امر جليل جي سنڌي ٻولي سان مذاق

'سنڌي منهنجي ٻولي' فورم ۾ رسول بخش دائودپوٽه طرفان آندل موضوعَ ‏13 آڪٽوبر 2013۔

موضوع جو اسٽيٽس:
وڌيڪ جواب نه ٿا موڪلي سگهجن.
  1. گلزار احمد

    گلزار احمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 جون 2009
    تحريرون:
    153
    ورتل پسنديدگيون:
    313
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    433
    ماڳ:
    رحيم يار خان
    ادا رضوان صاحب
    اهو ئي حال اسان جو به ٿيو آهي، اسان کي به ڏاڍو ڏک ٿيو آهي، اوهان جا ۽ دائود پوٽه صاحب جا خيال پڙهي۔
    اسان اها لکڻي هڪ ڀيرو نه پر ڪيترائي ڀيرا پڙهي آهي، اصل يقين ئي نه پيو اچي ته اهڙي فورم تي ، سنڌي فورم تي اسان جي سنڌي ٻولي جي همدرد جنهن سنڌ ۽ سنڌين لا هر دم لکيو آهي ان تي اهڙا الزام لڳندا ۽ اهي به هن سنڌي فورم تي۔
    ادا ڇو آخر اسان پنهنجي سنڌي چينلن ذريعي چند اردو پروگرام ڪري اردو ڳالهائيندڙن تائين پنهنجو پيغام نو ٿا پڄائي سگهون۔
    اگر توهان اهو چئي ٿا ته سنڌي طينل صرف سنڌي ڏسن ٿا تو پو اوهان غلط آهيو، مان پاڻ ڪيترن اهڙن ماڻهن کي سڃاڻان جيڪي اسان جا سنڌي چينل ڏسن ٿا۔
    رحيم يار خان جا ڪيبل آپريٽر ڪجهه سنڌي چينل ڇالا ٿا نشر ڪن؟
    ادا تنقيد ڪرڻ آسان آ، عملي ڪم ڪرڻ ڏکيو آ۔
    امر جليل صاحب سنڌ جو سپوت آهي،
    اگر پي ٽي وي ذريعي ڪنهن اسان جي سنڌي تهذيب کي ذليل ڪيو آ ته پو ان کي درست ڪيئن ڪجي، اکيون ٻوٽڻ سان خطرو ختم نه ٿيندو آ، اگر پي ٽي وي يا ٻين چينلن ذريعي اسان جي تهذيب کي ذليل ڪيو ٿي وڃي ته پو ته اهو اشد ضروري آهي ته اسين سنڌي چئنلن ذريعي اردو پروگرام ڪر انهن کي حقيقت کان آگاه ڪريون۔پنهجي تهذيب کي اردو سمٍجهڻ وارن تائين پڄايون۔انگريزي سمجهڻ وارن تائين انگريزي ۾ پروگرام ڪري پنهجو اواز پڄايون۔
    فونٽ وڏا ڪرڻ سان خيال وڏا ڪونه ٿيندا آهن۔
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. رسول بخش دائودپوٽه

    رسول بخش دائودپوٽه
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 مارچ 2011
    تحريرون:
    1,689
    ورتل پسنديدگيون:
    2,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    job
    ماڳ:
    karachi
    ادا ممتاز صاحب جي رحيم يار خان ۾ ڪو سنڌي سمجهڻ وارو آهي ته اهو خوشي جي ڳاله آهي پر پنهنجي ٻولي جو ڪيس هڪ سنڌي به نه پيش ڪندو۽ ان ٻولي جي وڪالت هڪ سنڌي به نه ڪندو ته آخر ڪير ڪندو، هن سنڌي ٻولي جي جا تي اردو ٻولي ۾ ڪنهن کي مخاطب ٿيڻ ڇاهيو ٿا انهن جي لا ته اردو يا ڪنهن ٻي ٻولي ۾ انيڪ چينل آهن انٽرٽين ٿيڻ لا ۔۔۔توهان جو هڪ مهان اديب ڌاري ٻولي ۾ ڳالهائي ڇا پيغام ڏيڻ چاهي ٿو ڇو دوستن کي ڳاله سمجه ۾ نه ٿي اچي ته سنڌ جي ٻولي سنڌي آ۔۔۔۔۔ اردو نه آهي جي اردو کي ائين توهان مان ڏيندا ته پو سڀهاڻي توهان جي ٻولي گم ٿي ويندي ريڊ انڊين وانگر جيڪو سنڌ ۽ سنڌي نسل مان هجي اهو به استعمال لا ٻيون ٻولين کي تريح ڏي ته ڇا چئيجي ۔۔۔ڳاله اها نه آهي ته سنڌي چينل کي رحيم يار خان ۾ ٻه ڏٺو وڃي ٿو۔۔۔۔ پر سنڌي ۾ اڃان ڪي وڌيڪ جانداير پروگرام ڪريو ۔۔نه ڪي مورڳو سنڌي ٻولي ئي بدلائي اردو ۾ پيش ڪريو ۔۔۔۽ جنهن اردو وارن کي هي سمجه ڏيڻ ٿو چاهي اهو اگر جي سنڌي ٻولي يا سنڌ سان سچو آته سنڌي سکي شاه عبداللطيف وانگر جنهن هڪ لفظ به ٻي ٻولي ۾ نه چيو سڀئي سر 30 سنڌي ۾ ۽ ڪردار به سنڌ جا سو پنهنجي ٻولي مٽائي اردو ۾ اردو ڀا کي ٻڌائڻ هڪ ڪم عقلي لڳي ٿي۔۔۔۔۔ جيڪا اسان جا مهان دوست ڪرڻ لا هلي پيا آهن۔۔۔۔۔ڪيترا پرائيويٽ اردو چينل آهن جيڪي سنڌ ۾ دفتر کوليون ويٺا آهن ۽ ڪڏهن انهن کي هن وشال سنڌ ۾ رهندي سنڌي ۾ هڪ اڌ ڪلاڪ يا ڪلاڪ جو پروگرام پيش ڪرڻ جي سمڪ نه آئي باقي اسان جا دوست انهن جي خوشامد ۾ اڳ اڳرا آهن
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. گلزار احمد

    گلزار احمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 جون 2009
    تحريرون:
    153
    ورتل پسنديدگيون:
    313
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    433
    ماڳ:
    رحيم يار خان
    سنڌي ٻولي ۽ سنڌ سان اسان کي به محبت آهي، اسان کي سنڌ جي تاريخ سنڌ جي تهذيب سان به بيحد محبت آهي، اسان چاهيون ٿا ٿه اسان جي سنڌي تاريخ ۽ تهذيب کي صرف سنڌ ۽ سنڌي ئي نه پر سڄي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ موجود تمام ٻولين ۽ ٻولين ڳالهائيندڙن تائين پهچائجي، اها به حقيقت آهي ته پاڪستان به اسان جو آهي، پهريان ڪراچي پاڪستان جي گادي جو هنڌ هو بعد ۾ اسلام آباد ٿيو ان ڪري مان سمجهان تو ته پاڪستان ته به اسان سنڌين جو حق به آهي۔اسان سنڌ جي ثقافت تاريخ کي صرف پاڻ تائين محدود نه ٿا رکڻ چاهيون اسان چاهيون ٿا ته سڄي دنيا ۾ اسان کي سنڌي ڪري سڃاتو وڃي، پر ان لا پهريان اسان کي پنهجي ڳالهه ٻين ٻولين وارن تائين پهچائڻي پوندي۔
    اگر اوهان امر جليل صاحب جي صرف هڪ سنڌي چينل تي اردو ۾ پروگرام ڪرڻ تي ان کي غدار قرار ڏئي ڇڏيو ٿا ته اگر هو ڪنهن اردو چينل تي ڪو اردو پروگرام ڪري ته اوهان الاهي ڪٿي وڃي پڄندا۔
    ان ڪري سوچ کي محدوديت مان ڪڍي لامحدود ڪريو۔ سنڌ جي ثقافت، تاريخ کان غير سنڌين کي واقف ٿيڻ ڏيو بلڪه واقف ڪرايو، اها ئي سنڌ جي خدمت ٿيندي۔
    هلندي هلندي هڪ ٻيو عرض به ڪندو هلان ته رحيم يار خان ته سولو آ، ملتان به سنڌ ۾ شامل رهيو آهي۔
    سنڌ کي محدود نه ڪريو۔
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. گلزار احمد

    گلزار احمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 جون 2009
    تحريرون:
    153
    ورتل پسنديدگيون:
    313
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    433
    ماڳ:
    رحيم يار خان
    مان هن موضوع تي قلم نه پئي کڻڻ چاهيم، ڇو ته هن فوم تي آئي مون کي جمع جمع 8 ڏينهن ٿيا آهن، مگر امر جليل جهڙي قدآور شخصيت تي لڳل الزامن مجبور ڪيو۔ اگر دوستن کي مهنجي لکڻ تي اعتراض هجي ته بيفڪر ٿي ٻڌائيندا آ وڌيڪ جرعت نه ڪندس جو مورڳو جتي امر جليل جهڙي شخص سان انصاف نه ٿي اتي منهجي ڪهڙي حيثيت آهي۔
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. رسول بخش دائودپوٽه

    رسول بخش دائودپوٽه
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 مارچ 2011
    تحريرون:
    1,689
    ورتل پسنديدگيون:
    2,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    job
    ماڳ:
    karachi
    هتي انصاف جي ڳاله نه آهي هتي رخن لاڙن ۽ ترجيحات جي ڳاله آهي شخصيت پرستي نه پر سنڌ پرستي جي ڳاله آهي وجود جي وڃائڻ جي نه پر بچائڻ جي ڳاله آهي اڄ جي نه پر 5000 پنج هزار سالن کان وڌيڪ تهزيب تمدن جي ورثي ۽ وارثي جي ڳاله اهي هڪ سنڌ هڪ ٻولي جي ڳاله آهي ۔۔۔شيخ اياز جيڪو سڀ جي سڀ شاعري سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن لا ڪئي پر ڪٿي غلطي ڪري ويٺو جو سنڌي قومي تراني جو خالق ۔۔۔جنهن سان باڪاٽ ڪيو ويو هن جي ۽ هن جي لکڻين سان نه پر اڄ جي ڪردار سان اختلاف آهي ۔۔۔۔۔۔
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. ممتاز قريشي

    ممتاز قريشي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 جنوري 2013
    تحريرون:
    1,480
    ورتل پسنديدگيون:
    5,963
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    پيڊياٽرڪ سرجن.
    ماڳ:
    قاسم آباد حيدرآباد
    مان ڪنهن به مضمون کي مڪمل پڙهڻ ۽ سمجهڻ کانسوا ڪو به ڪمنٽ نه لکندو آهيان پر پو به دوستن مهڻا ڏنا ته اصل موضوع پڙهڻ کانسوا ئي پنهنجا خيال زبردستي لکيا پيا وڃن۔
    منهنجي ڪوشش اها هوندي آهي ته ڳالهه ادب ۽ اخلاق جي دائري ۾ رهي۔ هڪ ٻئي جي موقف سان اختلاف پنهنجي جا تي ، پر دل آزاري ڪرڻ کان جيترو بچجي اوترو بهتر آهي۔
    اگر ڪوشش ڪجي ته موضوع ۾ لکيل هڪ هڪ جملي کي الڳ ڪري به جواب لکي سگهجي ٿو، پر اهو مناسب نه آهي۔ انهي ڪري مون گڏيل طور تي پنهنجو نڪته نظر دوستن تائين پهچايو ۽ ڪافي دوستن جا خيال به اهي ساڳيا ئي آهن جيڪي منهنجا يا ڀا گل جا آهن پر مونکي لڳي ٿو ته ڪجهه دوستن جو ذهن سنڌ ۽ سنڌي ٻولي تائين محدود آهي ۽ اهي ان وهم ۾ آهن ته ٻي ڪنهن ٻولي کي توجه ڏيڻ سان سنڌ ۽ سنڌي ٻولي ختم ٿي ويندي۔ شايد اسان جي موقف کي هو سمجهڻ نٿا چاهين۔
    افسوس جي ڳالهه آهي ته اگر ڪو سنڌي ڌارين ٻولين، خاص طور تي اردو ٻولي لا نرم رويو ڏيکاري ٿو ته اهو سندن نظر ۾ غدارِ سنڌ ٿيو وڃي چاهي ان سنڌ ڌرتي لا يا سنڌي ادب لا ڪيتريون ئي خدمتون ڇو نه ڪيون هجن ۽ دليل طور اهو چيو وڃي ٿو ته اردو ۽ مهاجرن جي اچڻ سان فلاڻا فلاڻا نقصان ٿيا، يا ڪو سنڌي اگر ٻي ٻولي ڳالهائيندو ته (الله نه ڪري) سنڌي ٻولي ختم ٿي ويندي۔۔۔!!
    ڪجهه دير اهو سوچيو ته اگر اسان صرف سنڌي لکون ۽ سنڌي پڙهون ته پو ڪو به سنڌي نه انجينيئر ٿيندو، نه ڊاڪٽر ٿيندو، ۽ نه ڪا ٻي اعلى تعليم حاصل ڪري سگهندو۔۔۔!!!
    صبح شام رڳو سنڌي سنڌي ڪرڻ سان اسان ترقي نه ڪري سگهنداسين۔ اسان کي اگر سڌرڻو آهي ته ٻين ٻولين سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي هلڻو پوندو۔۔جڏهن ان منزل تي پهچنداسين ته پو ضرور هر علم پنهنجي ٻولي ۾ ترجمو ڪري پنهنجي نئين نسل کي به پڙهائيداسين پر افسوس اڄ به صرف انهن پراڻن خيالن جي ڪري اسان دنيا کان گهڻو پوئتي رهجي ويا آهيون۔
    ۽ ادا گل۔۔دل وڏي ڪريو۔ هن فورم ۾ هر رڪن کي پنهنجا خيال ۽ پنهنجو موقف پيش ڪرڻ جي آزادي آهي۔ هن اڱڻ تي سڀ هڪ ئي گهر جا ڀاتي آهيون۔توهان شوق سان پنهنجا خيال ونڊيندا ڪريو۔
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. رسول بخش دائودپوٽه

    رسول بخش دائودپوٽه
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 مارچ 2011
    تحريرون:
    1,689
    ورتل پسنديدگيون:
    2,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    job
    ماڳ:
    karachi
    اسان جا دوست پنهنجي ٻولي وارن سان به ڌاري ٻولي ۾ ڳالهائڻ ۾ شوق رکن ٿا ۽ مونکي ڪو سمجهائي ته ان غير سنڌي ٻولي جا ته ڪيترا ئي سپورٽر آهن پر افسوس جو پنهنجي ماءُ جي لولي لاءِ هڪ تر جو به احساس نه ٿو ٿين ڪنهن چيو ته ٻي ڪابه ٻولي نه پڙهو پر خدارا پنهنجي سلوڻي ٻولي کي صرف ٻولي مان زبان تائين محدود نه ڪريو ڪنهن چيو ته دنيا سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي نه هلون ادا اهو ڪلهي ۾ ڪلهو اهو نه آهي ته پنهنجي ٻولي کي تالن ۾ بند ڪري ٻي ٻولي جي پرچار ڪريون جيڪو ڌاريو 1947 کا طلسماتي طريقي سان ڪندو پيو اچي ۔۔۔۔ها اسان دنيا سان پاڻ پنهنجا قدم ملائيندا آيا آهيو ڪتابن ما اخبار اخبار مان اليڪٽرانڪ ميڊيا ۽ اتان کا ڪمپيوٽر انٽرنيٽ۔۔۔۔۔ ٻين ٻولين وانگر گهرج مطابق ريسپانس ڏيڻ سان ئي قدم سان قدم ۽ ڪلهي سان ڪلهو ملندو آ منهنجا دوست نه ڪي پنهنجي ٻولي کي دٻلي ۾ بند ڪري استعمال کان روڪڻو آ هي 100000000 ڏه ڪروڙ سنڌي جي هي ٻولي نه ڳالهائيندا ته پو منهنجا ڀاءَ غير ته هن جو اڳ ۾ ئي دشمن آ صرف ڳالهائڻ نه پر ڪتابن ۾ ۽ تعليم جي رخن ۾ به اپنائڻو آ ۽ گراميٽيڪلي سلوڻو پڙهڻو آ ۽ ان جي واڌ ويجه اسان سڀني تي اخلاقي طور فرض آ۔۔۔توهان ڇا ٿا ڪرڻ چاهيو سنڌ کي ٻه ٻولي وارو صوبو يا ملڪ بنائڻ ٿا گهرو نو نيور ڪڏهن به نه اردو سنڌ جي ٻولي نه آهي اها انهنجي ڳالهائڻ وارن جي به نه آهي۔۔۔وڃي تحقيق ڪريو ڦو ٽيڪا ٽپڻي ڪريو
    اڳ ۾ به چئي آيو آهيان ته هي تعليمي سلسلو جنهن ۾ سنڌي پرائمري پوري سنڌ ۾ هڪ جهڙي پڙهائي وڃي، هي اردو پرائمري ختم ڪئي وڃي سنڌ ۾ ان کا پو سيڪنڊري جو به هت هي مضبوت سسٽم آهي تنهن کي به ائين ئي پڙهايو وڃي ان کا پو هاير سيڪنڊري آهي ان ۾ صرف انگلش آهي پورا ٻه سال ٻار پڙهي ٿو بهتر آ جي ٽيلينٽ هوندس ته انگريزي بهترين ڳالهائيندو ۽ پو پروفيشنل تعليم آهي هن سان ماڻهو پنهنجي زمين ڌرتي جي رنگن ڪلچر کي ۽ ٻولي کي بهتر انداز ۾ مهارت سان سکي پو زندگي ۾ قدم رکي ٿو ۔۔۽ پنهنجي ٻولي جي هر رنگ کي سمجهي ٿو ائين ڪرڻ سان اسان جي ٻولي به زنده رهندي ۽ ڳالهائڻ وارو به وڌندو ۔۔۔۔ڳاله آهي استعمال جي جي استعمال نه ڪبو ته ٻولي ڦري صرف زبان ٿيندي ۽ زبان هلندي هلندي گم ٿي ويندي اهو مان نه پر تاريخ ٻڌائي ٿي جي سانڃاه رکجي ته ۔۔۔۔۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. ممتاز قريشي

