سنڌ جي زمينن تي ڪئنٽومينٽ بورڊ جو قبضو ۽ اُن تي اڏاوتون؟

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ Sindhi Media طرفان آندل موضوعَ ‏25 فيبروري 2010۔

  1. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    سنڌ جي زمينن تي ڪئنٽونمينٽ بورڊ جو قبضو ۽ اُن تي اڏاوتون؟
    آرٽيڪل ؛ عبدالرزاق ميمڻ

    اسلام اباد مان ڪلهه جي خبر آهي ته قومي اسيمبليءَ جي فنانس ۽ روينيو ڪميٽيءَ جي مڙن ئي رُڪنن، پوري مُلڪ جي ڪينٽومينٽ ايرياز ۾، وفاقي ۽ صوبائي زمينن تي قبضا ڪرڻ ۽ پنهنجي لاءِ مُستقل پرائيويٽ جڳهيون ٺاهڻ ۽ ڪمرشيل پراپرٽيز تي ٽيڪس ادا نه ڪرڻ تي فوج کي تنقيد جو نشانون بڻايو آهي. قومي اسيمبليءَ جي ڪميٽي جيڪا فناننس ۽ روينيو جي هٿ هيٺ تشڪيل ٿي، اجتمائي قومي روين ۾ تبديل آڻڻ، ۽ ٽيڪسن کي وٺڻ جي دائرن کي وڌائڻ لاءِ مشعورا ٿيا ته 2010ع ۽ 2011ع جي بجٽ لاءِ آئيڊيا ڏيندڙن مڙني گفتگو ۾ شريڪ ميمبرن بحث ڪيو ته فوج جي ماڻهن کي آخر ڇوٽيڪس ڏيڻ کان بري اُلذمه قرار ڏنو ويو آهي ۽ انهن کي ڇُوٽ ڏيڻ جي زبردست مُخالفت ڪئي وئي.

    سينيٽر حاجي عديل رٿيل سيمنار ۾ تقرير ڪندي چيو ته فوجي ادارن (آرمڊ فورسز) وفاقي حُڪومت جي ملڪيت جن کي” ڪنٽونمينٽ ايرياز“ چئجي ٿو، جي زمينن تي غير قانوني قبضو ڪري ورتو آهي ۽ بدقسمتيءَ سان اُتي اُنهن غير قانوني مستقل رهائشي ۽ ڪمرشيل پراپرٽيون ٺاهيون آهن جيڪي پرائيويٽ سيڪٽرن کي وڪڻجن ۽ ڪراين تي به ڏنيو پيون وڃن پر پوءِ به هو انهن پراپرٽين تي ٽيڪس به ادا نه پيا ڪن.

    هُنن مُطالبو ڪيو ته ڪينٽونمينٽ ايرياز ۾”لينڊ پروڪيورمينٽ ايڪٽ “ تي هن وقت نظر ثاني ڪرڻ جي اشد ضرورت آهي. شرڪت ڪندڙن چيو ته ” پارليمينٽ کي ”ڊي ايڇ اي بل“ منظور ڪرڻ جي اجازت نه ڏينداسون. مُسلم ليگ (َق) جي رڪن اسيمبلي ڪشمالا طارق چيو ته هوءَ حاجي عديل جي حمايت ڪري ٿي ۽ ڪميٽي کي ٻُڌايائين ته هُوءَ پاڻ به گھڻني سالن کان ڪنٽومينٽ ايرياز ۾ رهي ٿي، پر ”اُتي 98 سيڪڙو سول آباديءِ وارن سان ويڳي ماءُ جھڙو برتاءُ برقرار آهي، کين ٻئي درجي جو شهري تصور ڪيو ويندو آهي“ ۽ صرف اُتي رهندڙ 2 سيڪڙو خاڪي يونيفارم ۾ رهندڙن جو دٻدٻو ۽ حُڪمراني آهي. ۽ ڪو ٻڙڪ به نٿو ڪڍي سگھي. 

    هُن وڌيڪ چيو ته جن فوجي ماڻهن جا هڪ کان وڌيڪ گھر آهن اُنهن کي پراپرٽي ۽ ٻيا ٽيڪس ادا ڪرڻ گھُرجن، ۽ جيڪڏنهن اهو طريقا ڪار اختيار ڪيو ويو ته مُلڪ جي ” جي ڊي پي“ ۾ گھڻي شرح سيڪڙي سان واڌ ايندي.

    سيمنار ۾ محسوس ڪيو ويو ته نمائندا ”پريذنٽيشنر جي معيار“ مُطابق نه هُئا، هُن ۾ سابق ايف بي آر چيئرمين يوسف عبدُالله ۽ ڊاڪٽر اطهر مقصود ئي هُئا جيڪي مُڪمل تياريءَ سان آيا هُئا. ”پي آءِ ڊي اِي“ ۾ ريسرچ ۽ پاليسيءَ جو سربراه ڊاڪٽر فضل حُسين ته ڪميٽيءَ ۽ ماهرين کي مُتاثر ڪرڻ ۾ ئي مڪمل ناڪام ويو، ”ايس پي ڊي سي ڪراچيءَ“ جي پرنسپل اڪانومسٽ مُحمد صابر غلط ڊيٽا ۽ اعداد ۽ شمار ڏنا. مُسلم ليگ (ق) جي رُڪن رياض فتيانا ” ايف بي آر“ تي زور ڀريو ته ته ٽيڪسز لازمي (رڪور) وٺڻ لاءِ نيون ڀرتيون ڪيون وڃن.

    پيپلز پارٽيءَ جي رُڪن ميان عبدالستار تجويز ڏني ته يونين ڪائونسلن جي سطح تي ٽيڪس وٽڻ (رڪوري) جي طريقي کي يقيني بڻايو وڃي، مسٽر عبدالستار چيو ته اُهي ماڻهو ۽ ادارا جن کي ٽيڪس وُصوليءَ جا اختيار مليل آهن، جي اُنهن کي وُصول ٿيندڙ ٽيڪسن جو 20 سيڪڙو ڏنو وڃي ته ته رهيل ٽيڪسز وُصولي (ريڪوري) لازمي ٿي پوي ۽ ٽيڪس وُصولي ۾ به اضافو ٿيندو.

    عبدالله يوسُفَ ”جي ڊي ريشيو“ جي حساب سان ٽيڪسن کي ڊبل ڪرڻ جي اپيل ڪئي. هُن چيو ته جيڪڏنهن ڊيٽا بيس جمع ڪري اُن کي قانوني تحفظ ڏنو وڃي ته ٽيڪس جي 100 سيڪڙو وُصولي ٿي سگھي ٿي. هُن وڌيڪ چيو ته ان حوالي سان سڄو ڪم اُڪلايو ۽ مڪمل ڪيو ويو آهي پر اُن تي مڪمل عمل ڪرڻ لاِ پارليمينٽ جي منظوري به لازمي آهي. پنهنجي ڏنل تجويزن جون خوبيون بيان ڪندي عبدالله يوسف چيو ته ”ڊيٽا ويئر هائوس“ ۾ ٽيڪس ڏيڻ وارن جي حوالي سان، ته هُن منقوله ، غير منقوله پراپرٽيءَ جي خريد و فروخت ۾ ڪيترو خرچ ڪيو آهي، انهن سڀني انگ اکرن جا مختلف ذريعن وسيلي معلومات وٺي رڪارڊ تي رکيون وڃن ۽ پوءِ انهن معلومات کي ٽيڪس ادا ڪرڻ واري جي ٽيڪس رٽرن ۾ جمع ڪرڻ وقت، ڏنل معلومات جي ڀيٽ ڪئي وڃي.
     
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: سنڌ جي زمينن تي ڪئنٽومينٽ بورڊ جو قبضو ۽ اُن تي اڏاوتون؟

    شينهن کي ڪير چوي ته ”سندس وات ۾ ڌپ آهي“ يا وري ”ٻليءَ کي گهنٽي ڪير ٻڌي؟“
     
  3. janisp

    janisp
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏21 فيبروري 2010
    تحريرون:
    38
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    ٽنڊو محمد خان
    جواب: سنڌ جي زمينن تي ڪئنٽومينٽ بورڊ جو قبضو ۽ اُن تي اڏاوتون؟

    هاڻ فوج جو ڪو ابو ايندو ۽ هنن کي ماٺ ڪرائي ڇڏيندو ۽ عوام جو جيڪو رت چوسي رهيا آهن انهن کي ڪير ڪجھ به نه چوندو
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو