پارسين جي مذهبي ڪتاب ”بندهش“ ۾ سنڌوءَ جو ٻيو نالو ”مهرا“ ڄاڻايل آهي،

'لوڪ چوڻيون ۽ پهاڪا' فورم ۾ Sindhi Media طرفان آندل موضوعَ ‏25 جنوري 2010۔

  1. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,751
    ورتل پسنديدگيون:
    4,291
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    پارسين جي مذهبي ڪتاب ”بندهش“ ۾ سنڌوءَ جو ٻيو نالو ”مهرا“ ڄاڻايل آهي، جنهن جو مطلب ”مهر ڪندڙ، مهربان، ٻاجهه ڪندڙ“ ۽ ان مان هڪ لفظ ”مهراڻ“ به ملي ٿو.

    اي سنڌو! جڏهن تون ميدان مان وهين ٿي، تڏهن بيشمار سيڌو پاڻ سان گڏ آڻين ٿي ۽ تنهنجي ان خزاني مان جهجهي پوک ٿئي ٿي، تنهنجو پاڻي اتم آهي. سنڌو دريا جنهن جو پاڻي ڪڏهن تمام گهڻو هوندو هو.هاڻي واري پئي اڏامي،سنڌو دريا جي آسي پاسي جو ٻنيون ،زمينون به ويران ٿيل آهن.مڇي مارڻ جو ڪم به بند ٿي ويو آهي.سنڌو دريا جو لهرون جيڪي وڏي موج مستي ۾ جهمنديون هيون سي به هاڻي بند ٿي ويون آهن. ان لاءِ سڀاڻي سنڌ جا ڪروڙين ماڻهو سنڌو دريا لاءِ هڪ آواز ٿين.سنڌين کي سنڌو دريا جي مالڪي پاڻ ڪرڻي آه

    اي سنڌو! تون سينا پتي (سپهه سالار) آهين، جنهن جي پويان ڪئين نديون هڪالينديون پيون اچن ۽ سڀني جي اڳيان شاهاڻي شان سان ڌوڪيندي پئي اچين. تون ندين جي مهندار آهين. اي سنڌو تون اجيت آهين (توکي ڪير به فتح نٿو ڪري سگهي) تنهنجي پاڻيءَ ۾ وڏي تک (تيزي) آهي، تون چوڏس ٻوڙان ٻوڙ ڪري ڪاهيندي ٿي وڃين.... جيڪي به چرندڙ شيون آهن، تون سڀني ۾ تيز تکي لاڏلي آهي

    اسان جيڪي دريا ڌڻي آهيون، مڇي ماني وارا هئاسين، آنيارا پلا کائيندا هئاسين، ان جو پاڻيءَ سان جياپو آهي، ان دريا ذريعي سڄي دنيا سان واپار وڙو ۽ ڪار وهنوار هلندو هو، اهو سڄو ايندڙ وقت جو اهڃاڻ آهي، جيڪو وري ضرور موٽي ايندو.
    سنڌو دريا، سنڌ ڌرتيءَ جي جنم کان اڳ ئي موجود هو، جيئن ٻار جي جنم کان اڳ ماءُ جي ڇاتين ۾ ٿڃ اچي ٿي، تيئن سنڌ کي تاتي نپائي وڏو ڪرڻ لاءِ سنڌو دريا اڳ ئي حاضر هو.“ سنڌوءَ جي اکٽ ڦهلاءُ ۽ وشالتا بابت مئڪسمولر لکي ٿو: ”اڄ به سنڌو نديءَ جو پيٽ ديري اسماعيل خان کان وٺي ڪالاباغ تائين ايڏو وڏو آهي، جو ڪا ٻيڙي وچ سير ۾ هوندي ته نه ڪي اورين ڀر نظر ايندي، نه ڪي پرينءَ ڀر...!!“
    (Prof. Max Muller: India-what can it teach us? P.71)

    اي سنڌو، جيڪڏهن تنهنجي خوبصورتي جي ڀيٽ ڪجي ته تون ”نو ورني“ ڪنوار وانگر آهين، تون سدائين جوان ۽ سدا سهڻي آهين. سنڌو جي گجگاهه ڌرتيءَ تان اٿي ٿي ته آسمان لوڏيو ڇڏي... تون زور آور آهين، تنهنجي منهن ۾ مڻيا آهي ۽ ائين ٿو لڳي ڄڻ ”سنڌو“ ڪنهن ڍڳي وانگر رنڀندي پئي اچي، جيڪا پنهنجي اوهن ۾ مٺو کير کنيو, پنهنجن ڦرن ڏانهن ڊوڙندي پئي اچي

    . ميان غلام شاهه ڏٺو ۽ پرکيو ته مهراڻ جو پاڻي ضايع ٿو ٿئي، سو ”پراڻ“ جي پريان بند ٻڌايو هئائين ته جيئن سنڌ جو پاڻي سنڌ ۾ رهي ڪتب اچي ۽ رڻ ۾ ضايع نه ٿئي. (ڪاڪو ڀيرو مل، نئين زندگي، جون- جولاءِ 1970ع، ص 17)
    1819ع ۾ خوفناڪ زلزلو آيو، نتيجي ۾ مهراڻ يا هاڪڙو هيڪاري سڪي ويو، پر اهو ته ٿيو قدرتي ڪارنامو، جو مهراڻ منهن موڙي ويو، پر هي هٿرادو اٿل پٿل ڪري (بند ٻڌي، ڪئنال ڪڍي) سنڌو سڪايو ويو آهي، تنهن لاءِ هي وقتائتو قدم آهي ته اليڪٽرانڪ پرنٽ ميڊيا جو استعمال ڪري پنهنجو ڪيس عالمي سطح تائين چٽو ڪجي، ان لاءِ 24 جنوري تي سنڌ ڄاوا دريا تي اچي گڏ ٿيندا، تنهن جو ڪو نه ڪو کڙ تيل ته نڪرندو. تاريخ حوالن ۾ جيڪو دريا پنٿين جو حوالو ملي ٿو، سي 24 جنوري تي لکن جي تعداد ۾ پاڻ پسائيندا، جيڪي درياهه کي هلي اچي دعائن جي ڀيٽا ڏيندا.

    هندوستان جي امپيرئل گزيٽيئر، بينفي صاحب ۽ پروفيسر آپٽي واريون سنسڪرت ڊڪشنريون ۽ جنرل هيگ واري ڪتاب ”سنڌوءَ جي ڇوڙ وارو علائقو“ ۾ سنڌ، سِندس، اِنڊس جي نالي حوالي ۽ ساکائتي سڃاڻپ بابت نهايت دليلن سان بحث ڪيل آهي. انهن جڳ مشهور ڏاهن ”سنڌو“ لفظ جو ڌاتو يا بنياد کولي ٻڌايو آهي، تنهن موجب سنسڪرت لفظ ”سيند“ Syand معنيٰ ”وهڻ“ يا اها ندي جيڪا سدائين پئي وهي (جنهن کي زوال ئي ناهي). مئڪسمولر جي خيال موجب، ”سنڌو ڌاتو آهي، ”سِڌ“ معنيٰ بچاءُ ڪرڻ، يعني ”سنڌو جٿان به وهي هلي ٿو، اتان ٻي ڀر کان خونخوار جانورن يا حملي آورن کان بچاءُ ڪري ٿو.
    (اها مهراڻ سنڌو ندي جي هڪ ڌار شاخ هئي، جا اڀرندي ناري، ڍوري پراڻ ۽ ڪوري کاريءَ مان وهي ڪڇ جي نار ۾ ڇوڙ ڪندي هئي. ڪاڪو ڀيرو مل لکي ٿو ته: پارسين جي ڪتاب ”بندهش“ ۾ جيڪڏهن ”مهراڻ“ بدران ”مهرا“ لکيل آهي ته اها ڪاتب جي چڪ چئبي (حوالو: نئين زندگي، جون- جولاءِ 1970ع ص 16). اهو ”مهراڻ“ هاڪڙو“ به سڏبو هو، جنهن کي ڪن تاريخ نويسن ”واهنده“به لکيو آهي. سو قديم زماني کان ميان غلام شاهه ڪلهوڙي جي دور تائين اڀرندي ناري جي پيٽ مان وهي، ڏيپلي جي ڏکڻ ڏانهن ڪڇ جي رڻ ويجهو هاڻوڪي ڍوري پراڻ ۾ وڃي ڇوڙ ڪندو هو. (پراڻ“ لفظ جي معنيٰ پراڻو يا جهونو دريا) ان پراڻ ۾ اڀرندو نارو اچي ڇوڙ ڪندو هو ته ان جا ڪنارا چوڏس اٿلي پوندا هئا. سو ڪوري کاري کان هلي، لکپت کان لنگهي ڪڇ جي ناري ۾ وڃي پوندو هو.

    . اهو حوالو، اها ڄاڻ ڏئي ٿو ته جڏهن سڪندر اعظم جو لشڪر سنڌو ڪناري اچي بيٺو ته ان جي سمنڊ جهڙين موتمار اڇلن ۽ ڇولين ۽ شينهن جيان گجگوڙ ڪندڙ وهڪري کان دهلجي ويو هو.سڪندر اعظم کي اها ڄاڻ ڪو نه هئي ته هو جنهن شينهن دريا تي بيٺو آهي، تنهن جي ڌرتي سمنڊ ڄائي آهي ۽ اهو دريا اڳ ئي موجود هو. رگويد ۾ هيئن به چيل آهي ته: ”اي سنڌو! ”ورڻ ديوتا“ تنهنجي ”وهڻ“ لاءِ ڪئين ئي واٽون آهن.“ پارسين جي پوتر ڪتاب ”زند اوستا“ ۽ ٻين ڌرمي پستڪن ۾ هماليه وارين قطارن کي ”البوزر“ (مٿانهون جبل) سڏيو اٿن، جتان جيڪي نديون وهن ٿيون، انهن مان هڪڙي ”وهه“ (Veh) ندي آهي، جنهن لاءِ اڪثر مارٽن هاگ ڄاڻايو هو ته، اهو ”وهه“ لفظ ساڳيو ئي آهي، جنهن جو اچار پارسي ٻولي ۾ ”بهه“ (بهتر، چڱو يا چڱن کان چڱو، ٻين کان چڱو). جنهن ڪري چئبو ته اهو سنڌو ندي جو صفاتي نالو آهي، جيڪو هڪ مقدس ڪتاب ۾ پڙهجي ٿو.

