سنڌي ٻولي، جديد ٽيڪنالاجي ۽ مخرج (غور طلب)

'سنڌي ڪمپيوٽنگ' فورم ۾ گل حسن لاکو طرفان آندل موضوعَ ‏22 آگسٽ 2013۔

  1. گل حسن لاکو

    گل حسن لاکو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 جولائي 2010
    تحريرون:
    407
    ورتل پسنديدگيون:
    820
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    لائبريري اسسٽنٽ، مهراڻ يونيورسٽي ڄامشورو
    ماڳ:
    مهراڻ ٽائون، شهدادپور ضلع سانگهڙ
    ڪجهه ڏينهن اڳ هڪ دوست فيس بڪ تي هي ڳالهه شيئر ڪئي هئي، سنڌ سلامت جا ڪافي سارا دوست به ماهر آهن، مهرباني ڪري پنهنجو رايو ڏيندا۔

    2025 سال ۾ سنڌي ٻولي جديد ٽيڪنالاجيءَ ۾ اچي ئي نه سگھندي جيڪڏهن ٻوليءَ مان مدي خارج مخرج نه ڪڍيا ويا ته!
    جڏهن ”س“ موجود آهي ته ث ۽ ص جي ضرورت ڪهڙي آهي؟
    مثال جيڪڏهن ”صاحب“ لفظ جي ص کي هٽائي س سان لکجي ته ڪهڙو فرق پوندو؟
    جيئن صاحب جي جڳهه تي ساحب!
    جڏهن ”ز“ موجود آهي ته ض، ذ يا ظ جي ڪهڙي ضرورت آهي؟
    زالم، زمير، لکجي ته ڪهڙو فرق پوندو؟
    ساڳي طرح سان ”ح“ ۽ ”هه“ سان به مسئلو آهي...​

    اها ڳالهه پڪ ڪري سمجھي ڇڏيو ته ڪوبه فرق نه پوندو، ها پر جيڪڏهن اهي مخرج هوندا ته پڪ سمجھجو سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪمپيوٽنگ جي مشيني اچارن واري حرفت ۾ سنڌي نه اچي سگھندي.
    ڪو ماڻهو تقرير ڪندو ته ان کي ڪمپيوٽر جي پروگرامنگ لکي نه سگھندي.​

    ياد رکي ڇڏيو سنڌي ٻوليءَ جي جديد ڪمپيوٽنگ ۾ هاڻي وڏي رڪاوٽ هيٺيون ٻه وڏيون رڪاوٽون آهن.
    1. مخرجن جو هجڻ.
    2. آپٽيڪل ڪريڪٽر رڪگنيشن جو نه هجڻ​
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,220
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    ادا هتي سڀاڻي جي خبر نه آهي ته ڇا ٿيندو ، 2025 ته تمام پري آهي ، اهي مخرج نه هجن ته سنڌي ٻولي ۾ بگاڙ پيدا ٿيندو
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,886
    ورتل پسنديدگيون:
    27,213
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ان تي تحقيق جي ضرورت آهي ۔۔۔۔ جيڪڏهن کڻي اهي اکر خارج به ڪجن ته پوء ايڏو سارو لکيل ادب، شاعري ۽ مواد ڪير سمجهندو ۽ ان جو ڇا ٿيندو؟
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. ممتاز قريشي

    ممتاز قريشي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 جنوري 2013
    تحريرون:
    1,480
    ورتل پسنديدگيون:
    5,963
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    پيڊياٽرڪ سرجن.
    ماڳ:
    قاسم آباد حيدرآباد
    ٻولي جي خوبضورتي، مضبوطي ۽ ڪشادگي جو دارومدار ان جي وڌيڪ اکرن جي موجودگي تي آهي۔سنڌي ٻولي جي اکرن ۾ گهٽتائي سان ٻولي جي افاديت متاثر ٿيڻ جو انديشو آهي۔ ڪمپيوٽر کي ٻولي جي خدمت لا استعمال ڪرڻ گهرجي نه ڪي ٻولي کي ڪمپيوٽر جي خدمت ۾ گهٽ وڌ ڪرڻ جي ڪوشش ڪجي۔۔هر مسئلي جو ڪو نه ڪو حل موجود هوندو آهي ، مستقبل ۾ جڏهن ڪو اهڙو وقت آيو ته ضرور ان جو توڙ به نڪري ايندو۔ ڇو جو هي مسئلو صرف سنڌي ٻولي سان ته نٿو ٿي سگهي، دنيا جون ٻيون به ڪئين ٻوليون متاثر ٿينديون۔
    هڪ ماڻهو ڪنهن عالم کان پڇيو ته سائين نماز ۾ قُرآن شريف جي سورتن جي بدران صرف انهن جو ترجمو پڙهجي ته ڪو حرج ته ناهي۔۔؟
    عالم جواب ڏنو: بلڪل ڪو حرج ناهي۔۔۔بس نماز ڪو نه ٿيندي۔!
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. میر چند

    میر چند
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آگسٽ 2012
    تحريرون:
    37
    ورتل پسنديدگيون:
    46
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    جوھي
    سنڌي ٻولي جي الفابيٽ‎ ‎غیر سائنسي آھي جنھن تي اڄ‎ ‎ڏینھن تائين پٹ ڪو بہ ڌيان ناھي ڏنو ویو۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,923
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    اهي ساڳيا مخرج عربي فارسي اردو ۾ به آهن انهن کي اهڙو فڪر ڪونه ظاهر ٿيو سنڌي ويچارا هميشه ٻين کان پو ڪو ڪم ڪندا آهن هن ۾ الائي ڪيئن بڙي دور کي سوجهي۔ سوچڻ فقط ايترو گهرجي ته ڇا اسان هن وقت تائين ٻين ٻولين وانگر هر ڳالهه ۾ برابر ٿي سگهيا آهيون ڪافي سٺيون ڪوششون ڪيون ويون آهن ليڪن ان جي باوجود جيترو ادبي علمي ذخيرو ٻين ٻولين هن جديد دور ۾ اليڪٽرانڪ ميڊيا ذريعي گڏ ڪري ورتو آهي ڇا اسان ايترو ڪيو آهي۔
     
  7. شبير ڪنڀار

    شبير ڪنڀار
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    15
    ورتل پسنديدگيون:
    34
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپيوٽنگ
    ماڳ:
    سنڌوءَ جي اڀرندي ڪناري (هالا شهر)
    اها شيئرنگ Amar Fayaz جي آهي ۽ ان تي سنجيدگيءَ سان سوچڻ جي ضرورت آهي.
    آئون سمجھان ٿو تہ ان مسئلي کي بيان ڪرڻ لاء تفصيلي مقالو لکڻ گھربو هو، جنهن ۾ موضوع کي کولي بيان ڪري، مخرجن کي رد يا قائم ڪرڻ لاء مظبوط دليل پيش ڪرڻ گهربا هئا، پر ان جي ابتڙ تمام سادي نموني پنهنجي راء جو اظهار ڪري فياض مخرجن کي ٻوليء مان خارج ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي ۽ پوء پوسٽ تي ٿيل مباحثي ۾ لکيائين ته: پاڻ (فياض) ان پوست تي تفصيلي مضمون ڏيندو، جنهن جو انتظار آهي۔
    باقي ٻہ چار سٽن ۾ هن مسئلي تي لکڻ ”چلتی کا ںام گاڑی“ جي برابر ٿيندو۔ مسئلي جي حساسيت تي جذبات کي پاسيرو رکي سوچڻو پوندو ۽ معياري طريقيڪار تي هلڻو پوندو۔انڪري انتهائي ضروري آهي ته هن موضوع کي گهربل اهميت ڏجي ۽ تڪڙي مختصر نه بلڪل سنجيده ۽ مفصل راء ڏجي۔
    حاصل مطلب ته: جيڪر اسان پنهنجي ٻوليءَ جي معاملي ۾ سنجيده آهيون تہ پوءِ اهڙي ننڍڙي ٽيڪاٽپڻيءَ کان پاسو ڪرڻ گھرجي.



    حال حاضر۔۔۔۔ منهنجو بلاگ
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. گل حسن لاکو

    گل حسن لاکو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 جولائي 2010
    تحريرون:
    407
    ورتل پسنديدگيون:
    820
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    لائبريري اسسٽنٽ، مهراڻ يونيورسٽي ڄامشورو
    ماڳ:
    مهراڻ ٽائون، شهدادپور ضلع سانگهڙ
    هي ڪالم حليم بروهي ڪاوش اخبار ۾ لکيو هو، جيڪو پڻ پڙهي سگهجي ٿو

    [​IMG]

    مادري ٻولي



    سومر 6 اپريل 2009ع


    · ڪجهه وقت اڳ مادري ٻوليءَ جو عالمي ڏينهن ملهايو ويو ۽ پاڻ وٽ ڇا ٿيو؟ مادري ٻولي جي ساراهه ڪئي وئي، ان جي حق جي ڳالهه ڪئي وئي ۽ ٻارن کي مادري ٻوليءَ ۾ تعليم ڏيڻ جي ڳالهه ڪئي وئي، فقط سنڌي ٻولي جي ڳالهه ڪئي وئي، اهو نه سوچيو ويو ته مادري ٻولي الڳ ڳالهه آهي ۽ صوبائي ٻولي الڳ ڳالهه آهي. انهن ٻارن جا حق درگذر ڪيا ويا جيڪي پنهنجي گهرن ۾ سرائڪي، ڍاٽڪي، بلوچي، براهوي ۽ مارواڙي ٻوليون ڳالهائيندا آهن، ڇو؟ اهي ٻار ناهن ڇا؟ فقط سنڌي کي ئي مادري ٻولي جو مقام ڏنو ويو، ڇو؟ سبب ڄاڻائڻ گهرجي، جيڪو نه ڄاڻايو ويو. عالمي اداري مادري ٻولي جو ڏينهن ملهائڻ جو چيو هو، صوبائي ٻولي ملهائڻ جو نه چيو هو ۽ جي سنڌ صوبي جي نالي چڙهيل محققن ۽ عالمن کي سنڌي بابت ئي ڏينهن ملهائڻو هو ته هنن جو ڪم هو ته هاءِ گهوڙا ۽ واهه واهه تائين محدود رهڻ بدران سنڌي ٻوليءَ جون گهٽتايون ۽ گهرجون به ظاهر ڪن ها.
    · ساڳي ٻولي جڏهن ديوناگري اسڪرپٽ ۾ ٿي لکجي ته ان کي هندي سڏبو آهي ۽ جي ساڳي ٻولي فارسي اسڪرپٽ ۾ ٿي لکجي ته ان کي اڙدو چئبو آهي، تنهن جي معنيٰ ته ان هڪڙي ئي ساڳي ٻولي وٽ لکجڻ جا ٻه طريقا آهن. ڀارت ۾ هندي جي نالي هيٺ اڙدو پئي لکجي ۽ پاڪستان ۾ اڙدو جي نالي هيٺ هندي پئي لکجي، نه هنن کي اعتراض آهن، جيڪي اها ٻولي ديوناگري ۾ پيا لکن ۽ نه وري انهن کي اعتراض آهي، جيڪي فارسي اسڪرپٽ ۾ پيا لکن. اهو ئي سبب آهي جو اها اڙدو/هندي ٻولي ترقي ڪندي پاڪستان ۽ ڀارت جي سڀني ٻولين کان گهڻو اڳتي نڪري وئي آهي. اڳتي پڙهڻ کان اڳي مهرباني ڪري اها پئرا ٻيهر پڙهي وڃو.
    · ۽ ان ٻوليءَ وٽ ڪهڙا ۽ ڪيترا اسڪرپٽ آهن، جا اڄ سنڌ ۽ ڀارت ۾ سنڌي جي نالي سان سڏجي ٿي؟ فقط هڪڙو اسڪرپٽ آهي، جيڪو فارسي ۽ عربي اسڪرپٽن جو کار آهي ۽ لکڻ ۾ ايترو تڪليف ده آهي، جو لکندڙ گهٽبا ئي وڃن. ڪنهن زماني ۾ اها ئي ٻولي ديوناگري اسڪرپٽ ۾ لکبي هئي ۽ اها سنڌي ئي سڏبي هئي، ڇو ته اوهان جي ٻولي ۽ ادب جي ماهرن کي اها منهنجي ڳالهه نه وڻندي ۽ ان ڪري هو مرڳو انڪار ڪندا، تنهن ڪري اوهان کي صلاح آهي ته سنڌالاجيءَ ۾ وڃي اها سنڌي ڊڪشنري ڏسو جا انگريزن جي اچڻ تي هڪڙي انگريز آرمي آفيسر ڇپائي هئي. اها ديوناگري اسڪرپٽ ۾ آهي. ان زماني ۾ ڇاپ گهر ممبئي ۾ هئا. 1945ع ۾ انگريزن اهو اسڪرپٽ سنڌي ٻوليءَ کي ڏنو، جيڪو اڄڪلهه استعمال ٿئي پيو ۽ جنهن تي سنڌي ٻوليءَ جي ابن ڏاڏن اهڙي ڳنڍ ٻڌي آهي، جو ڪنهن ٻئي اسڪرپٽ کي ٻيلهه ڪرڻ لاءِ برداشت ئي نٿا ڪن. جيئن اڙدو وٽ ٻه اسڪرپٽ آهن، تيئن جيڪڏهن سنڌي وٽ به ٻه اسڪرپٽ هجن ته سنڌين کي به سندن ٻولي ترقي ڪندي نظر ايندي. سنڌ جي ٻولي جي ابن ڏاڏن تي آخر ڪهڙو وزن ڪري پوندو جي ديوناگري اسڪرپٽ به قبول ڪيو وڃي.
    · اڄ اڙدو سنڌي ٻوليءَ کان هڪ سئو کان به وڌيڪ ورهيه اڳتي آهي، جو ان وٽ ٻه اسڪرپٽ آهن، سڀاڻي اڙدو ٻولي سنڌي ٻوليءَ کان ٽي چار سئو ورهيه اڳتي نڪري ويندي جو ڪافي وقت کان انگريزي، رومن اکر به اڙدو ۾ استعمال ٿيڻ لڳا آهن ۽ سنڌين کي سندن هڪڙو ئي موڀي، پياري اسڪرپٽ اهڙو گهٽيو آهي جو هاڻ سنڌي به انگريزي اکرن ۾ اڙدو لکڻ لڳا آهن. ائين ته سنڌي جي پاڙ ئي پٽجي ويندي. جي سنڌي ٻولي بچائڻي آهي ته ان کي هڪدم نئون ۽ تازو اسڪرپٽ به ٻيلهه ڏيو، پوءِ اهو ديوناگري هجي يا انگريزي اکرن تي ٻڌل اسڪرپٽ هجي.
    · مادري ٻولي جو ڏڻ ملهائڻ وقت اهو به سوچڻ گهرجي ته مادري ٻولي سنڌي کي پوئتي رکڻ لاءِ جوابدار ڪير آهن؟ هي اهي ساڳيا آهن، جيڪي هاڻ چون پيا ته مادري ٻولي سنڌي سان ظلم ڪيو ويو آهي. هي اهي ئي آهن جن سنڌ جي تعليمي نظام ۾ ڪنهن نه ڪنهن ويس ۾ ڪو پارٽ ادا ڪيو آهي، ڪاميٽيون ٺاهيون آهن، ڪاميٽين جا ميمبر رهيا آهن، آفيسر رهيا آهن، استاد رهيا آهن، ڪتابن جا ايڊيٽر رهيا آهن، درسي ڪتاب ڇپايا آهن، درسي ڪورس جوڙيا آهن ۽ جن جا نالا ورهين بلڪه صدين کان سنڌي ڪتابن تي ڇپيل نظر ايندا رهيا آهن. هنن سنڌ جي تعليمي نظام جي خرچ تي پنهنجا گهر ڀريا آهن ۽ هاڻ به سنڌي ٻوليءَ جي اسڪرپٽ ۾ ڪو به سڌارو فقط ان ڪري نٿا آڻڻ ڏين جو حال رائج اسڪرپٽ ۾ سندن اهي ڪتاب ڇپيل آهن، جن جي رائلٽي/ڪمائي هي کائي رهيا آهن.
    · جتي ڪو بورڊ هوندو، اتي تباهي هوندي، سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ ختم ڪري ان جي جاءِ تي سنڌ ٽيڪسٽ بڪ اٿارٽي قائم ڪري سڀئي اختيار هڪڙي فرد کي ڏنا وڃن ۽ هن کي ئي جوابداري ڏني وڃي ته پنهنجي لياقت آهر ڪم ڪري ۽ جي هو گند ڪري ته ان کي هڪدم هٽائي ٻئي فرد کي آندو وڃي. بورڊ ته هڪ بهانو آهي، گڏجي کائڻ جو. ساڳئي نموني پرائمري ۽ سيڪنڊري ايڊيوڪيشن جا بورڊ به ختم ڪري انهن تي به هڪڙو هڪڙو فرد مقرر ڪيو وڃي، جيڪو ان کاتي جي چڱائي لاءِ مڪمل طرح جوابدار هجي.
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو