• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

هڪ ڏکائتي خبر : رياض حسين گلال جي والد صاحب جو وڇوڙو

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
هڪ ڏکائتي خبر دوستن سان ونڊ ڪجي ٿي ته سنڌ سلامت جي مانواري ميمبر ۽ راڌڻ سان تعلق رکندڙ دوست رياض حسين گلال جو والد صاحب اڄ شام ڪراچي جي اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪري ويو آهي۔

انا الله و انا اليه راجعون

اسان هن ڏک جي گهڙي ۾ ڀاء رياض ۽ سندس ڪٽنب سان تعزيت ڪيون ٿا ۽ دعاگو آهيون ته رب پاڪ سندن والد جي مغفرت ڪري ۽ جوار رحمت ۾ جڳهه عطا ڪري۔۔۔۔۔۔ آمين۔

اڄ منجهند جو رياض جي ڪال آئي ته سندس والد عزيز تابا هرٽ اسپتال ڪراچي ۾ داخل آهي ۽ سڀاڻي سندس باء پاس آپريشن ٿيڻو آهي۔ هن چيو ته کين رت جي ضرورت آهي تنهنڪري منهنجي ڀاء سان رابطو ڪري سندس مدد ڪيو۔ ترت ئي مان سندس ڀاء سان رابطو ڪيو ۽ شام جو اسپتال پهچڻ جو چيو۔ گهر پهچي رت جي عطيي لاء ڪجهه دوستن کي تيار ڪيم ۽ شام جو مان رياض جي ڀاء کي فون ڪندو رهيس پر هن جو نمبر ڪونه پئي مليو۔ آخرڪار نمبر مليو ته هن ٻڌايو ته والد صاحب جو انتقال ٿي ويو آهي۔ ڏاڍو ڏک ٿيو، مرتضى ۽ مان سڌو اسپتال پهتاسين، جتان هو ميت کڻي راڌڻ لاء روانا ٿيا۔

مرحوم جي جنازي نماز سڀاڻي راڌڻ ۾ ادا ڪئي ويندي۔
 
انا لله وانا اليه راجعون
الله پاڪ رياض حسين جي والد صاحب جي مغفرت فرمائي جنت ۾ جايون عطا فرمائي ۽ لواحقين کي صبر جميل عطا فرمائي
 
انا الله و انا اليه راجعون
الله پاڪ رياض حسين جي والد صاحب جي مغفرت فرمائي جنت ۾ جايون عطا فرمائي ۽ لواحقين کي صبر جميل عطا فرمائي
 
انا لله وانا اليه راجعون
محترم رياض حسين پهريان مون کي فون ڪئي ته سائين سليمان جن جو نمبر مون کي ايس ايم ايس ڪيو مان ان کي فون تي ئي سائين جو نمبر ٻڌايو هو افسوس آهي جو سندن والد محترم جي زندگي بچي نه سگهي اسان سڀ سندن ڏک ۾ شريڪ آهيون سندن والد محترم لا مغفرت جا دعاگو آهيون الله تعالي سندن والد مرحوم کي جنت ۾ اعلى مقام عطا فرمائي۔
 
انا لله وانا اليه راجعون
محترم رياض حسين مون کي پڻ ڪال ڪري والد صاحب لاءِ بلڊ ڊونيٽر اسپتال تائين پهچائڻ جي درخواست ڪئي ۔۔۔ سليمان سان رابطو ڪيم ته تسلي ملي ته ڊونيٽر وقت تي پهچي ويندو۔۔۔ پر وقت کان اڳ ئي اها افسوس ناڪ خبر ملي۔۔۔ اسان سڀ سندن ڏک ۾ شريڪ آهيون سندن والد محترم لا مغفرت جا دعاگو آهيون الله تعالي سندن والد مرحوم کي جنت ۾ اعلى مقام عطا فرمائي۔۔۔ (آمين)
 
انا لله وانا اليه راجعون۔
ڀلارو مهينو، ڀلارو ڏينهن جمعي جو يقينا ڀلارو موت۔۔
اسان ادا رياض جي ڏک ۾ برابر شريڪ آهيون، الله تعالا سائين جي والد صاحب جن جي مغفرت فرمائي، ۽ جنت الفردوس نصيب فرمائي، آمين۔۔۔
 
Back
Top