    : پارسين جي ڪتاب ”بندهش“ ۾ جيڪڏهن ”مهراڻ“ بدران ”مهرا“ لکيل آهي ته اها ڪاتب جي چڪ چئبي (حوالو: نئين زندگي، جون- جولاءِ 1970ع ص 16). اهو ”مهراڻ“ هاڪڙو“ به سڏبو هو، جنهن کي ڪن تاريخ نويسن ”واهنده“به لکيو آهي. سو قديم زماني کان ميان غلام شاهه ڪلهوڙي جي دور تائين اڀرندي ناري جي پيٽ مان وهي، ڏيپلي جي ڏکڻ ڏانهن ڪڇ جي رڻ ويجهو هاڻوڪي ڍوري پراڻ ۾ وڃي ڇوڙ ڪندو هو. (پراڻ“ لفظ جي معنيٰ پراڻو يا جهونو دريا) ان پراڻ ۾ اڀرندو نارو اچي ڇوڙ ڪندو هو ته ان جا ڪنارا چوڏس اٿلي پوندا هئا. سو ڪوري کاري کان هلي، لکپت کان لنگهي ڪڇ جي ناري ۾ وڃي پوندو هو.
    هندوستان جي امپيرئل گزيٽيئر، بينفي صاحب ۽ پروفيسر آپٽي واريون سنسڪرت ڊڪشنريون ۽ جنرل هيگ واري ڪتاب ”سنڌوءَ جي ڇوڙ وارو علائقو“ ۾ سنڌ، سِندس، اِنڊس جي نالي حوالي ۽ ساکائتي سڃاڻپ بابت نهايت دليلن سان بحث ڪيل آهي. انهن جڳ مشهور ڏاهن ”سنڌو“ لفظ جو ڌاتو يا بنياد کولي ٻڌايو آهي، تنهن موجب سنسڪرت لفظ ”سيند“ Syand معنيٰ ”وهڻ“ يا اها ندي جيڪا سدائين پئي وهي (جنهن کي زوال ئي ناهي). مئڪسمولر جي خيال موجب، ”سنڌو ڌاتو آهي، ”سِڌ“ معنيٰ بچاءُ ڪرڻ، يعني ”سنڌو جٿان به وهي هلي ٿو، اتان ٻي ڀر کان خونخوار جانورن يا حملي آورن کان بچاءُ ڪري ٿو. اهو حوالو، اها ڄاڻ ڏئي ٿو ته جڏهن سڪندر اعظم جو لشڪر سنڌو ڪناري اچي بيٺو ته ان جي سمنڊ جهڙين موتمار اڇلن ۽ ڇولين ۽ شينهن جيان گجگوڙ ڪندڙ وهڪري کان دهلجي ويو هو.سڪندر اعظم کي اها ڄاڻ ڪو نه هئي ته هو جنهن شينهن دريا تي بيٺو آهي، تنهن جي ڌرتي سمنڊ ڄائي آهي ۽ اهو دريا اڳ ئي موجود هو. رگويد ۾ هيئن به چيل آهي ته: ”اي سنڌو! ”ورڻ ديوتا“ تنهنجي ”وهڻ“ لاءِ ڪئين ئي واٽون آهن.“ پارسين جي پوتر ڪتاب ”زند اوستا“ ۽ ٻين ڌرمي پستڪن ۾ هماليه وارين قطارن کي ”البوزر“ (مٿانهون جبل) سڏيو اٿن، جتان جيڪي نديون وهن ٿيون، انهن مان هڪڙي ”وهه“ (Veh) ندي آهي، جنهن لاءِ اڪثر مارٽن هاگ ڄاڻايو هو ته، اهو ”وهه“ لفظ ساڳيو ئي آهي، جنهن جو اچار پارسي ٻولي ۾ ”بهه“ (بهتر، چڱو يا چڱن کان چڱو، ٻين کان چڱو). جنهن ڪري چئبو ته اهو سنڌو ندي جو صفاتي نالو آهي، جيڪو هڪ مقدس ڪتاب ۾ پڙهجي ٿو.

    [​IMG]
     
  2. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,386
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: پارسين جي مذهبي ڪتاب ”بندهش“ ۾ سنڌوءَ جو ٻيو نالو ”مهرا“ ڄاڻايل آهي،

    سائين تمام بهترين معلومات آهي سنڌو بابت

    لاجواب سائين

    بهترين ڪوشش آهي توهان جي

    مهرباني ادا
     
  3. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,556
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: پارسين جي مذهبي ڪتاب ”بندهش“ ۾ سنڌوءَ جو ٻيو نالو ”مهرا“ ڄاڻايل آهي،

    سائين بهترين ونڊ آهي۔۔ اهو ليک اسان جي سنڌ جي ڀلوڙ ليکڪ ۽ ڊراما ليکڪ سائين اياز عالم ابڙو صاحب ڏنو هو ڪاوش ۾ 23 جنوريءَ تي
     
  4. ALI AKBAR SHAR

    ALI AKBAR SHAR
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2010
    تحريرون:
    1,415
    ورتل پسنديدگيون:
    736
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    موبيلنڪ
    ماڳ:
    ڏهرڪي
    جواب: پارسين جي مذهبي ڪتاب ”بندهش“ ۾ سنڌوءَ جو ٻيو نالو ”مهرا“ ڄاڻايل آهي،

    مهرباني ...................
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو