نثارابڙو
نائب منتظم
هڪ ٻار جو والدين ڏانهن ياداشتنامو؛
- سڌي ۽ سخت ٿيڻ کان نه ڊڄو! مونکي اهو پسند آهي، ان سان مونکي پنهنجي حفاظت جو احساس ٿئي ٿو ...
- منهنجين خراب عادتن کي وڌڻ نه ڏيو! آءُ اوهانتي ئي ڀروسو ڪريانٿو ته اوهان انهن کي منهنجي ڪچڙي عمر ۾ سڌاريو..
- مونکي منهنجي عمر کان ننڍو نه سمجهو! ان سان آءُ وڌيڪ بيوقوفيءَ واريون حرڪتون ڪرڻ لڳندس ..
- ماڻهن جي سامهون مونکي غلط ثابت نه ڪريو! ها جي منهنجي مدد ڪرڻ چاهيو ٿا ته مونکي اڪيلائيءَ ۾ سمجهايو ... ان سان مونتي وڌيڪ اثر ٿيندو ...
- منهنجين غلطين کي منهنجا گناه نه سمجهو! ان سان منهنجو قدر گهٽجي ويندو ...
- ننڍين ننڍين تڪليفن کان بچائڻ جي ڪوشش نه ڪريو! مونکي انهن جي ضرورت آهي ته جيئن آءُ انهن ڏکين رستن تي هلڻ سکي وٺان ...
- جڏهن آءُ اوهان سان نفرت جو اظهار ڪريان ته ڪاوڙ نه ڪريو! انجو مطلب اهو ناهي ته آءُ اوهان سان نفرت ڪريانٿو پر اوهانجي ڏاڍائيءَ سان ...
- منهنجي بيمار ٿيڻ تي تمام گهڻو پريشان نه ٿيو! مونکي اوهانجي پريشاني سان نه پر سڪون سان عمل ڪرڻ جي ضرورت هوندي آهي ...
- غضبناڪ نه ٿيو! ڇاڪاڻ جي ايئن ڪندا ته آءُ پاڻ کي بچائيندي، اوهانجي ڪا ڳالهه ٻڌڻ کان انڪار ڪندس ...
- اهو نه وسارجو ته ڪڏهن ڪڏهن آءُ پنهنجي ڳالهه اهڙي نموني نه ڪري سگهندو آهيان جهڙيطرح ڪرڻ گهرجي، انڪري همشه غلطيون ٿي وينديون آهن ...
- مونکي ٻڌڻ کان اڳ ئي چپ نه ڪرايو، جڏهن آءُ سوال ڪريان! جيڪڏهن ايئن ڪندا ته آءُ اوهانکان پڇڻ ڇڏي ڪنهن ٻي طرف وڃڻ شروع ڪندس ...
- پنهنجين ڳالهين ۾ اختلاف پئدا نه ڪريو! ايئن ڪرڻ سان آءُ موڳو ٿي پوندس ۽ اوهان تان اعتماد گهٽجي ويندو ...
- مونکي اهو نه ٻڌايو ته خوف ڪرڻ بيوقوفي آهي! ڇاڪاڻ ته خوف حقيقت آهي ، انکي سمجهڻ جي ڪوشش ڪريو ۽ حل ڪريو...
- اوهان پاڻ کي مڪمل ۽ غلطين کان پاڪ نه ڄاڻايون! مونکي سخت تڪليف ٿيندي جڏهن اوهانکي ڪڏهن ڪا غلطي ڪندي ڏسندس ...
- ايئن ڪڏهن نه سوچجو ته اوهان جي حيثيت گهٽ ٿيندي جي اوهان مونکان معافي گهرندا! خلوص سان گهريل معافي مونکي تمام گرمجوشيءَ سان اوهانجي ويجهو ڪري ڇڏيندي ...
- اهو نه وسارجو ته منهنجي عمر تجربن ڪرڻ جي آهي! آءُ تجربن سان پيار ڪريانٿو ۽ انهن کان بغير رهي نٿو سگهان ... انڪري ٿورا اوهانجا جو اوهان انهن کي قبول ڪريو ...
- اهو نه وسارجو ته آءُ ڪيترو جلد وڌي رهيو آهيان! ممڪن اهو احساس ڪرڻ اوهان لئه ڏکيو هجي ۽ اوهان مونسان گڏ ايترا تيز نه هجو پر ڪوشش ته ڪري سگهو ٿا ...
- اهو نه وسارجو ته منهنجو وڌڻ ۽ ترقي ڪرڻ سڀ اوهانجي توجهه ۽ گهڻي پيار کان بغير ممڪن ناهي! ۽ اوهانکي اهو ٻڌائڻ منهنجو ڪم ناهي ...
پاڻ کي سنڀالي رکجو ۽ پنهنجي صحت جو خاص خيال ڪجو