پيارا سنڌي دوستو اڄ ڀيڻ ڪوشي لالواڻي وڏا قرب ڪري مون غريب ٻي درجي واري شاعر سان فون تي ڳالهايو، پاڻ ويهه منٽن کان 25 منٽن تائين مون کان سنڌ ۽ سنڌين جي باري ۾ پُڇندي رهي سڀ کان وڏي خوشيءَ جي ڳالهه اها توهان سان شيئر ڪندو هلان ته پاڻ منهنجو هڪ نظم مٺي سنڌ توسان آ جنمن جو ناتو جِي ڌُن ترتيب ڏني اٿن، منهنجي ان نظم جا چند بند پاڻ وڏا احسان ڪري مونکي ترنم ۾ ٻُڌايا، مون کيس چيو ته ديدي مان ته سنڌ ڌرتيءَ جو هڪ تمام ننڍڙو پتڪڙو شاعر آهيان پاڻ چيائين ته ڀاءُ ناز دنيا ۾ ڪوبه ننڍو وڏو ڪونه هوندو آهي، ڳالهه انهيءَ احساس جِي آهي ته تنهنجو نظم مٺي سنڌ توسان آ جنمن جو ناتو، هر سنڌيءَ جي دل جو آواز آهي اهي سنڌي چاهي سنڌ ۾ رهن يا چاهي هند ۾ رهن پاڻ تمام جلد اهو نظم سندن ڪمپوزنگ ۾ سندن آواز ۾ مون ڏانهن موڪلڻ جو وعدو ڪيو اٿن دوستو هنڌ ۾ رهندڙ هن سنڌي ڀيڻ جي اخلاق ۽ محبت کي داد ڏيڻ کان سواءِ مان رهي نٿو سگهان، هتي سنڌ ۾ ڪوبه فنڪار پنهنجي شهرت جي بلندين تي پهچندو آهي ته ڪنهن سان ڳالهائڻ لاءِ تيار ڪونه هوندو آهي، ڪنهن سان هٿ ملائڻ لاءِ تيار ڪونه هوندو آهي پر جس هُجي منهنجي هن سنڌياڻي ڀيڻ کي جنهن پنهنجي انتهائي مصروفيت مان وقت ڪڍي مونسان ڳالهايو، پيش آهي محترمه ڪوشي لالواڻي جو هڪ انٽرويو جنهن مان ڀلي ريت اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته سندس دل ۾ سنڌ ۽ سنڌي اصل رچيا ۽ وسيا پيا آهن۔
جواب: ڀيڻ ڪوشي لالواڻي جي دل ۾ سموري سنڌ رچِي وسِي پئي آهي سائين اسان ته توهان کي اڳ ۾ ئي چيو هو ته توهان بهترين شاعر آهيو پر توهان کي فقير جي ڳالهه تي مڙئي ڀروسو گهٽ هيو هاڻي ته ڀلا پڪ ٿيو نه ٻيو ته سائين توهان محترمه ڪوشي لالواڻي جو انٽرويو ڏسي اصل ٿڪ ئي لهي ويا تمام بهترين ورڪ آهي سائين لاجواب lajwab-sharinglajwab-sharinglajwab-sharing sindhsalamatsaathsal
جواب: ڀيڻ ڪوشي لالواڻي جي دل ۾ سموري سنڌ رچِي وسِي پئي آهي فقير يار ڏاڍي پيو ٻُڌائين، مان ۽ بهترين شاعر، اُبتن سُبتن اکرن جي لکڻ واري کي تون بهترين شاعر ٿو سمجهين !!! ٻيلو ڏاهو ٿي بهترين شاعرن جا مٺا پنڌ پري پر صفا پري اٿئي۔ باقي سنڌياڻي ڀيڻ ڪوشي لالواڻي جي انٽرويو واري ونڊ توکي سُٺي لڳي ان لاءِ انتهائي ٿورائتو آهيان
جواب: ڀيڻ ڪوشي لالواڻي جي دل ۾ سموري سنڌ رچِي وسِي پئي آهي سنڌي ٻولي جي لاءِ مختلف مقامن ۽ موقعن جي حساب سان کنيل ڀيڻ ڪوشي لالواڻي جي قدم پنهنجي منزل تي نيٺ رسندا۔۔۔ سندن انٽرويو منجهان صاف نظر ٿي آيو ته پاڻ سنڌي ٻولي کي پنهنجي تڪ تور مطابق جدت آڻي نئين نسل سميت دنيا تائين پهچائڻ چاهين ٿيون۔۔۔ سندن مختصر انٽرويو لڳائي توهان تمام ڀلو ڪم ڪيو۔۔۔ سندس ايندڙ ٻنهي پروجيڪٽس جو شدت سان انتظار رهندو۔۔۔
جواب: ڀيڻ ڪوشي لالواڻي جي دل ۾ سموري سنڌ رچِي وسِي پئي آهي سائين ناز! رب العالمين توکي پنهنجي امان ۾ رکي ۔۔۔ جڏهن به آءُ ڀارت ۾ رهندڙ پنهنجا سنڌي ڏسندو آهيان ته سوچيندو آهيان ته اهڙا سهڻا ماڻهون، پياري ٻولي سنڌي جا پاسدار، سنڌ ڄاوا، سنڌي ثقافت سان محبت ڪرڻ وارا، اڄ دنيا ۾ ترقي ڪرڻ کانپوءِ به ڀارت ۾ بي زمين آهن ۔۔۔ سڀ ڪجهه هوندي به سندن پيرن هيٺان ڌرتي ناهي ۔۔۔ هو ان ڌرتي ٽڪر حاصل ڪرڻ خاطر پاڻ پتوڙي رهيا آهن ۽ سڪائتا آهن ته کين پنهنجو خطو هجي ته جيئن پنهنجي نئي نسل کي سنڌي ٺاهي سگهن ۔۔۔ سندن اها اڪير ڏسي، دل چوندي آهي ته ڪاش سنڌ آزاد هجي ها، ڪاش سنڌ هڪ الڳ ملڪ هجي ها ۽ هنن ظالم ۽ نام نهاد مسلمانن جي چنبي ۾ نه هجي ها ته شايد اسين هڪ جسم جا ٻه ٽڪرا وري گڏ ٿي سگهون ها ۔۔۔ پر افسوس اهو ممڪن به ٿيندو به الائجي نه ۔۔۔ جنهن ٽڪري جي پيرن هيٺان ڌرتي آهي سي غير ترقي يافته ۽ ڏتڙيل زندگي پيا گذارين ۽ جنهن ٽڪري وٽ ترقي آهي ته پيرن هيٺان ڌرتي ناهي ۔۔۔ مڙيا مڇ هزار، ڀاڱا ٿيندي سهڻي ۔۔۔ اڃان ڪيترو عرصو اهي ٻه ٽڪرا جدا رهندا، الائجي ؟؟؟؟
جواب: ڀيڻ ڪوشي لالواڻي جي دل ۾ سموري سنڌ رچِي وسِي پئي آهي ادا رشيد سنڌياڻي ڀيڻ ڪوشي سان جڏهن سندس فلم اويڪننگ جي باري ۾ گفتگو ٿي ته ان چيو ته ڀائو ناز اسان سنڌي جيڪڏهن چاهيون ته گهڻو ڪجهه پنهنجي سنڌي ماڻهن ۽ سنڌي ٻوليءَ لاءِ ڪري ٿا سگهون، سندس ڳالهين مان محسوس پي ٿيو ته ڪوشي صاحبه وٽ سنڌي ٻولي جي سُڌاري لاءِ نت نوان ۽ نڪور خيال هُئا، پاڻ سنڌ ۽ سنڌين جي سڪ ۾ ايتري ته سرشار هُئي جو ڳالهه ڳالهه ۾ چئي رهي هُئي ته جيجل سنڌ سان صدين جو ناتو آهي، جنمن جو ناتو آهي، اهو ته ڪڏهن به ٽُٽِي نٿو سگهي۔
جواب: ڀيڻ ڪوشي لالواڻي جي دل ۾ سموري سنڌ رچِي وسِي پئي آهي نثار ابڙا تڏهن ته چوندو آهيان نه سو وقت نيٺ ايندو مهڪي چمن به ويندو، آزاد هن فضا ۾ ڪو هو جمالو ٿيندو، رهندي نه رات هاڻي ڪا رات هت اُماسِي! سنڌ ديس جا او واسي ، ڇالئه رهو اُداسي! مولا ڪندو سڻائي ، هر ڳالهه هوندي خاصِي!
جواب: ڀيڻ ڪوشي لالواڻي جي دل ۾ سموري سنڌ رچِي وسِي پئي آهي آمين، ڌڻي اهڙو وقت ضرور ڏيکاريندو ۽ اوهانجو دعائون ۽ آٿتون پوريون ٿيندي اکين سان ڏسنداسون ۔۔۔ sindhsalamatsaathsal
جواب: ڀيڻ ڪوشي لالواڻي جي دل ۾ سموري سنڌ رچِي وسِي پئي آهي سائين سنڌ سلامت جي ا'"ڱڻ تي سنڌياڻي ڀيڻ ڪوشي لالواڻي جو انٽرويو ڏسي خوشي ٿي سندس سنڌين بابت ويچار ۽ عملي جاکوڙ سنڌي ثقافت ۽ تهذيب کي دنيا سطح تي متعارف ڪرڻ سچ ته هڪ وڏي جاکوڙ آهي ان لاءِ ادي جس لهڻي هونهن به ادي جو هڪ گيت جاڳ سنڌي جاڳ سچ ته سنڌي قوم ۾ ڪافي جاڳرتا پيدا ڪئي آهي، ۽ توهان جي گيت مٺي سنڌ جي ڪمپوزنگ ٿيڻ اسان سڀني سنڌسلامت ساٿين لاءِ هڪ خوشخبري آهي هونهن به هت اسان وٽ سنڌ ۾ ڪيسٽي شاعري جو ڪلچر عام آهي پر ادبي شاعري کي ِميوزيڪل وي ۾ تمام گهٽ آندو ويو آهي ۽ ادبي شاعرنکي ڪيسٽ ڪمپني مالڪن طرفان ڪابه موٽ نٿي ڏني وڃي جنهن ڪري بيهوده شاعري تي مشتعمل ڪيسٽون مارڪيٽ ۾ پروان چڙهيل آهن جيڪي گيت اسان جي ميوزڪ ادب ۽ ثقافت کي زنگي رهيا آهن توهان جو نظم هڪڙي بين الاقوامي سنڌياڻي آرٽسٽ هند ۽ سنڌ جي عوام تائين پهچائڻ جي ڪوشيش ڪري رهي آهي اهيا توهان سميت اسان سڀني لاءِ اعزاز جي ڳالهه آهي
جواب: ڀيڻ ڪوشي لالواڻي جي دل ۾ سموري سنڌ رچِي وسِي پئي آهي سندس ايندڙ فلم دي اويڪننگ جو گيت ”نچ نچ“ جي هڪ وڌيڪ جهلڪ http://www.youtube.com/watch?v=oKnPxeN4Ukk