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 جولائي 2010
    تحريرون:
    407
    ورتل پسنديدگيون:
    821
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    لائبريري اسسٽنٽ، مهراڻ يونيورسٽي ڄامشورو
    ماڳ:
    مهراڻ ٽائون، شهدادپور ضلع سانگهڙ
    ادا تمام بهترين
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    حضرت علي عه جو فرمانِ اطهر آهي ته هر شي پنهنجي ضد سان سڃاتي ويندي آهي ۔ بهترين شيئرنگ ادا ۔
    وسلام
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    جزاڪ الله سائين وسلام
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  9. sanaullah solangi

    sanaullah solangi
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏2 آڪٽوبر 2013
    تحريرون:
    31
    ورتل پسنديدگيون:
    34
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    Los Angeles, California
    Nice
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  10. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    ابو ريحان البيروني۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ليکڪ ؛ افتخار علي چوهاڻ

    سلطان محمود غزنوي هڪ عظيم فاتح هجڻ سان گڏ هڪ علم دوست جي حوالي سان خاص مقام رکي ٿو. هن جو دربار علم ۽ فن جو گهوارو هيو. هن وقت جا وڏا وڏا فنڪار هن جي دربار سان وابسته هئا. هنن مان فردوسي ۽ البيروني گهڻي شهرت ماڻي.
    ابو ريحان محمد ابن احمد البيروني ارل ڌنڏ جي ويجهي 973ء ۾ پيدا ٿيو. سلطان محمود غزنوي جڏهن هن جو علائقو قبضو ڪيو ته هن کي پنهنجي دربار ۾ وٺي ويو.
    البيروني کي سلطان سان گڏ ڪيترائي ڀيرا هندستان وڃڻ ٿيو. پوء هن ويھ سالن ۾ هندستان جي چارئي طرفن جو دورو ڪيو. جٿي هن هندو پنڊتن کان فلسفو ، رياضي ،جغرافيه ۽ هندو مذهب جو علم حاصل ڪيو ۽ هنن پنڊتن کي عربي ۽ يوناني علم جي سکيا ڏني. هن سنسڪرٽ جي زبان به سکي. هن پهنجي سفر جي تجربن کي پهنجي ڄڳ مشهور ڪتاب ”ڪتاب الهند“ ۾ بيان ڪيو آهي. جنهن ۾ هن وقت جي تاريخي ۽ معاشتي حالتن تي روشني پئي ٿي. هن ڪتاب ۾ محمود غزنوي جي حملن ۽ سومناٿ مندر جي ابتدائي تاريخ تي گهڻيون باوثوق معلومات ملن ٿيون.
    هندستان جي واپسي کان پوء البيروني جي شهره آفاق ڪتاب ” قانون مسعودي“ لکي. جيڪو علم هئيت جو هڪ لافاني انسائڪلوپيڊيا آهي ۽ هن کي سلطان مسعود جي نالي تي منسوب ڪيائين. جنهن تي سلطان مسعود حڪم ڏنو ته هن کي هاٿي جي وزن جيترو سون توري ڏنو وڃي. پر بيروني قبول ڪرڻ کان انڪار ڪيو. جنهن سان اندازو لگائي سگهجي ٿو ته هن وقت جا اهل علم دولت سان پاسيرو رهندا هئا. هن علم طبيعات ۾ اهو دريافت ڪيو ته روشني کان وڌيڪ تيز رفتار آهي.
    البيروني جو هڪ ٻيو لافاني شاهڪار تصنيف ” آثار الباقيه“ آهي. جنهن ۾ پراڻي قومن جي سلسليوار تاريخ ۽ علم جغرافيه جي بيش بها جانڪاري آهي. هن ۾ زمين جي محوري گردش ڪرڻ جي متعلق نظريو آهي جيڪو درست سابت ٿي چڪو آهي. هن کان سوا زمين جي بلڪل درست عرض بلد ۽ طول بلد درج ڪيا ويا آهن. ۽ قدرتي چشمن جا سببن تي به روشني وڌي اٿس. هن جي ٻي تصنيف ” ڪتاب الجواهر“ ۾ مختلف قسمن جا قيمتي پٿر ۽ هن جي قوت ثقل تي روشني وڌل آهي. البيروني جي علم هئيت جي متعلق درست انڱ اکر ۽ اندازن جي سببان ماڻو هن کي جادوگر جي نالي تي پڪاريندا هئا.1048ء ۾ هن جو انتقال ٿيو.هن وقت سندس عمر 75 سام هئي.
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  11. اظهرالدين بهلڪاڻي

    اظهرالدين بهلڪاڻي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏17 مئي 2010
    تحريرون:
    142
    ورتل پسنديدگيون:
    19
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    واپڊا ڪالوني گڊو سنڌ
    تمام بهترين سمجهاڻي پلس وڊيو ۾ سمجهاڻي
    برائي ڇا آهي...؟
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو