ٻار جو والدين ڏانهن ياداشتنامو؛

'مختصر پر سبق آموز' فورم ۾ نثارابڙو طرفان آندل موضوعَ ‏10 فيبروري 2010۔

  1. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    هڪ ٻار جو والدين ڏانهن ياداشتنامو؛

    1. سڌي ۽ سخت ٿيڻ کان نه ڊڄو! مونکي اهو پسند آهي، ان سان مونکي پنهنجي حفاظت جو احساس ٿئي ٿو ...
    2. منهنجين خراب عادتن کي وڌڻ نه ڏيو! آءُ اوهانتي ئي ڀروسو ڪريانٿو ته اوهان انهن کي منهنجي ڪچڙي عمر ۾ سڌاريو..
    3. مونکي منهنجي عمر کان ننڍو نه سمجهو! ان سان آءُ وڌيڪ بيوقوفيءَ واريون حرڪتون ڪرڻ لڳندس ..
    4. ماڻهن جي سامهون مونکي غلط ثابت نه ڪريو! ها جي منهنجي مدد ڪرڻ چاهيو ٿا ته مونکي اڪيلائيءَ ۾ سمجهايو ... ان سان مونتي وڌيڪ اثر ٿيندو ...
    5. منهنجين غلطين کي منهنجا گناه نه سمجهو! ان سان منهنجو قدر گهٽجي ويندو ...
    6. ننڍين ننڍين تڪليفن کان بچائڻ جي ڪوشش نه ڪريو! مونکي انهن جي ضرورت آهي ته جيئن آءُ انهن ڏکين رستن تي هلڻ سکي وٺان ...
    7. جڏهن آءُ اوهان سان نفرت جو اظهار ڪريان ته ڪاوڙ نه ڪريو! انجو مطلب اهو ناهي ته آءُ اوهان سان نفرت ڪريانٿو پر اوهانجي ڏاڍائيءَ سان ...
    8. منهنجي بيمار ٿيڻ تي تمام گهڻو پريشان نه ٿيو! مونکي اوهانجي پريشاني سان نه پر سڪون سان عمل ڪرڻ جي ضرورت هوندي آهي ...
    9. غضبناڪ نه ٿيو! ڇاڪاڻ جي ايئن ڪندا ته آءُ پاڻ کي بچائيندي، اوهانجي ڪا ڳالهه ٻڌڻ کان انڪار ڪندس ...
    10. اهو نه وسارجو ته ڪڏهن ڪڏهن آءُ پنهنجي ڳالهه اهڙي نموني نه ڪري سگهندو آهيان جهڙيطرح ڪرڻ گهرجي، انڪري همشه غلطيون ٿي وينديون آهن ...
    11. مونکي ٻڌڻ کان اڳ ئي چپ نه ڪرايو، جڏهن آءُ سوال ڪريان! جيڪڏهن ايئن ڪندا ته آءُ اوهانکان پڇڻ ڇڏي ڪنهن ٻي طرف وڃڻ شروع ڪندس ...
    12. پنهنجين ڳالهين ۾ اختلاف پئدا نه ڪريو! ايئن ڪرڻ سان آءُ موڳو ٿي پوندس ۽ اوهان تان اعتماد گهٽجي ويندو ...
    13. مونکي اهو نه ٻڌايو ته خوف ڪرڻ بيوقوفي آهي! ڇاڪاڻ ته خوف حقيقت آهي ، انکي سمجهڻ جي ڪوشش ڪريو ۽ حل ڪريو...
    14. اوهان پاڻ کي مڪمل ۽ غلطين کان پاڪ نه ڄاڻايون! مونکي سخت تڪليف ٿيندي جڏهن اوهانکي ڪڏهن ڪا غلطي ڪندي ڏسندس ...
    15. ايئن ڪڏهن نه سوچجو ته اوهان جي حيثيت گهٽ ٿيندي جي اوهان مونکان معافي گهرندا! خلوص سان گهريل معافي مونکي تمام گرمجوشيءَ سان اوهانجي ويجهو ڪري ڇڏيندي ...
    16. اهو نه وسارجو ته منهنجي عمر تجربن ڪرڻ جي آهي! آءُ تجربن سان پيار ڪريانٿو ۽ انهن کان بغير رهي نٿو سگهان ... انڪري ٿورا اوهانجا جو اوهان انهن کي قبول ڪريو ...
    17. اهو نه وسارجو ته آءُ ڪيترو جلد وڌي رهيو آهيان! ممڪن اهو احساس ڪرڻ اوهان لئه ڏکيو هجي ۽ اوهان مونسان گڏ ايترا تيز نه هجو پر ڪوشش ته ڪري سگهو ٿا ...
    18. اهو نه وسارجو ته منهنجو وڌڻ ۽ ترقي ڪرڻ سڀ اوهانجي توجهه ۽ گهڻي پيار کان بغير ممڪن ناهي! ۽ اوهانکي اهو ٻڌائڻ منهنجو ڪم ناهي ...


    پاڻ کي سنڀالي رکجو ۽ پنهنجي صحت جو خاص خيال ڪجو
     
  2. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: ٻار جو والدين ڏانهن ياداشتنامو؛

    سائين ٻار ته اوهان جهڙو سلڇڻو لڳي ٿو تقريبا ٻارن ۾ اهي ئي احساس هوندا آهن ليڪن اظهار ڪرڻ جي همت ڪنهن ڪنهن ۾ هوندي آهي تمام بهترين نصيحت آهي اگر ٻار نه به چوي تڏهن به ٻار جي والدين کي ان تي عمل ڪرڻ گهرجي ان سان ٻار جي مستقبل روشن ٿيندو۔ اوهان جي مهرباني جو اوهان اهڙي سهڻي نصيت فرمائي ۔ الله تعالي اوهان کي خوش رکي۔
     
  3. سلطان

    سلطان
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏18 اپريل 2009
    تحريرون:
    165
    ورتل پسنديدگيون:
    79
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: ٻار جو والدين ڏانهن ياداشتنامو؛

    سائين نثار ابڙو صاحب،
    سنهري اصول ونڊ ڪيا اٿو، تمام حساس ۽ پاڪ جذبا۔۔۔
    آهن ته سڀ صغير عمل پر انهن جو اثر تمام گهڻو اونهو آهي، انهي ڪري انهن ڳالهين جي اهميت به اوتري گَهري ۽ پُراثر آهي۔۔
    توهان جي تحرير کي جيڪڏهن اولاد جي حيثيت ۾ پڙهجي ته دل نرم ٿيو پوي ۽ جيڪڏهن والد جي حيثيت سان پڙهجي ته به جيءُ جهريو پوي۔۔ خبر ڪا نه ٿي پوي ته ويچارو انسان ايترو حساس به ٿيندو آهي ۽ جيڪڏهن ڪاوش پڙهون ته روز "اولاد جي هٿان والدين جي قتل ٿيڻ" يا "پيء هٿان اولاد تي ڪهاڙين جا وار" جون خبرون پڙهي اندر ئي ڏڪي پوندو آهي ۽ ڳالهه سمجهه کان چڙهي ويندي آهي ته انسان جانور کان به وڌيڪ وحشي ٿيندو آهي۔۔

    بهترين شيئرنگ لاء مهرباني
    جزاڪ الله
     
  4. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: ٻار جو والدين ڏانهن ياداشتنامو؛

    ادا رحيم بخش، مهرباني ليک پسند ڪرڻ جون ۔۔۔ دوست! اوهين ته استاد محترم آهيو ۽ استاد ته انساني فطرت جا ڌنار هوندا آهن ۔۔۔ جن جو ڪم هوندو آهي اڻ سڌريل جانورن جهڙن کي انسان ٺاهڻ ۔۔۔ چوندا آهن ته ڪجهه ڳالهيون اهڙيون هونديون آهن جي ڪچڙي عمر ۾ سکڻ انتهائي ضروري هونديون آهن، ٻي صورت ۾ اهو به چيو ويندو آهي ته پڪي گهڙي کي ڪنا نه پوندا آهن ۔۔۔ اهو فرض والدين ۽ استاد محترمن جو آهي ته هو اسانجي نسل کي ڪهڙي تربيت ڏين ٿا ۔۔۔
    sindhsalamatsaathsal
     
  5. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: ٻار جو والدين ڏانهن ياداشتنامو؛

    سائين نثار ابڙا بلڪل اهي ساڳيا ڪم و بيش سُنهري اصول منهنجي بي بي ثنا جيڪا سي بي ايس اسڪول ۾ پڙهندي آهي، ان جي پروگريس رپورٽ ۾ درج ٿيل آهن، مزي جهڙي ڳالهه ته اڄ سندس گرينڊ ٽيسٽ جي سموري رزلٽ ان پروگريس رپورٽ ۾ مون وٽ صحيح ٿيڻ لاءِ آئي مون ڪوشش پئي ڪئي ته اهي ساڳوڻا بهترين اصول ان پروگيس رپورٽ جي ٿورن سان اُتاري سنڌ سلامت جي اڱڻ تان ساري دنيا جي سنڌين سان شيئر ڪريان پر توهان جي مهرباني جو اهي سُنهري اصول اسان سان اڳ ۾ ئي ونڊ ڪري ڇڏيا۔۔۔۔۔۔۔ بهرحال هن اصولن مان اها به خبر پئي ته ”ٻار مُڇ جو وار“ جيڏانهن وارينس تيڏانهن وري وارو اصول هاڻي تقريبن مُدي خارج ٿي چُڪو آهي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ٻارن جي نفسيات توهان جي هن رهنما اصولن پڙهڻ کان پوءِ ڀليءَ ريت سُڃاڻي سگهجي ٿي۔۔۔۔۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو