نثارناز
سينيئر رڪن
پيارا سنڌي دوستو اڄ ڀيڻ ڪوشي لالواڻي وڏا قرب ڪري مون غريب ٻي درجي واري شاعر سان فون تي ڳالهايو، پاڻ ويهه منٽن کان 25 منٽن تائين مون کان سنڌ ۽ سنڌين جي باري ۾ پُڇندي رهي سڀ کان وڏي خوشيءَ جي ڳالهه اها توهان سان شيئر ڪندو هلان ته پاڻ منهنجو هڪ نظم مٺي سنڌ توسان آ جنمن جو ناتو جِي ڌُن ترتيب ڏني اٿن، منهنجي ان نظم جا چند بند پاڻ وڏا احسان ڪري مونکي ترنم ۾ ٻُڌايا، مون کيس چيو ته ديدي مان ته سنڌ ڌرتيءَ جو هڪ تمام ننڍڙو پتڪڙو شاعر آهيان پاڻ چيائين ته ڀاءُ ناز دنيا ۾ ڪوبه ننڍو وڏو ڪونه هوندو آهي، ڳالهه انهيءَ احساس جِي آهي ته تنهنجو نظم مٺي سنڌ توسان آ جنمن جو ناتو، هر سنڌيءَ جي دل جو آواز آهي اهي سنڌي چاهي سنڌ ۾ رهن يا چاهي هند ۾ رهن پاڻ تمام جلد اهو نظم سندن ڪمپوزنگ ۾ سندن آواز ۾ مون ڏانهن موڪلڻ جو وعدو ڪيو اٿن دوستو هنڌ ۾ رهندڙ هن سنڌي ڀيڻ جي اخلاق ۽ محبت کي داد ڏيڻ کان سواءِ مان رهي نٿو سگهان، هتي سنڌ ۾ ڪوبه فنڪار پنهنجي شهرت جي بلندين تي پهچندو آهي ته ڪنهن سان ڳالهائڻ لاءِ تيار ڪونه هوندو آهي، ڪنهن سان هٿ ملائڻ لاءِ تيار ڪونه هوندو آهي پر جس هُجي منهنجي هن سنڌياڻي ڀيڻ کي جنهن پنهنجي انتهائي مصروفيت مان وقت ڪڍي مونسان ڳالهايو، پيش آهي محترمه ڪوشي لالواڻي جو هڪ انٽرويو جنهن مان ڀلي ريت اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته سندس دل ۾ سنڌ ۽ سنڌي اصل رچيا ۽ وسيا پيا آهن۔