هڪ ڏکائتي خبر دوستن سان ونڊ ڪجي ٿي ته سنڌ سلامت جي مانواري ميمبر ۽ راڌڻ سان تعلق رکندڙ دوست رياض حسين گلال جو والد صاحب اڄ شام ڪراچي جي اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪري ويو آهي۔
اسان هن ڏک جي گهڙي ۾ ڀاء رياض ۽ سندس ڪٽنب سان تعزيت ڪيون ٿا ۽ دعاگو آهيون ته رب پاڪ سندن والد جي مغفرت ڪري ۽ جوار رحمت ۾ جڳهه عطا ڪري۔۔۔۔۔۔ آمين۔
اڄ منجهند جو رياض جي ڪال آئي ته سندس والد عزيز تابا هرٽ اسپتال ڪراچي ۾ داخل آهي ۽ سڀاڻي سندس باء پاس آپريشن ٿيڻو آهي۔ هن چيو ته کين رت جي ضرورت آهي تنهنڪري منهنجي ڀاء سان رابطو ڪري سندس مدد ڪيو۔ ترت ئي مان سندس ڀاء سان رابطو ڪيو ۽ شام جو اسپتال پهچڻ جو چيو۔ گهر پهچي رت جي عطيي لاء ڪجهه دوستن کي تيار ڪيم ۽ شام جو مان رياض جي ڀاء کي فون ڪندو رهيس پر هن جو نمبر ڪونه پئي مليو۔ آخرڪار نمبر مليو ته هن ٻڌايو ته والد صاحب جو انتقال ٿي ويو آهي۔ ڏاڍو ڏک ٿيو، مرتضى ۽ مان سڌو اسپتال پهتاسين، جتان هو ميت کڻي راڌڻ لاء روانا ٿيا۔
مرحوم جي جنازي نماز سڀاڻي راڌڻ ۾ ادا ڪئي ويندي۔
انا الله و انا اليه راجعون