    ممتاز قريشي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 جنوري 2013
    تحريرون:
    1,480
    ورتل پسنديدگيون:
    5,963
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    پيڊياٽرڪ سرجن.
    ماڳ:
    قاسم آباد حيدرآباد
    [​IMG]
    [​IMG]
    [​IMG]
    [​IMG]
    (الطاف شيخ جي ڪتاب سنگاپور ويندي ويندي تان ورتل)​
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  9. عبيد ٿهيم

    عبيد ٿهيم سپرايڊيٽر انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,664
    ورتل پسنديدگيون:
    6,923
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    413
    ڌنڌو:
    ڊولپر، سنڌي لئنگئج اٿارٽي، حيدرآباد.
    ماڳ:
    ٽنڊوآدم
    امر جليل جون سنڌي ٻولي ۾ ڪيل خدمتون نه وسرڻ جهڙيون آهن۔
    امر جليل تي ڪيل تنقيد تي افسوس ضرور ٿيو آهي، پر ڇا ڪريون!
    سنڌي چينلن وارا هاڻ اردو پروگرام پيا ڪن ته ان ۾ امر جو ڪهڙو ڏوهه!
    اسان سنڌي غلا غيبت جي ڪري ئي پوئتي آهيون ۔۔۔
    افسوس !
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  10. رسول بخش دائودپوٽه

    رسول بخش دائودپوٽه
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 مارچ 2011
    تحريرون:
    1,689
    ورتل پسنديدگيون:
    2,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    job
    ماڳ:
    karachi
    دوست سنگاپور جو مثال ڏنو ڀلو بهتر ۽ ٻي دوست کي وري به ان دانشور کي سپورٽ ڪرڻي پئي جيڪو سمجه جي اعلي ا مقام تي هوندي به قوم جي سوچن لوچن کي لتاڙيندو هڪ غير سنڌي ٻولي جي پرچار پيو ڪري ۔۔۔انگريزي ٻولي سکڻ کان ڪنهن به نه روڪيو آهي پر ۔۔ڪابه ٻولي ما جي هنج ۾ صرف ڳالهائڻ جي حد تائين ته سکي سگهي ٿو جنهن کي زبان چئبو آهي پر ٻولي جيڪا ڪتابن ۾ گرامر سان گفتار ٿيل هوندي آهي کي ما ڪين سيکاريندي آهي اها ٻولي اسڪول ۾ ئي سکي سگهڙ ٿيڻو پوي ٿو دوست کي اها خبر نه آهي ته هاير سيڪنڊري ۾ پورا ٻه سال ٻار صرف تعليم انگريزي ۾ پڙهي ٿو جي ان ٻار ۾ ٽيلينٽ آهي ته هن لا هي ٻه سال تمام وڏا آهن۽ ان کان پو پروفيشنل تعليم جنهن ۾ صرف انگريزي ۾ پڙهايو وڃي ٿو ۔۔۔باقي هاڻي ڄمندي ئي ٻار کي اي بي سي پڙهائڻ ۽ سنڌي الف ب نه پڙهائڻ پنهنجي ٻولي کان دور ۽ ڌاريو اوپرو بنائڻ آهي ۔۔۔۔ڪيترا اسان جا دوست انهن انگريزي ميڊيم اسڪولن ۾ پڙهيا پر پروفيشنل ڪاليج يا يونيورسٽين تائين نه پڄي سگهيا۔۔۔۔۔۔سو جٽادار تعليمي سلسلو جنهن ۾ پنهنجي ٻولي به سکجي ۽ انگريزي ۾ به ڀڙ ٿجي ڪو عيب نه آهي ۔۔۔۔پنهنجي ٻولي جي واڌ ويجه لا هر هڪ کي ڪردار ادا ڪرڻو آهي ۔۔۔هي امر جليل ڪنهن کا ڊڄي ائين ڪري ٿو ته واضع ڪري باقي ڪي به دليل ان کي سنڌي ٻولي سان ٻيائي ڪندي سچو يا بهتر ثابت نه ڪندا۔۔اسان جا برگر دوست پنهنجن ٻارن کي انگلش ميڊيم ۾ پڙهائڻ تي فخريا انداز ۾ پيا محسوس ڪرائين پر اهي پنهنجي ٻولي کي چيهاڙيون پيا ڪن بي خبرائي ۾ يا ڄاڻي ٻجهي ۾۔۔۔۔۽ پنهنجي نسل کي هڪ ٻولي مان صرف زبان تائين گهٽائڻ جا قدم پيا کڻن اهو عمل روڪڻ جهڙو آ۔۔۔ها انگلش ميڊيم اسڪول کوليو پڙهايو پر اهي سنڌي انگلش ميڊيم هجي نه ڪي اردو انگلش ميڊيم هجي جنهن ۾ ٻار اوپرو بڻجي وڃي پنهنجي امڙ جي ٻولي کان۔سنڌي انگلش اسڪول اهڙا جهڙا روشن تارا اسڪول سسٽم آهي ۔۔۔۔
     
  11. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,195
    ورتل پسنديدگيون:
    2,167
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    اي_و نه ٿي جذباتي
    ڪسي بات پر نه تنقيد في الفور ڪرو
    غور ، غور اڀي، غور اور ڪرو
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  12. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,395
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    ادا ڏاڏل هت اڳهي اردو ٻولي تي جهيرو لڳو پيو آهي توهان وري شعر به اردو ۾ لکيو آهي۔ ڪجهه ڏاها ٿيو يار
     
  13. ممتاز قريشي

    ممتاز قريشي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 جنوري 2013
    تحريرون:
    1,480
    ورتل پسنديدگيون:
    5,963
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    پيڊياٽرڪ سرجن.
    ماڳ:
    قاسم آباد حيدرآباد
    ها ها ها ها ها ۔۔۔ادا ڏاڏل ته محفل ۾ ٿڌي پاڻي جا ڇنڊا هڻي ڇڏيا۔۔۔۔
    بُهت خوب۔۔۔;)
     
  14. رسول بخش دائودپوٽه

    رسول بخش دائودپوٽه
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 مارچ 2011
    تحريرون:
    1,689
    ورتل پسنديدگيون:
    2,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    job
    ماڳ:
    karachi
    شعوري رستي تي هلندي گس گم ڪرڻ پيچرو وڃائڻ ڪو اسان سنڌين کا سکي مذاقن جا مينهن وسائڻ ۽ دشمن کي گس ڏيڻ ڪو اسان کا سکي شايد اسان اڃا ٻاروتڻي مان نه نڪتا آهيون جنهن کي اها سمجه نه هوندي آهي جي اگر ان ڏانهن باه ۽ گل ويجهو ڪجي ته ٻار ان گل کي ڇڏي باه ڏانهن هٿ وڌائي ۔۔۔پر سمجهدار والدين يا سمجه وارو عقل وارو ان جو هٿ پري ڪرائي ڇڏي ٿو۔۔۔۔سو سانڃاه وند ٿيو اڪابر ٿيو عقلي دليل ڏيو ڏاهپ ورهايو ونڊيو مذاقن جو دور هينئر نه آهي ۔۔۔هينئر( تتي ٿڌي ڪاه ڪانهي ويل ويهڻ جي ۔۔۔۔ شاه) جو وقت ا ادا منهنجا ڏاڏل شينو۔۔۔۔۔۔۔
     
