• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڇا هي 6 سالن جو معصوم ٻارڙو به رياست لاء خطرو آهي ؟؟؟

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
jkGCWboPH0QfU.jpg

جسمم ڪارڪنن خلاف پوليس ۽ ايجنسين جي ڪريڪ ڊائون کانپوء جڏهن ڪالهه احتجاجي ڪال ڏني وئي ته ڪارڪنن جو وڏو انگ حيدرآباد باء پاس (هٽڙي) وٽ ڪٺو ٿيو۔

پوليس ۽ رينجرز اهلڪارن ڪارڪنن تي بد ترين تشدد ڪيو، پوليس جي مظاهرين مٿان فائرنگ، لٺبازي، شيلنگ، عورتن ۽ ٻارڙن مٿان وحشياڻو تشدد، عورتن، ٻارڙن ۽ مردن سميت ڪيترائي زخمي ٿي پيا، نه صرف اهو پر 6 سالن جي معصوم ٻارڙي کي به تشدد ڪري نشانو بڻايو ويو۔ هوڏانهن جڏهن ڪراچي جي سياسي پارٽي سڄي شهر کي يرغمال بنائي ٿي ته ان خلاف ڪابه ڪاروائي نه ٿي ٿئي۔ هڪ ڏينهن ۾ 50 ماڻهو مارجن ٿا ته به ڪجهه نه ٿو ٿئي۔۔۔ پر جڏهن سنڌ جي حقن جي ڳالهه ٿئي ٿي ته پوء معصوم ٻارڙا به نشانو بڻجن ٿا۔

ڪشمير، فلسطين ۽ شام جي ماڻهن لاء احتجاج ڪندڙ مذهبي ٺيڪيدارن کي به شايد هن ٻار جو چهرو نظر نه آيو، نه ئي سنڌين تي ٿيل تشدد ۽ ڏاڍ نظر آيو ۔۔۔۔

jbpROfqh7YXS7O.jpg
 
نهايت ئي ڪريل حرڪت آهي رياست طرفان، جيتري به مذمت ڪجي گهٽ آهي، سنڌين سان ٻه اکيائي هر دور ۾ ٿيندي رهي آهي، ان مان ثابت ٿو ٿئي ته ڪا اهڙي لابي آهي جيڪا سنڌين کان اهو احتجاج ڪرڻ وارو سهارو به کسڻ ٿي گهري ته جئين سنڌي محڪوم ۽ غلام بڻجي اسان جي رحم ڪرم تي هجن، پر سنڌين کي خاموش ناهي ويهڻو۔ اهي سنڌين کي خاموش نٿا ڪري سگهن۔
 
اها رڳو اڄ جي ڳالهه نه آهي۔ سنڌ کي ته صدين کان اهڙا ڪيس، بربريت ۽ ڏاڍاين کي منهن ڏيڻو پيو آهي۔ هي واقعو به ان جي هڪ ڪڙي آهي۔
جيستائين قانون جي حڪمراني نه ٿيندي تيستائين مظلومن سان اهڙو ظلم به ٿيندو رهندو۔
مرحوم سرمد سنڌي جي ڳايل هڪ گاني جا لفظ ذهن ۾ تري آيا آهن۔۔ ڪاش اهي لفظ حقيقت بڻجي وڃن۔۔۔!!
او قاتل بدلو وٺنداسين۔۔
هر خون جي قطري قطري جو۔۔۔!!
 
ماروئڙا فقير ڪنهن در ڏيندا دانهنڙي ۔۔۔

بس ڙي ڀا سليمان اهو روئڻ روئي روئي هاڻ ته سنڌي قوم جي سجاڳ ٿيڻ ۽ قومي حق حاصل ڪرڻ واري آس به ختم ٿيڻ لڳي آهي ۔۔۔ رب جي در دانهنين آهيون ۔۔۔

رب العالمين سنڌ کي پنهنجي امان ۾ رکي ۔۔۔ آمين
 
Back
Top