• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

مزاحيه سنڌي ٽيلي فلم ”چيڪ پوسٽ“ جي تصويري ڪهاڻي

نثارناز

سينيئر رڪن
مزاحيه سنڌي ٽيلي فلم ” چيڪ پوسٽ“ جي تصويري ڪهاڻي
پيارا سنڌي دوستو، مزاحيه سنڌي ٽيلي فلم چيڪ پوسٽ ۾ توهان ڏسندا هن گهٽ ۽ ٻوساٽ وڪوڙيل معاشري جي سُڌاري واسطي في البديع ڀوڳ ، چرچا، کل، هي فلم جي ڪهاڻي ٽن پوليس وارن جي چوڌاري ڦري ٿي، جيڪي مجبور آهن پنهنجي زالن اڳيان جيڪي کين ڪرپشن ڪرڻ تي مجبور ڪن ٿيون، هن ڪهاڻي ۾ هڪڙو ڌاڙيل به آهي جنهن کي دنيا وارا خاڪو خطرناڪ جي نالي سان سڏين ٿا، اهو خاڪو خطرناڪ ڳوٺ جو موچي هوندو آهي پر ڳوٺ وارا پنهنجون جتيون ان موچي کان ڪونه سُڀائيندا آهن ان ڪري هو مجبور ٿي ڌاڙيل ٿي ويندو آهي، سندس پهريون ڌاڙو، ڳوٺ جي ڌوٻيءَ جِي گڏهه جي چوريءَ سان ٿئي ٿو، هن ۾ فلم ۾ ڊي پي او جو ڪردار ادا ڪندڙ توهان جو ڄاتل سُڃاتل ماڻهو آهي، جي سُڃاڻي وٺوس ته چپن تي هٿ رکي خاموش ٿي وڃجو۔ خير هاڻي ان فلم جون ڪجهه تازيون تصويرون توهان سان ونڊ پيو ڪريان۔۔۔۔۔۔۔ بس دوستو بيڪار کان بيگار ڀلي آهي،
juman%2033.jpg
هي ڪردار آهي اسان جي سنڌ سلامت جي دوست ميمبر محمد جمن شيخ جو ڪهڙو ڪردار ادا ڪري پيو اها خبر فلم ڏسي پوءِ ٻُڌائجو​

Nisar%20naz%20juman.jpg
هن تصوير ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته هڪڙو محمد جمن شيخ آهي باقي ٻي جي ڪا خبر ڪانهي ته ڪير آهي توهان سُڃاڻو ته پهرين فرصت ۾ ان جو پتو سنڌ سلامت جي منتظم اعلى کي ڏئي ڇڏجو خبر پئي آهي ته ڪافي ڏينهن کان کيس ان ماڻهو جي تلاش آهي​

faryal.jpg
هي تصوير هن فلم جي هيروئن فريال جي آهي، پوليس جمعادار جي زال جو پر وڏي اُستاد مائي جو ڪردار ادا پئي ڪري​

shoukat.jpg
هڪڙو ڪردار انسپيڪٽر وارو شوڪت ميمڻ ادا پيو ڪري مگر ڊي پي او جو ڪردار جيڪو موبائل تي انفارميشن پيو وٺي اهو جهونو الائي ڪير آئي پاڻ سُڃانونس ئي ڪونه ...​
ghafoor%20and%20other.jpg
هن تصوير ۾ اسان جي سنڌ سلامت جو مين ڪئميرا مين عبدالغفور سمون پڻ آهي جيڪو هڪ بدمعاش جو ڪردار ادا پيو​
khair%20mohd.jpg
فلم جو سائيڊ هيرو خيرو ملاح پنهنجي سائيڊ هيروئن سان​

majeed%201.jpg
هن فلم جو هيرو سائين عبدالمجيد سولنگي هڪ اڻ سُڃاتل ماڻهو جنهن کي شايد سنڌ سلامت جا ماڻهو سُڃاڻندا هُجن ان سان

(ٻيون تصويرون ٿوري دير کان پوءِ)
 
جواب: مزاحيه سنڌي ٽيلي فلم ”چيڪ پوسٽ“ جي تصويري ڪهاڻي

سائين قبلا ڊي پي او پوليس ته سڃاپي پيو آهي پر راز جي ڳالهه آهي ان ڪري راز کي راز ئي رهڻ ڏجي ته بهتر نه ته کوڙ سفارشي پهچي ويندا ۽ سندس فرائض جي آڙ بنجي کيس حق انصاف ڪرڻ کان به پري رکڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي ويندي ان ڪري چپ رهي سندن اعلي ڪارڪردگي جو مظاهرو مطالع ڪجي ته بهتر آهي۔
 
سائين رحيم بخش توهان ڊي پي او کي سُڃاتو ، لک لائق نه ته هن دور ۾ اهڙن جهونن ڊي پي اوز کي ڪير سُڃاڻندو آهي، باقي اهو ريٽائرڊ پن سن وارو ڊي پي او اٿوَ نڪ جِي ڏاڍائي جي ڪري مڙئي هلي پيو جنهن جي جيءَ ۾ اچي ٿو اهو ڇڪيو وڃيس، بس پاني وانگر هر جڳه تي اصل فٽ۔
 
جواب: مزاحيه سنڌي ٽيلي فلم ”چيڪ پوسٽ“ جي تصويري ڪهاڻي

faryal%201.jpg

هن فلم جي هيروئن فريال

saeen%20majeed.jpg
هن فلم جا ٻه ڪردار​
majeedd%202.jpg
سائين عبدالمجيد سولنگي جيڪو هن فلم جو هيرو به آهي ته فلم جو مين ڪئميرا مين پڻ​

full.jpg
فلم چيڪ پوسٽ جي سيٽ تي سمورا ساٿي فنڪار گڏ آهن​
babo.jpg
فلم چيڪ پوسٽ ۾ پنهنجو ڪردار نڀائيندي ساٿي فنڪار​
faryal2.jpg
هيروئن فريال جو هڪ وڌيڪ انداز​

all.jpg
مختلف ڪردار پنهنجو ڪردار ادا ڪندي​
och.jpg

اسان جي شهر ٽنڊو محمد خان جو اوچتو جلال پنهنجي مٿي تي ٺري جي بوتل رکي موالي جو ڪردار نڀائيندي
دوستو جڏهن به اها فلم چيڪ پوسٽ ريليز ٿي سنڌ سلامت جي محبتي دوستن کي ضرور اماڻبي انهي فلم جي ايڊيٽنگ اسان جو دوست محمد جمن شيخ ڏينهن رات محنت ڪري ڪري پيو۔ عنقريب ان فلم جو پريمو ٽريلر جي صورت ۾ وڊيو ۾ سڀني دوستن سان ونڊ ڪبو۔
 
جواب: مزاحيه سنڌي ٽيلي فلم ”چيڪ پوسٽ“ جي تصويري ڪهاڻي

واھ واھ سائين تمام بهترين ۽ فني فلم پئي لڳي........خاص ڪري اوهان جو ڪلاشن وارو پوز ۽ موبائيل وارو اسٽائيل....زبردست
 
جواب: مزاحيه سنڌي ٽيلي فلم ”چيڪ پوسٽ“ جي تصويري ڪهاڻي

سلام سائين ناز صاحب دي بي او جو كردار مله ماريندي نظر اجي بيو بر هيروئن خبر نه آهي كنهن جي بسند آهي جنهن جو كردار فلم كي دهك رسائي سكهي تهو اها بي كاله آهي ته فلم جي كنهن مور تي دي بي او صاحب به ضرور اهري هيروئن جي زلفن جو اسير بنبو بوء يا ته واقعي هيروئن اهري آهي يا ان كي دهك رسائن جي كوشش كئي وئي آهي يا فوتو صحيح نه نكري سكهيا آهن بحرحال فلم جو بي صبري سان انتظار آهي
 
جواب: مزاحيه سنڌي ٽيلي فلم ”چيڪ پوسٽ“ جي تصويري ڪهاڻي

تصويرن مان ته فلم سٺي لڳي رهي آهي باقي فلم ڏسڻ کان پوءِ بڌائبو.. فلم جو پرومو يا فلم جو انتظار رهندو.........
 
جواب: مزاحيه سنڌي ٽيلي فلم ”چيڪ پوسٽ“ جي تصويري ڪهاڻي

معاشري جي براين کي ختم ڪرڻ لاءِ فلمون بهترين ڪردار نڀائي سگهن ٿيون۔۔۔ جڏهن کان وٺي ڪجهه سنڌي چينل ڪم شروع ڪيو آهي۔۔۔ ته ماڻهون ٻيهر سنڌي فلمن ڏانهن لڙي رهيا آهن پر حيران ڪن طور تي فلمن مان سبق سکڻ بجاءِ هرڪو لوفر يا ڌاڙيل ٿيڻ جي چڪر ۾ آهي۔۔۔ جيڪڏهن ٻيو ڪجهه نه ڪري سگهي ته ڳوٺ جي يا پاڙي جي نياڻي کي فلم جي هيروئن ۽ پاڻ کي هيرو بنائڻ جي چڪر ۾ هوندو آهي۔۔۔
ڇا فلمون بڻائي اسان معاشري کي بهتري طرف وٺي وڃي رهيا آهيون يا برائي طرف۔۔۔۔؟ اهو هڪ اهم سوال آهي جنهن جو گهٽ ۾ گهٽ فلم ٺاهيندڙ کي علم ضرور هجڻ گهرجي۔۔۔
 
سائين مان اوهان جي ڳالھ سان متفق ٿيندي اهو چوندس ته سنڌي فلمون اسان جي ڳوٺ جي نوجوانن ۾ داڙيل ٿيڻ جو شوق پيدا پيون ڪن۔۔۔۔۔ڇوته سنڌي فلم ۾ جيڪو هيرو جو ڪردار ادا ڪندو آهي۔۔۔۔اُهو هڪ داڙيل هوندو آهي۔
 
جواب: مزاحيه سنڌي ٽيلي فلم ”چيڪ پوسٽ“ جي تصويري ڪهاڻي

هر فلم ۾ ٻه رستا ڏيکاريل هوندا آهن هڪ نيڪي ۽ ٻيو بدي طرف ۽ بدي جو انجام هميشه برو ڏيکاريل هوندو آهي.. پو ء اهو ڏسڻ واري تي هوندو آهي ته هو ڪهڙي رستي تي هلي..........
 
جواب: مزاحيه سنڌي ٽيلي فلم ”چيڪ پوسٽ“ جي تصويري ڪهاڻي

ها اهو ته آهي ته هر سندهي فلم ۾ هيرو هميشه ڌاڙيل ئي ڇو هوندو آهي؟؟
 
Back
Top