نثارناز
سينيئر رڪن
پيارا سنڌي دوستو چند ڏينهن پهرين شهر ٽنڊو محمد خان جي پريس ڪلب ۾ منگسي اتحاد طرفان شهر جي محترم پروفيسر ڊاڪٽر قادر بخش منگسي کي سندس مقالي خليفي نبي بخش قاسم جي شاعري ۽ شخصيت جي عنوان تي ڊاڪٽريٽ جي ڊگري ملڻ تي، ۽ محمد ابراهيم سنڌي ءَ کي سندس مقالي شاهه لطيف جي ڪلام ۾ مرد جو ڪردار جي عنوان تي ڊگري ملڻ جي خوشيءَ ۾ هڪڙو زبردست اعزازيو ڏنو ويو، هن اعزازي تقريب ۾ ٻن سنڌ ڏاهن محترم ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو ۽ پروفيسر سائين قلندر بخش لڪياري صاحب کان علاوه ڪافي سارن اديبن ۽ ادب دوستن پڻ شرڪت ڪئي، انهن ۾ نمايان نالا محترم تميمي، محترم فدا احمد فدا سُرهيو، محترم حڪيم محمد يوسف کتري، سيد سارنگ شاهه، محترم اعظم ڀٽي، محترم پروفيسر سائين محمد موسى سٺيو ، محترم عبدالجبار منگسي، پريس ڪلب ٽنڊو محمد خان جي صدر محترم سرفراز ڀٽي، بُلڙي شاهه ڪريم هاءِ اسڪول جي هيڊ ماستر سائين پيربخش جماري، محترم لونگ بُلڙائي ، محترم تاج ٽکڙائي جن جا آهن، هن تقريب ۾ ڳالهائيندي اعظم ڀٽي چيو ته شهر ٽنڊو محمد خان جا هي ٻه ڊاڪٽر پنهنجي محنتن جي آڌار تي هاڻي سموري سنڌ جا ڊاڪٽر آهن، پريس ڪلب ٽنڊو محمد خان جي صدر سرفراز ڀٽي چيو ته اسان خوشنصيب آهيون جو اسان جي پريس ڪلب ۾ هنن ٻنهي ڊاڪٽرن جي مان ۾ اعزازيو رکيو ويو آهي، محترم حڪيم محمد يوسف کتري ٻنهي ڊاڪٽرن کي پي ايڇ ڊي جي ڊگري ملڻ تي واڌايون ڏيندي چيو ته سچي محنت ۽ لگن سان ئي منزلون ماڻبيون آهن، پروفيسر موسى سٺيو چيو ته ٽنڊو محمد خان وارا خوشنصيب آهن جو کين ٻه ڏاها پي ايچ ڊي ڊاڪٽر مليا آهن، مگسي اتحاد جي صدر محترم عبدالجبار منگسي چيو ته مونکي تمام گهڻي خوشي ٿي آهي، جو مون هن اعزازي تقريب ذريعي ٻن پي ايڇ ڊي ڊاڪٽرن کي محبتن جي ڀيٽا ڏني آهي، پاڪستان پيپلز پارٽي ضلع ٽنڊو محمد خان جي صدر امين لاکي کين مُبارڪون ڏيندي پنهنجي مڪمل ساٿ جو يقين ڏياريو.... محترم تميمي صاحب چيو ته پي ايڇ ڊي ڊاڪٽري لاءِ تمام گهني محنت ۽ جانفشاني ڪرڻي ٿي پوي، پنهنجي اعزاز ۾ ٿيل هن تقريب تي ٿورا مڃيندي ڊاڪٽر محمد ابراهيم سنڌي چيو ته اسان کي ڊاڪٽري ملي آهي پر اها اڃا به تحقيق لاءِ ملي آهي، ڪنهن به تحقيق جي ڪا به آخري حد ڪانه هوندي آهي، اسان کي اڃان به گهڻو ڪجهه ڪرڻو آهي، پروفيسر ڊاڪٽر قادر بخش منگسي چيو ته خليفو نبي بخش قاسم جنهن جي شاعري ۽ شخصيت تي مون هي پي ايڇ ڊگري حاصل ڪري پنهنجي هڪ سپني جي ساڀيان حاصل ڪئي، خليفو نبي بخش قاسم جي شاعري شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي شاعري کان پوءِ سنڌي شاعريءَ جو هڪ چمڪندڙ باب آهي، هن منگسي اتحاد وارن جو پڻ ٿورو مڃيو ، پروفيسر ڊاڪٽر قادربخش منگسي ۽ ڊاڪٽر ابراهيم سنڌي جي شخصيت ۽ سندن مقالن تي ڳالهائيندي سنڌ جي ڏاهي مفڪر پروفيسر قلندر بخش لڪياري چيو ته جس هُجي هنن سنڌي سپوتن کي جن تحقيق جي بنهه اونهائين ۾ وڃي ڪجهه سوجهي ڪڍيو آهي، پر اڃان سندن شروعات آهي، اڃان کين گهڻو ڪجهه ڪرڻو آهي، ٽنڊو محمدخان جي عوام کي مُبارڪون ڏيندي پروفيسر قلندر بخش لڪياري چيو ته هي ٻه ڊاڪٽر هاڻي صرف ٽنڊو محمد خان جا نه آهن پر پوري سنڌ جا آهن............ سنڌ ڏاهي ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو چيو ته پي ايڇ ڊي ڊگري حاصل ڪرڻ تمام گهڻي ڏکي ڳالهه آهي جڏهن پاڻ سنڌ يونيورسٽيءَ پي ايڇ ڊي واري ڊگري ڏيارڻ واري سيٽ جو انچارج هوندو هو ته انهي ڪم جي ڏکائين جي ۽ محنت طلب تحقيق جي ڪري گهڻو ڪري پي ايڇ ڊي ڪرڻ وارن کي منع ڪندو هُئس ته انهيءَ ڏُکي ڪم تان هٿ کڻي وڃو......... پر هنن ٻن ڊاڪٽرن ڪراچي يونيورسٽي مان پي ايڇ ڊي حاصل ڪري ثابت ڪري ڏيکاريو ته محنت ۾ عظمت آهي، محنت جي سامهون دنيا جي هرڪا ڏُکائي دور ٿيو وڃي ............ آخر ۾ معزز مهمانن کي اجرڪن جا تحفا ۽ ٻنهي ڊاڪٽرن کي منگسي اتحاد طرفان شيلڊون تحفي طور ڏنيون ويون ان کان علاوه معزز مهمانن کي لنچ پڻ ڪرايو ويو۔۔۔
پيش آهن ان بهترين تقريب جون ڪجهه تصويري جهلڪيون
پيش آهن ان بهترين تقريب جون ڪجهه تصويري جهلڪيون
محترم جناب پروفيسر ڊاڪٽر قادربخش منگسي پنهنجي تقرير ڪري رهيو آهي، کيس اجرڪ جو تحفو ۽ شيلڊ ڏني پئي وڃي
محترم جناب ڊاڪٽر محمد ابراهيم سنڌي پنهنجي تقرير ڪري رهيو آهي ، کيس اجرڪ جو تحفو پارايو پيو وڃي ۽ کيس شيلڊ پڻ ڏني پئي وڃي