Sindhi Media
سينيئر رڪن
سنڌي راڳ جو راڻُو، سنڌ جو مهدي حسن اُستاد مُحمد يُوسفُ. جنم 14 جنوري1940ع وفات 14 فبروري 1997ع
تحرير ۽ تحقيق : عبدالرزاق ميمڻ
ٿڌڙي هَوائُن جي هير لڳندڙ شهر حيدرآباد ۾ ٽنڊي طيب ويجھو رهندڙ سنڌي راڳ جو راڻو ”اُستاد مُحمد يُوسُف “14 جنوري 1940ع ۾، ٽئين نمبر تلاءَ جي دين علي شاه پاڙي ۾ ڄائو هو. پاڻ ذات جو منڱڻهار ۽ لونگ فقير جو فرزند هو. لونگ فقير چوٽيءَ جي ڍولڪ نوازن (دُهلاڙي) ۾ ڳڻيو ويندو آهي جيڪو ڳائيندو به هو ته وچائيندو به هو. لونگ فقير هڪ سازندي جي حيثيت ۾ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جو مُلازم هو. هُن تمام وڏن وڏن گَوين سان دُهل وڄائيو. ان ڳائڻ وڄائڻ واري ماحول مُحمد يوسف کي پنهنجي ابي ڏاڏي جي ڪِرت جاري رکڻ تي هيريو. دين علي شاه پاڙي ۾ مُحمد يوسف جي چاچي زنوار بسنت وسند جي نالي سان مڱڻهارن جو هڪ الڳ ننڍڙو پاڙو آهي جيڪو سنڌ جي وڏن شرنائي وڄتن ۾ ليکيو وڃي ٿو. محمد يوسف ٻه شاديون ڪيون، پهرين سن 1964ع ۾ پنهنجي چاچي زنوار بسنت فقير جي ڌيءَ سان، جنهن مان کيس ٻه نياڻيون ڄايون ۽ ٻي شادي سن 1974ع ۾ سنڌ جي اڳوڻي گھرو سيڪريٽري يوسف لوڌيءَ جي ڌيءَ سان.
مُحمد يوسف جي پيءُ سڀ کان پهرين کيس ”ٻار سُڌار اسڪول“ ۾ پڙهڻ لاءِ ڇڏيو هو، پر سندس پڙهائيءَ سان اصل نه پئي ۽ هُو اسڪولن مان ڀڄي مُختف اوتارن ۽ درگاهُن ۾ ٿيندڙ راڳ جي محفلن ۾ هليو ويندو هو ۽ اُتي جيڪو ڪلام يا ڪافي ڳائي ويندي هُئي، اُن کي ياد ڪري پاڻ ڳائيندو هو. اهو ڏسي پڻس سندس اسڪول تبديل ڪري ڇڏيو ۽ چُک واري اسڪول ۾ ڇڏيائينس، جيڪو اڄ ڪلهه سيٺ ڪمال الدين ميمڻ اسڪول سڏجي ٿو. جي هو، ڏاڍي زور ۽ جبُرَ سام مس مس پرائمري پاس ڪري هاءِ اسڪول ۾ داخل ٿيو هو پر اُتي به پڙهڻ ڇڏي مڪمل طور تي راڳ جي دُنيا ۾ گِھڙي پيو. هُن پهريائين حيدرآباد ۾ اُستاد غلام حُسين خان عُرف اُستاد بيبي خان جي قائم ٿيل موسيقيءَ جي ڪلب ۾ به داخلا ورتي هُئي. اُن ريت اُستاد غلام حُسين سندس پهريون اُستاد آهي. بعد ۾ هن اُستاد اُميد علي خان، اُستاد مُبارڪ علي خان ۽ سونا خان بلوچ کان به سکيو. سڀني کان وڌيڪ کيس خانصاحب منظور علي خان سيکاريو.
