ڪجهه ڏينهن اڳ هڪ دوست فيس بڪ تي هي ڳالهه شيئر ڪئي هئي، سنڌ سلامت جا ڪافي سارا دوست به ماهر آهن، مهرباني ڪري پنهنجو رايو ڏيندا۔
2025 سال ۾ سنڌي ٻولي جديد ٽيڪنالاجيءَ ۾ اچي ئي نه سگھندي جيڪڏهن ٻوليءَ مان مدي خارج مخرج نه ڪڍيا ويا ته! جڏهن ”س“ موجود آهي ته ث ۽ ص جي ضرورت ڪهڙي آهي؟
مثال جيڪڏهن ”صاحب“ لفظ جي ص کي هٽائي س سان لکجي ته ڪهڙو فرق پوندو؟
جيئن صاحب جي جڳهه تي ساحب! جڏهن ”ز“ موجود آهي ته ض، ذ يا ظ جي ڪهڙي ضرورت آهي؟ زالم، زمير، لکجي ته ڪهڙو فرق پوندو؟
ساڳي طرح سان ”ح“ ۽ ”هه“ سان به مسئلو آهي...
اها ڳالهه پڪ ڪري سمجھي ڇڏيو ته ڪوبه فرق نه پوندو، ها پر جيڪڏهن اهي مخرج هوندا ته پڪ سمجھجو سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪمپيوٽنگ جي مشيني اچارن واري حرفت ۾ سنڌي نه اچي سگھندي. ڪو ماڻهو تقرير ڪندو ته ان کي ڪمپيوٽر جي پروگرامنگ لکي نه سگھندي.
ياد رکي ڇڏيو سنڌي ٻوليءَ جي جديد ڪمپيوٽنگ ۾ هاڻي وڏي رڪاوٽ هيٺيون ٻه وڏيون رڪاوٽون آهن.
1. مخرجن جو هجڻ.
2. آپٽيڪل ڪريڪٽر رڪگنيشن جو نه هجڻ
ٻولي جي خوبضورتي، مضبوطي ۽ ڪشادگي جو دارومدار ان جي وڌيڪ اکرن جي موجودگي تي آهي۔سنڌي ٻولي جي اکرن ۾ گهٽتائي سان ٻولي جي افاديت متاثر ٿيڻ جو انديشو آهي۔ ڪمپيوٽر کي ٻولي جي خدمت لا استعمال ڪرڻ گهرجي نه ڪي ٻولي کي ڪمپيوٽر جي خدمت ۾ گهٽ وڌ ڪرڻ جي ڪوشش ڪجي۔۔هر مسئلي جو ڪو نه ڪو حل موجود هوندو آهي ، مستقبل ۾ جڏهن ڪو اهڙو وقت آيو ته ضرور ان جو توڙ به نڪري ايندو۔ ڇو جو هي مسئلو صرف سنڌي ٻولي سان ته نٿو ٿي سگهي، دنيا جون ٻيون به ڪئين ٻوليون متاثر ٿينديون۔
هڪ ماڻهو ڪنهن عالم کان پڇيو ته سائين نماز ۾ قُرآن شريف جي سورتن جي بدران صرف انهن جو ترجمو پڙهجي ته ڪو حرج ته ناهي۔۔؟
عالم جواب ڏنو: بلڪل ڪو حرج ناهي۔۔۔بس نماز ڪو نه ٿيندي۔!
اها شيئرنگ Amar Fayaz جي آهي ۽ ان تي سنجيدگيءَ سان سوچڻ جي ضرورت آهي. آئون سمجھان ٿو تہ ان مسئلي کي بيان ڪرڻ لاء تفصيلي مقالو لکڻ گھربو هو، جنهن ۾ موضوع کي کولي بيان ڪري، مخرجن کي رد يا قائم ڪرڻ لاء مظبوط دليل پيش ڪرڻ گهربا هئا، پر ان جي ابتڙ تمام سادي نموني پنهنجي راء جو اظهار ڪري فياض مخرجن کي ٻوليء مان خارج ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي ۽ پوء پوسٽ تي ٿيل مباحثي ۾ لکيائين ته: پاڻ (فياض) ان پوست تي تفصيلي مضمون ڏيندو، جنهن جو انتظار آهي۔ باقي ٻہ چار سٽن ۾ هن مسئلي تي لکڻ ”چلتی کا ںام گاڑی“ جي برابر ٿيندو۔ مسئلي جي حساسيت تي جذبات کي پاسيرو رکي سوچڻو پوندو ۽ معياري طريقيڪار تي هلڻو پوندو۔انڪري انتهائي ضروري آهي ته هن موضوع کي گهربل اهميت ڏجي ۽ تڪڙي مختصر نه بلڪل سنجيده ۽ مفصل راء ڏجي۔ حاصل مطلب ته: جيڪر اسان پنهنجي ٻوليءَ جي معاملي ۾ سنجيده آهيون تہ پوءِ اهڙي ننڍڙي ٽيڪاٽپڻيءَ کان پاسو ڪرڻ گھرجي.