غريب ڄمندي ئي مري وڃي

'سنڌي شاعري' فورم ۾ امام علي جنجهي طرفان آندل موضوعَ ‏25 آگسٽ 2013۔

  1. امام علي جنجهي

    امام علي جنجهي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏18 آگسٽ 2013
    تحريرون:
    15
    ورتل پسنديدگيون:
    55
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    سماجي ڪارڪن
    ماڳ:
    اسلامڪوٽ ٿرپارڪر

    غريب ڄمندي ئي مري وڃي
    غزل لکان يا گيت لکان هار لکان يا جيت لکان
    جو به لکان سو پري وڃي، غريب ڄمندي ئي مري وڃي
    اڙي پيٽ توسان نه پُڄندو ڪو هاري، هي مزدور مسڪين زندگي ساري
    پُٽڙو پڙهائي يا ٻُهاريون ڪڍائي وڏيرن جي واڙِي مان ڪاٺيون وڍائي
    جُتيون پالش لاءِ کڻايون وڃن ٿيون، ٻه چار گاريون سُڻايون وڃن ٿيون
    ٽڪي جو ٿئي پر ٽپالون ڪري، پليتيون ڌوئڻ لاءِ پکالون ڀري
    اڱڻ تي اچڻ کان اوڳر تي جھلجي، سُڪل چوٿ پاروٿي اوبر تي پلجي
    ڀلين کير کٽو ٿي کري وڃي، غريب ڄمندي ئي مري وڃي.
    اجھي ريءَ اڌوريون ڊگھيون سرد راتيون، ڳڀي جي ڳولها ۾ گذاري حياتيون
    لُڪن جو لَڪن تي لِڦون پير ٿي ويا تتي جو تگاريون پٿون پير ٿي ويا
    ونگارن ۾ شامون وهي ويل ٿي ويئي، ڪڏهن ڌوڙ پٽڪي ڪڏهن تيل ٿي ويئي
    نه احساس ٿيو ڪو ڪڏهن التجا جو، سِلو بِي نه مليو ڪَيل ڪنهن وفا جو
    جياپو به جالنگ ٻوري جيان، لتاڙجي يتيم ڇوري جيان
    بکيو در تان ويهي وري وڃي غريب ڄمندي ئي مري وڃي
    وکون وقت تو سان ڀري ڇا سگھون ٿا، نصيبن جا ماريل ڪري ڇا سگھون ٿا
    ڇلا چينچ ۾ ويا گھڻا گھرگھلا ٿي، نه پنهنجا ئي بيٺا ڪڏهن ڀر جھلا ٿي
    ويو يار سڀڪو وارا وڄائي قدر لاءِ ڇڏيو سين اکين کي ڀِڄائي
    پٿر تي ڪو ڳوڙهو ڪري پيو ته ڇا ٿيو، شيشي جو سپنو جھُري پيو ته ڇا ٿيو

    ڌِڪن جي وقت کي ڌڪيندي سدائين، رڳو چنڊ تو ڏانهن تڪيندي سدائين
    رهيل زندگي ٿي ڳري وڃي غريب ڄمندئي مري وڃي

    امام علي جنجهي
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عتيق الرحمان

    عتيق الرحمان
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 سيپٽمبر 2012
    تحريرون:
    361
    ورتل پسنديدگيون:
    1,270
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    193
    سهڻا سائين مون وٽ لفظ ڪونهن جنهن سان اوهان جي احساسن کي ڀيٽا ڏيان ،تمام خوبصورت
    واه واه زبردست
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    سڀ کان پهريان ته سنڌ جي موجوده سماجي حالتن کي ڏکوئيندڙ لفظن ۾ بيان ڪري اوهان پنهنجو فرض خوب نڀايو آهي ۔۔

    ٻي ڳاله ته اوهان کي سنڌ سلامت تي دل جي گهراين سان ڀليڪار، ۽ خوشي ان ڳالهه جي ته اوهانکي سنڌ سلامت تي پنهنجي مواد کي پيش ڪرڻ جو ڏان خوب اچي ويو آهي ۔۔۔ تمام سهڻو ڪم ۔۔۔ اوهانکي جيڪڏهن اڃان به ڪا تڪليف هجي ته اوهان “ سنڌ سلامت سکيا ” سيڪشن ۾ وڃي پنهنجن سوالن جا جواب ڳولهي سگهو ٿا ۔۔۔

    لک قرب سدا سلامت رهو
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. عابد بلوچ

    عابد بلوچ
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏17 جنوري 2013
    تحريرون:
    301
    ورتل پسنديدگيون:
    719
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ايل ايل بي.
    ماڳ:
    Sukkur, Sindh
    پيارا ڀا اوهان کي جس آ اوهان کي سنڌسلامت جي اڱڻ تي ڀليڪار ٿا چئون صدائين ائين ڪم ڪندا رهو آباد هجو
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو