نثارناز
سينيئر رڪن
مزاحيه سنڌي ٽيلي فلم ” چيڪ پوسٽ“ جي تصويري ڪهاڻي
پيارا سنڌي دوستو، مزاحيه سنڌي ٽيلي فلم چيڪ پوسٽ ۾ توهان ڏسندا هن گهٽ ۽ ٻوساٽ وڪوڙيل معاشري جي سُڌاري واسطي في البديع ڀوڳ ، چرچا، کل، هي فلم جي ڪهاڻي ٽن پوليس وارن جي چوڌاري ڦري ٿي، جيڪي مجبور آهن پنهنجي زالن اڳيان جيڪي کين ڪرپشن ڪرڻ تي مجبور ڪن ٿيون، هن ڪهاڻي ۾ هڪڙو ڌاڙيل به آهي جنهن کي دنيا وارا خاڪو خطرناڪ جي نالي سان سڏين ٿا، اهو خاڪو خطرناڪ ڳوٺ جو موچي هوندو آهي پر ڳوٺ وارا پنهنجون جتيون ان موچي کان ڪونه سُڀائيندا آهن ان ڪري هو مجبور ٿي ڌاڙيل ٿي ويندو آهي، سندس پهريون ڌاڙو، ڳوٺ جي ڌوٻيءَ جِي گڏهه جي چوريءَ سان ٿئي ٿو، هن ۾ فلم ۾ ڊي پي او جو ڪردار ادا ڪندڙ توهان جو ڄاتل سُڃاتل ماڻهو آهي، جي سُڃاڻي وٺوس ته چپن تي هٿ رکي خاموش ٿي وڃجو۔ خير هاڻي ان فلم جون ڪجهه تازيون تصويرون توهان سان ونڊ پيو ڪريان۔۔۔۔۔۔۔ بس دوستو بيڪار کان بيگار ڀلي آهي،
هن فلم جو هيرو سائين عبدالمجيد سولنگي هڪ اڻ سُڃاتل ماڻهو جنهن کي شايد سنڌ سلامت جا ماڻهو سُڃاڻندا هُجن ان سان
(ٻيون تصويرون ٿوري دير کان پوءِ)
پيارا سنڌي دوستو، مزاحيه سنڌي ٽيلي فلم چيڪ پوسٽ ۾ توهان ڏسندا هن گهٽ ۽ ٻوساٽ وڪوڙيل معاشري جي سُڌاري واسطي في البديع ڀوڳ ، چرچا، کل، هي فلم جي ڪهاڻي ٽن پوليس وارن جي چوڌاري ڦري ٿي، جيڪي مجبور آهن پنهنجي زالن اڳيان جيڪي کين ڪرپشن ڪرڻ تي مجبور ڪن ٿيون، هن ڪهاڻي ۾ هڪڙو ڌاڙيل به آهي جنهن کي دنيا وارا خاڪو خطرناڪ جي نالي سان سڏين ٿا، اهو خاڪو خطرناڪ ڳوٺ جو موچي هوندو آهي پر ڳوٺ وارا پنهنجون جتيون ان موچي کان ڪونه سُڀائيندا آهن ان ڪري هو مجبور ٿي ڌاڙيل ٿي ويندو آهي، سندس پهريون ڌاڙو، ڳوٺ جي ڌوٻيءَ جِي گڏهه جي چوريءَ سان ٿئي ٿو، هن ۾ فلم ۾ ڊي پي او جو ڪردار ادا ڪندڙ توهان جو ڄاتل سُڃاتل ماڻهو آهي، جي سُڃاڻي وٺوس ته چپن تي هٿ رکي خاموش ٿي وڃجو۔ خير هاڻي ان فلم جون ڪجهه تازيون تصويرون توهان سان ونڊ پيو ڪريان۔۔۔۔۔۔۔ بس دوستو بيڪار کان بيگار ڀلي آهي،

هي ڪردار آهي اسان جي سنڌ سلامت جي دوست ميمبر محمد جمن شيخ جو ڪهڙو ڪردار ادا ڪري پيو اها خبر فلم ڏسي پوءِ ٻُڌائجو

هن تصوير ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته هڪڙو محمد جمن شيخ آهي باقي ٻي جي ڪا خبر ڪانهي ته ڪير آهي توهان سُڃاڻو ته پهرين فرصت ۾ ان جو پتو سنڌ سلامت جي منتظم اعلى کي ڏئي ڇڏجو خبر پئي آهي ته ڪافي ڏينهن کان کيس ان ماڻهو جي تلاش آهي

هي تصوير هن فلم جي هيروئن فريال جي آهي، پوليس جمعادار جي زال جو پر وڏي اُستاد مائي جو ڪردار ادا پئي ڪري

هڪڙو ڪردار انسپيڪٽر وارو شوڪت ميمڻ ادا پيو ڪري مگر ڊي پي او جو ڪردار جيڪو موبائل تي انفارميشن پيو وٺي اهو جهونو الائي ڪير آئي پاڻ سُڃانونس ئي ڪونه ...

هن تصوير ۾ اسان جي سنڌ سلامت جو مين ڪئميرا مين عبدالغفور سمون پڻ آهي جيڪو هڪ بدمعاش جو ڪردار ادا پيو

فلم جو سائيڊ هيرو خيرو ملاح پنهنجي سائيڊ هيروئن سان

(ٻيون تصويرون ٿوري دير کان پوءِ)