امام علي جنجهي
سينيئر رڪن
غريب ڄمندي ئي مري وڃي
غزل لکان يا گيت لکان هار لکان يا جيت لکان
جو به لکان سو پري وڃي، غريب ڄمندي ئي مري وڃي
اڙي پيٽ توسان نه پُڄندو ڪو هاري، هي مزدور مسڪين زندگي ساري
پُٽڙو پڙهائي يا ٻُهاريون ڪڍائي وڏيرن جي واڙِي مان ڪاٺيون وڍائي
جُتيون پالش لاءِ کڻايون وڃن ٿيون، ٻه چار گاريون سُڻايون وڃن ٿيون
ٽڪي جو ٿئي پر ٽپالون ڪري، پليتيون ڌوئڻ لاءِ پکالون ڀري
اڱڻ تي اچڻ کان اوڳر تي جھلجي، سُڪل چوٿ پاروٿي اوبر تي پلجي
ڀلين کير کٽو ٿي کري وڃي، غريب ڄمندي ئي مري وڃي.
اجھي ريءَ اڌوريون ڊگھيون سرد راتيون، ڳڀي جي ڳولها ۾ گذاري حياتيون
لُڪن جو لَڪن تي لِڦون پير ٿي ويا تتي جو تگاريون پٿون پير ٿي ويا
ونگارن ۾ شامون وهي ويل ٿي ويئي، ڪڏهن ڌوڙ پٽڪي ڪڏهن تيل ٿي ويئي
نه احساس ٿيو ڪو ڪڏهن التجا جو، سِلو بِي نه مليو ڪَيل ڪنهن وفا جو
جياپو به جالنگ ٻوري جيان، لتاڙجي يتيم ڇوري جيان
بکيو در تان ويهي وري وڃي غريب ڄمندي ئي مري وڃي
وکون وقت تو سان ڀري ڇا سگھون ٿا، نصيبن جا ماريل ڪري ڇا سگھون ٿا
ڇلا چينچ ۾ ويا گھڻا گھرگھلا ٿي، نه پنهنجا ئي بيٺا ڪڏهن ڀر جھلا ٿي
ويو يار سڀڪو وارا وڄائي قدر لاءِ ڇڏيو سين اکين کي ڀِڄائي
پٿر تي ڪو ڳوڙهو ڪري پيو ته ڇا ٿيو، شيشي جو سپنو جھُري پيو ته ڇا ٿيو
ڌِڪن جي وقت کي ڌڪيندي سدائين، رڳو چنڊ تو ڏانهن تڪيندي سدائين
رهيل زندگي ٿي ڳري وڃي غريب ڄمندئي مري وڃي
امام علي جنجهي