سندس پڙهڻ ۾ دلچسپي نه ڏسي مجبورن لونگ فقير کيس ٽنڊي آدم ۾ رهندڙ اُن زماني جي وڏي گويئي خانصاحب اُستاد منظور علي خان وٽ راڳ جي تربيت وٺڻ لاِ موڪلي، پر اوتان به هُو ڪيترا ئي ڀيرا ڀڄي آيو ۽ پوءِ کيس والد صاحب سمجھايو ته ” پُٽَ راڳ بابت اُتان ئي توکي سڀ ڪُجهه مِلندو ۽ اُهو اُستادن وٽان خدمت وسيلي ئي ملندئي“. آخر اها ڳالهه مُحمد يوسف کي سمجهه ۾ اچي وئي ۽ پوءِ هُو ستن سالن تائي لاڳيتو خانصاحب کي رُڳو غور سان ٻُڌندو رهيو ۽ سندس گھر جو ڪم ڪار ڪندو رهيو ۽ پوءِ ستن سالن کان پوءِ جڏنهن اُستاد منظور عليءَ خانَ محسوس ڪيو ته هيءُ ڇوڪرو سکي سُٺو ۽ وڏو فنڪار بڻجي سگھي ٿو ته هُن يوسُفَ کي ڪافي، ڪلام ۽ نيم ڪلاسيڪيءَ جي اهڙي تربيت ڏني جو شايد ئي ڪو اُستاد پنهنجي اولاد کي ڏئي سگھي. اهڙيءَ طرح مُحمد يوسف تيرهن سالن تائين اُستاد وٽ سکندو رهيو. هُو محمد يوسف لاِ چوندو هو ته مُهنجي شاگردن مان جيڪا منزل هن ماڻي آهي، اُها ٻين کي ناهي ملي، ايستائين جو خانصاحب جو سڳو ڀاڻيجو وحيد علي به اُن منزل تي نه پُهچي سگھيو.
مُحمد يوسف کي الله سائينءَ سُهڻي آواز سان نوازيو هو، هُن جي ڳلي ۾ اهڙي سگھه هُئي جو هُو ڏکئي کان ڏُکيو سُر به ڳائي ويندو هو ۽ اُهو به جهڙو تهڙو نه، هو اُن ۾ اهرو ته رنگ ڀريندو هو جو ٻوڌندڙَ موهجي ويندا هُئا، اهڙيون خوبيون تمام گھٽ فنڪارن ۾ ٿين ٿيون. هُن گھڻي ڀاڱي ڳايو ته سنڌيءَ ۾ ئي آهي پر اُن کان علاوه هو اُڙدو، سرائڪي ۽ بلوچي وغيره ۾ به ڏاڍو خوبصورت ڳايو اٿس. هو ڪافي، ڪلام، گيت، غزل، نظم، نيم ڪلاسيڪي موسيقيءَ ۾ غزل، ٺُمري ۽ دادرو وغيره وڏي مهارت سان ڳائيندو آهي.
هن پهرئين راڳ جي محفل 1951ع ۾ جيڪا لياقت ميڊيڪل ڪاليج (هاڻ يونيورسٽي) ۾ ٿي هُئي، جنهن ۾ تنهن وقت جو وزير پير علي احمد راشدي به شريڪ ٿيو هو ڳائي هُئي. اوها محفل اصل ۾ نون ڳائڻن وچ ۾ موقابلي لاِ رکي وئي هُئي ۽ اُهو مُقابلو مُحمد يوسف نه رڳو کٽيو هو پر ايترو ته داد ۽ انعام مليس جو سندس قسمت ئي مٽجي وئي ۽ پوءِ هُن ريڊئي پاڪستان ڪراچيءَ تان ڳائڻ شروع ڪيو. اُتي کيس سنڌي شُعبي جي انچارج علي احمد چاڳلا مُتعارف ڪرايو هو. ناميارو براڊ ڪاسٽر ايم. بي (مُحمد بخش) انصاري تڏنهن اُتي انائونسر هو. شروع ۾هو ڳائڻ جي شوق ۾ حيدرآباد کان ڪراچي آيو هو ۽ ڪراچيءَ ۾ جھوني مارڪيٽ جي صرافه بازار ۾ اُستاد مُباارڪ علي خان جي ڪلب ۾ رهيو. جتي رهي ڪجھه عرصي کانپوءِ ريڊيو پاڪستان ڪراچيءَ ۾ آڊيشن ڏنائين ۽ پاس ٿي ويو. اُن وقت رُڳو ڪراچيءَ ۾ ريڊيو اسٽيشن هوندي هُئي ۽ نئون نئين سنڌي پروگرام شُروع ٿيو هو. هو ريڊئي تي پنهنجي اُستاد مُبارڪ عليءَ کي ٻُڌائڻ کان سواءِ چوري چوري آيو هو ۽ جڏنهن سندس ڪلام نشر ٿيو ته، جيڪو ٻين سان گڏ اُستاد مبارڪ علي خان جي پُٽَ قُدرتُ الله خان ٻوڌو ته هو مٿس ڏاڍو ڪاوڙجي پيو ۽ جڏنهن مُحمد يوسف پروگرام ڪري موٽيو ته هُن سان ڏاڍي حالت ڪيائين ۽ جواب طلبي ڪيائين ته هُو سندس اجازت کانسواءِ ريڊئي تي ڇو ويو؟ ان آڏي پُڇا ڳاڇا، تنبيهه ۽ زوردار ڌوم ڌمڪڙي کانپوءِ محمد يوسف ناراض ٿي واپس حيدرآباد هلي ويو ۽ وري نه موٽيو. پوءِ جڏنهن 1955ع ۾ حيدرآباد ريڊيو اسٽيشن کُلي ته پاڻ اُتي ڳائڻ شُروع ڪيائين ۽ اُن وقت سندس عُمر پنڌرهن، سورنهن سال هُئي.
مُحمد يوسف جي محنت ۽ مليل تربيت جو اهو نتيجو نڪتو جو ، سنڌي فلمن لاءِ پلي بيڪ سنگر جي حيثيت ۾ جهڙيءَ ريت مُحمد يوسف ڳايو، کيس سنڌ جو مهدي حسن چيو وڃي ٿو. موسيقيءِ جو ڄاڻو ممتاز مرزا صاحب مرحوم ، نثار ميمڻ صاحب ۽ جھانگير قُريشي صاحب ته کيس مهدي حسن کان به مٿاهون سمجھندا هُئا، ڇاڪاڻ ته علم، آواز ۽ انداز ۾ محمد يوسف گھڻن کان مٿاهون آهي. سندس آواز کُليو ۽ صاف آهي تنهن هوندي به مهدي حسن جي الڳ ۽ محمد يوسف جي الڳ حيثيت آهي، ٻئي هڪٻئي کان گھٽ يا وڌ ناهن.
سنڌي زبان ۾ پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ جيتريون به فلمون ٺهيون انهن ۾ سڀني کان وڌيڪ فلمن جا گانا محمد يوسف ڳايا. هن ننڍي کنڊ جي تمام وڏن ڳائڻن سان فلمي نغما ڳايا. انهن ۾ ميڊم نورجھان ۽ رونا ليلي وغيره شامل اهن. محمد يوسف جن فلمن جا نغما ڳايا انهن ۾ شهروفيروز، ليلا مجنون، مومل راڻو، مٺڙا شال ملن، جيجل ماءُ، رت ۽ اجرڪ، ڌرتي لال ڪنوار، محبوب مٺا، چانڊوڪي، سوني مُهنجي ڌرتي، بادل، غيرت جو سوال، رنگ محل، سنڌڙيءَ تان صدقي، ۽ اُڙدو فلم عورت ايڪ ڪهاني شامل اهن. سندس پهرين فلم شهرو فيروز آهي، اُن فلم جو ڊائريڪتر شيخ حسن ۽ موسيقار غلام علي هو، ان فلم جو نغمو ” راحت ملي ٿي درد ۾، ان پيار تان صدقي“ جنهن جو شاعر هو رشيد لاشاري، اهو محمد يوسف جو پهريون فلمي نغمو آهي.
ريڊئي پاڪستان لاڙڪاڻي جي اڳوڻي اسٽيشن ڊائريڪتر جهانگير قريشي صاحب جي روايت مُتابق ته ڳڏنهن موسيقار غلام علي، محمد يوسف کي شهرو فيروز فلم جي ڊائريڪٽر وٽ ڳارائڻ وٺي ويو ته هُن مُحمد يوسف جي سُهڻي صورت ۽ قد بُت ڏسي چيو ته هُن کي فلم ۾ هيرو بڻائڻ چاهيان ٿو پر محمد يوسف راضي نه ٿيو ۽ نماڻائيءَ سان چيائين ته ” سائين اسين مڱڻهار ماڻهُو سو ڳائڻ کي ئي اوليت ڏينداسون تنهنڪري مونکان ڳائرايو“.
اسان وٽ ادب، شاعري ۽ فڪشن وغيره ۽ شاعرن ۽ اديبن وغيره تي ڪتاب لکيا وڃن ٿا پر ڳائنن تي نه جي برابر لکيو ويو آهي، رُڳو اُنهن جون آڊيو يا وڊيو ڪيسٽون ئي نڪرن ٿيون، ريڊيو ۽ ٽي وي ئي کين پذيرائي ڏين ٿا ۽ محمد يوسف به اهي سمورا وسيلا ڪتب آندا. ان کان سواءِ محمد يوسف انهن ڀاڳ ڀرين مان آهي جنهن تي شاه جي پارکوءَ، موسيقي ۽ ثقافت جي ڳاڻوءَ ۽ نالي واري اديب ممتاز مرزا صاحب پورو ڪتاب لکيو آهي، جنهن جو نالو رکيائين ” سپيريان سندي ڳالهڙيون“ ان ڪتاب ۾ سائين ممتاز مرزا لکي ٿو ته محمد يوسف صحيح معني ۾ سورهن سترهن سالن جي عمر ۾ مقبوليت حاصل ڪئي، ماڻهو پنهنجي شادين جي تِٿِ محمد يوسف جي تاريخ ڏيڻ تي ٻڌندا هُئا، جڏنهن هو محفل ۾ پُهچندو هو ته ميزباب پنهنجيون اکيون وڇائي، اُڀ کَڙو بهي رهندو هو، شادي حوجي يا ٻي ڪا تقريب، محمد يوسف ماڻهن جي دلين تي پنهنجي سُرَ ۽ لئي سان راڄ ڪندو هو، ۽ ماڻهو به نه رُڳو هُن کي دل سان ڀانيو پر کيس دُهرا دان به ڏنا، ٿوڙي ئي عرصي ۾ هُو سنڌ جي راڳ جي دُنيا جو مهانگو ۽ مشهور ڳائڻو بڻجي ويو.
پئسي جي اوچتو آمد محمد يوسف کي شاه خرچ بڻائي ڇڏيو، اوتارن ۽ خانقاهن جي راڳ واري رمز کي لهڻ ۽ سمجھڻ لاءِ هُن جا اُتي ڦيرا هُئا ۽ اُتي جون مڙئي روايتون هُن پنهنجون ڪيون، هُ شاعريءَ جي هر صنف جهڙوڪ : حمد، نعت، ڪيڏارو، قصيدو، وائي، ڪافي، گيت، غزل، نظم، نيم ڪلاسڪي راڳ ۽ راڳڻيون، قومي نغما، ٻارڙن لاِ نغما وغير وغيره ڳائيندو هو. هُن پنهنجي مُلڪ جي مُختلف شهرن ۽ ڳوٺن کان علاوه ڏيساور ۾ انگلينڊ، دُبئي، بيلجيم، روس، جرمني ۽ چين وغيره ۾ پنهنجي لاثاني فن جو مُظاهرو ڪيو.
محمد يوسف کي ٻه ڀيرا پرائيڊ آف پرفارمنس ايوارڊ، چار شاه لطيف ايوارڊ، چار قلندر شهباز ايوارڊ، ۽ ٽي سچل سرمست ايوارڊ مليا. هن کي اهو اعزاز به حاصل اهي ته سڀ کان پهرين شاه لطيف ايوارڊ کيس ئي مليو آهي. بل آخر دُنيا جون سڀئي رمزون ماڻي، ننڍي کنڊ جو هي نالي وارو راڳي ۽ سنڌ جو مهدي حسن 14 فبروري 1997ع ۾ سڀني کان وڃڙي ويو. انا لا الله و انا اليه راجعون. بيشڪ هر وُجود الله لاءِ ئي آهي ۽ بيشڪ هر وُجود کي اُن طرف ئي موٽڻو اهي.