ڀيڻ ڪوشي لالواڻي جي دل ۾ سموري سنڌ رچِي وسِي پئي آهي

'سنڌ سلامت اسٽوڊيو' فورم ۾ نثارناز طرفان آندل موضوعَ ‏24 فيبروري 2010۔

  1. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    پيارا سنڌي دوستو اڄ ڀيڻ ڪوشي لالواڻي وڏا قرب ڪري مون غريب ٻي درجي واري شاعر سان فون تي ڳالهايو، پاڻ ويهه منٽن کان 25 منٽن تائين مون کان سنڌ ۽ سنڌين جي باري ۾ پُڇندي رهي سڀ کان وڏي خوشيءَ جي ڳالهه اها توهان سان شيئر ڪندو هلان ته پاڻ منهنجو هڪ نظم مٺي سنڌ توسان آ جنمن جو ناتو جِي ڌُن ترتيب ڏني اٿن، منهنجي ان نظم جا چند بند پاڻ وڏا احسان ڪري مونکي ترنم ۾ ٻُڌايا، مون کيس چيو ته ديدي مان ته سنڌ ڌرتيءَ جو هڪ تمام ننڍڙو پتڪڙو شاعر آهيان پاڻ چيائين ته ڀاءُ ناز دنيا ۾ ڪوبه ننڍو وڏو ڪونه هوندو آهي، ڳالهه انهيءَ احساس جِي آهي ته تنهنجو نظم مٺي سنڌ توسان آ جنمن جو ناتو، هر سنڌيءَ جي دل جو آواز آهي اهي سنڌي چاهي سنڌ ۾ رهن يا چاهي هند ۾ رهن پاڻ تمام جلد اهو نظم سندن ڪمپوزنگ ۾ سندن آواز ۾ مون ڏانهن موڪلڻ جو وعدو ڪيو اٿن دوستو هنڌ ۾ رهندڙ هن سنڌي ڀيڻ جي اخلاق ۽ محبت کي داد ڏيڻ کان سواءِ مان رهي نٿو سگهان، هتي سنڌ ۾ ڪوبه فنڪار پنهنجي شهرت جي بلندين تي پهچندو آهي ته ڪنهن سان ڳالهائڻ لاءِ تيار ڪونه هوندو آهي، ڪنهن سان هٿ ملائڻ لاءِ تيار ڪونه هوندو آهي پر جس هُجي منهنجي هن سنڌياڻي ڀيڻ کي جنهن پنهنجي انتهائي مصروفيت مان وقت ڪڍي مونسان ڳالهايو، پيش آهي محترمه ڪوشي لالواڻي جو هڪ انٽرويو جنهن مان ڀلي ريت اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته سندس دل ۾ سنڌ ۽ سنڌي اصل رچيا ۽ وسيا پيا آهن۔
     
  2. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: ڀيڻ ڪوشي لالواڻي جي دل ۾ سموري سنڌ رچِي وسِي پئي آهي

    سائين اسان ته توهان کي اڳ ۾ ئي چيو هو ته توهان بهترين شاعر آهيو پر توهان کي فقير جي ڳالهه تي مڙئي ڀروسو گهٽ هيو هاڻي ته ڀلا پڪ ٿيو نه ٻيو ته سائين توهان محترمه ڪوشي لالواڻي جو انٽرويو ڏسي اصل ٿڪ ئي لهي ويا

    تمام بهترين ورڪ آهي سائين

    لاجواب


    lajwab-sharinglajwab-sharinglajwab-sharing

    sindhsalamatsaathsal
     
  3. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: ڀيڻ ڪوشي لالواڻي جي دل ۾ سموري سنڌ رچِي وسِي پئي آهي

    فقير يار ڏاڍي پيو ٻُڌائين، مان ۽ بهترين شاعر، اُبتن سُبتن اکرن جي لکڻ واري کي تون بهترين شاعر ٿو سمجهين !!! ٻيلو ڏاهو ٿي بهترين شاعرن جا مٺا پنڌ پري پر صفا پري اٿئي۔ باقي سنڌياڻي ڀيڻ ڪوشي لالواڻي جي انٽرويو واري ونڊ توکي سُٺي لڳي ان لاءِ انتهائي ٿورائتو آهيان
     
  4. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: ڀيڻ ڪوشي لالواڻي جي دل ۾ سموري سنڌ رچِي وسِي پئي آهي

    سنڌي ٻولي جي لاءِ مختلف مقامن ۽ موقعن جي حساب سان کنيل ڀيڻ ڪوشي لالواڻي جي قدم پنهنجي منزل تي نيٺ رسندا۔۔۔ سندن انٽرويو منجهان صاف نظر ٿي آيو ته پاڻ سنڌي ٻولي کي پنهنجي تڪ تور مطابق جدت آڻي نئين نسل سميت دنيا تائين پهچائڻ چاهين ٿيون۔۔۔
    سندن مختصر انٽرويو لڳائي توهان تمام ڀلو ڪم ڪيو۔۔۔
    سندس ايندڙ ٻنهي پروجيڪٽس جو شدت سان انتظار رهندو۔۔۔
     
  5. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: ڀيڻ ڪوشي لالواڻي جي دل ۾ سموري سنڌ رچِي وسِي پئي آهي

    سائين ناز! رب العالمين توکي پنهنجي امان ۾ رکي ۔۔۔ جڏهن به آءُ ڀارت ۾ رهندڙ پنهنجا سنڌي ڏسندو آهيان ته سوچيندو آهيان ته اهڙا سهڻا ماڻهون، پياري ٻولي سنڌي جا پاسدار، سنڌ ڄاوا، سنڌي ثقافت سان محبت ڪرڻ وارا، اڄ دنيا ۾ ترقي ڪرڻ کانپوءِ به ڀارت ۾ بي زمين آهن ۔۔۔ سڀ ڪجهه هوندي به سندن پيرن هيٺان ڌرتي ناهي ۔۔۔ هو ان ڌرتي ٽڪر حاصل ڪرڻ خاطر پاڻ پتوڙي رهيا آهن ۽ سڪائتا آهن ته کين پنهنجو خطو هجي ته جيئن پنهنجي نئي نسل کي سنڌي ٺاهي سگهن ۔۔۔ سندن اها اڪير ڏسي، دل چوندي آهي ته ڪاش سنڌ آزاد هجي ها، ڪاش سنڌ هڪ الڳ ملڪ هجي ها ۽ هنن ظالم ۽ نام نهاد مسلمانن جي چنبي ۾ نه هجي ها ته شايد اسين هڪ جسم جا ٻه ٽڪرا وري گڏ ٿي سگهون ها ۔۔۔ پر افسوس اهو ممڪن به ٿيندو به الائجي نه ۔۔۔ جنهن ٽڪري جي پيرن هيٺان ڌرتي آهي سي غير ترقي يافته ۽ ڏتڙيل زندگي پيا گذارين ۽ جنهن ٽڪري وٽ ترقي آهي ته پيرن هيٺان ڌرتي ناهي ۔۔۔
    مڙيا مڇ هزار، ڀاڱا ٿيندي سهڻي ۔۔۔
    اڃان ڪيترو عرصو اهي ٻه ٽڪرا جدا رهندا، الائجي ؟؟؟؟
     
  6. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: ڀيڻ ڪوشي لالواڻي جي دل ۾ سموري سنڌ رچِي وسِي پئي آهي

    ادا رشيد سنڌياڻي ڀيڻ ڪوشي سان جڏهن سندس فلم اويڪننگ جي باري ۾ گفتگو ٿي ته ان چيو ته ڀائو ناز اسان سنڌي جيڪڏهن چاهيون ته گهڻو ڪجهه پنهنجي سنڌي ماڻهن ۽ سنڌي ٻوليءَ لاءِ ڪري ٿا سگهون، سندس ڳالهين مان محسوس پي ٿيو ته ڪوشي صاحبه وٽ سنڌي ٻولي جي سُڌاري لاءِ نت نوان ۽ نڪور خيال هُئا، پاڻ سنڌ ۽ سنڌين جي سڪ ۾ ايتري ته سرشار هُئي جو ڳالهه ڳالهه ۾ چئي رهي هُئي ته جيجل سنڌ سان صدين جو ناتو آهي، جنمن جو ناتو آهي، اهو ته ڪڏهن به ٽُٽِي نٿو سگهي۔
     
  7. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: ڀيڻ ڪوشي لالواڻي جي دل ۾ سموري سنڌ رچِي وسِي پئي آهي

    نثار ابڙا تڏهن ته چوندو آهيان نه
    سو وقت نيٺ ايندو مهڪي چمن به ويندو،
    آزاد هن فضا ۾ ڪو هو جمالو ٿيندو،
    رهندي نه رات هاڻي ڪا رات هت اُماسِي!
    سنڌ ديس جا او واسي ، ڇالئه رهو اُداسي!
    مولا ڪندو سڻائي ، هر ڳالهه هوندي خاصِي!​
     
  8. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: ڀيڻ ڪوشي لالواڻي جي دل ۾ سموري سنڌ رچِي وسِي پئي آهي

    آمين،
    ڌڻي اهڙو وقت ضرور ڏيکاريندو ۽ اوهانجو دعائون ۽ آٿتون پوريون ٿيندي اکين سان ڏسنداسون ۔۔۔
    sindhsalamatsaathsal
     
  9. mujeeb

    mujeeb
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏31 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    15
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: ڀيڻ ڪوشي لالواڻي جي دل ۾ سموري سنڌ رچِي وسِي پئي آهي

    ادا زبر دست
     
  10. mujeeb

    mujeeb
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏31 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    15
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: ڀيڻ ڪوشي لالواڻي جي دل ۾ سموري سنڌ رچِي وسِي پئي آهي

    ادا واه جو انتر و يو
     
  11. محمد جمن شيخ

    محمد جمن شيخ
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏4 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    19
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: ڀيڻ ڪوشي لالواڻي جي دل ۾ سموري سنڌ رچِي وسِي پئي آهي

    سائين سنڌ سلامت جي ا'"ڱڻ تي سنڌياڻي ڀيڻ ڪوشي لالواڻي جو انٽرويو ڏسي خوشي ٿي سندس سنڌين بابت ويچار ۽ عملي جاکوڙ سنڌي ثقافت ۽ تهذيب کي دنيا سطح تي متعارف ڪرڻ سچ ته هڪ وڏي جاکوڙ آهي ان لاءِ ادي جس لهڻي هونهن به ادي جو هڪ گيت جاڳ سنڌي جاڳ سچ ته سنڌي قوم ۾ ڪافي جاڳرتا پيدا ڪئي آهي، ۽ توهان جي گيت مٺي سنڌ جي ڪمپوزنگ ٿيڻ اسان سڀني سنڌسلامت ساٿين لاءِ هڪ خوشخبري آهي هونهن به هت اسان وٽ سنڌ ۾ ڪيسٽي شاعري جو ڪلچر عام آهي پر ادبي شاعري کي ِميوزيڪل وي ۾ تمام گهٽ آندو ويو آهي ۽ ادبي شاعرنکي ڪيسٽ ڪمپني مالڪن طرفان ڪابه موٽ نٿي ڏني وڃي جنهن ڪري بيهوده شاعري تي مشتعمل ڪيسٽون مارڪيٽ ۾ پروان چڙهيل آهن جيڪي گيت اسان جي ميوزڪ ادب ۽ ثقافت کي زنگي رهيا آهن توهان جو نظم هڪڙي بين الاقوامي سنڌياڻي آرٽسٽ هند ۽ سنڌ جي عوام تائين پهچائڻ جي ڪوشيش ڪري رهي آهي اهيا توهان سميت اسان سڀني لاءِ اعزاز جي ڳالهه آهي
     
  12. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: ڀيڻ ڪوشي لالواڻي جي دل ۾ سموري سنڌ رچِي وسِي پئي آهي

    سندس ايندڙ فلم دي اويڪننگ جو گيت ”نچ نچ“ جي هڪ وڌيڪ جهلڪ

    http://www.youtube.com/watch?v=oKnPxeN4Ukk
     
  13. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: ڀيڻ ڪوشي لالواڻي جي دل ۾ سموري سنڌ رچِي وسِي پئي آهي

    سائين اهڙي ڪاوش لا اوهان جا لک ٿورا
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو