• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

اڄوڪو ڏينهن 16 جولاءِ تاريخ جي دريءَ مان

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
اڄوڪي ڏينهن 16 جولاءِ تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون

جنم ڏينهن:

16 جولاءِ 1909ع سياسي ورڪر لڇمنداس آريا جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
16 جولاءِ 1932ع گلوڪاره وينا واڌواڻي (حيدرآباد) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
16 جولاءِ 1941ع شاعر رحيم بخش روشن جو جنم ڏينهن آهي.
16 جولاءِ 1957ع ليکڪ حافظ حفيظ سنڌي جو جنم ڏينهن آهي.
16 جولاءِ 1965ع شاعر بشير بيوس اوٺو (مٺي) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
16 جولاءِ 1984ع باليووڊ اداڪاره ڪترينا ڪيف جو جنم ڏينهن آهي.

وڇوڙو:

16 جولاءِ 1954ع اسڪالر علامه علي خان ابڙو (سانگي) جو لاڏاڻو ٿيو.
16 جولاءِ 1956ع صحافي ۽ آزادي جي تحريڪ جي ورڪر ويرومل بيگراج جي ديهانت ٿي.
16 جولاءِ 1980ع شاعر علي محمد ساقي جي وفات ٿي.
16 جولاءِ 1994ع اسڪالر، اديب، شاعر ۽ ماهر لسانيات ڊاڪٽر الهداد ٻوهيو جو انتقال ٿيو.
16 جولاءِ 2000ع سنڌ صوبي جي اڳوڻي گورنر اشرف ڊبليو تاباني جي وفات ٿي.
16 جولاءِ 2004ع شاعر معصوم سانگهڙائي جي وفات ٿي.
16 جولاءِ 2016ع ماڊل گرل قنديل بلوچ کي ملتان ۾ قتل ڪيو ويو.
16 جولاءِ 2021ع ناميارو مصور، ڪاشيگر، انجنيئر ۽ اديب قاضي خضر حيات لاڏانو ڪري ويو.

حواله:

ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ
روزانه ڪاوش
انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا
وڪيپيڊيا
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام​
 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
ڊاڪٽر الهداد ٻوهيو کي سرخ سلام

kvuvfeK.jpg
 
Back
Top