  15. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,195
    ورتل پسنديدگيون:
    2,167
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    سائين مصيبت هي آهي ته اسان ٻيو ڪُجڳ سمجهڻ ئي نه ٿا چاهيون سچ اهو آهي ته جيڪو اسان کي سٺو لڳي ڪوڙ اهو آهي ته جيڪو اسان کي ٻُرو لڳي ٻي ڪا ڳالھ ئي ناهي۔
     
  16. رسول بخش دائودپوٽه

    رسول بخش دائودپوٽه
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 مارچ 2011
    تحريرون:
    1,689
    ورتل پسنديدگيون:
    2,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    job
    ماڳ:
    karachi
    منهنجا محترم ائين به نه آهي ڳاله ٻولي کي زبان تائين محدود ڪرڻ يا پنهنجي ٻولي جي واڌ ويجه ڪرڻ جا گر گس رستا راهون وٺي هلڻ جي ڳاله آهي ۔۔اردو سنڌ جي ٻولي نه آهي بيشڪ پاڪستان جي ٻولي آهي پر سنڌ اون نه ٿي ڪري هن کي ۔۔۽ جي سنڌي ماڻهو آهي ته ٻولي جي واڌڪرڻ به ضروري آهي ۔۔۔پنهنجي ٻولي جيڪا وقت سان اڄ هن نيٽ تي ڪمپيوٽر ۾ ڳالهائي رهيا آهيون لکي ۽ پڙهي رهيا آهيون سو اسان جي عظيم فتح آهي ۽ سوڀ آهي ۽ مهان آدرشي انسان ڀرڳڙي صاحب جي محنت ۽ مهرباني آهي جنهنسان اسان جي هن سلوڻي سڀاوڪ ٻولي جو آئيندو اجرو ٿي پيو آهي ۔۔سو هاڻي ان جي استعمال جي ضرورت آهي جنهن جو استعمال رسولبخش به ڪري ته ڏاڏو شينو به ڪري ۔۔۔۔۔يا جيڪي دوست اعلي ا دانشور هن سنڌي ٻولي کي اهو چئي ته ڇا فرق پوندو گهر ۾ ئي سکي وٺبي امڙ جي لولي ۾ ۔۔ادا ائين ته پو هي ٻولي جا سڀ اهڃاڻ وڃائي وري هڪ عام زبان رهجي وڃي اهو ڪير چاهيندو ڏاڏو شينو به نه چاهيندو سو ۔۔۔پنهنجي اعلي ا اڪابرن کي گهرجي ته پنهنجي ٻولي جي واڌ ويجه ۽ ڦهلائڻ ۾ ڪو واڌو ڪردار ادا ڪن نه ڪي مرڳو ڌارين دشمنن وانگر هن گهٽا ڏيئي ختم ڪرڻ جو ڪردار ادا ڪن۔۔۔ڪنهن به سنڌي پيج يا سنڌي چينل يا ڪنهن سنڌي رسالي اخبار ۾ سنڌي ۾ مواد ڏيڻ هڪ ضروري ۽ گهرجائتو آهي ۔۔۔هڪ سنڌي چينل تي اردو ۾ ڳالهائڻ ته اردو وارن کي ٿا ٻڌايون ۔۔۔اڙي بابا اڙي دادا اهي اسان جون ڪمزوريون واجهائيندا رهندا آهن انهن کي سنڌ سان نفرت آ اهي جيڪي سنڌي اڌ صدي تائي به نه سکيا تن کي اردو ۾ ٻڌائڻ ڪٿا جي دانشمندي آهي جن کي گهر گهاٽ مليا نوڪريون مليون وسيلن تي قابض ٿيندا پيا وڃن ۽ اهي پنهنجي لا  نوان ۽ جدا رستا راهون انتظام ڳولين پيا ڪڏهن مهاجرستان ته ڪڏهن جناح پور ته ڪڏهن جدا صوبي جي گهر پيا ڪن اهو ان ڪري آ جو اسان انهن کي اردو وارو انسان پيدا ڪرڻ ۾ مدد ڪئي جيئن هڪ سنڌ هڪ بلوچستان هڪ پنجاب هڪ پختون پيدا ٿي پيو هجڻ ته ائين گهربو هو جو سنڌ ۾ ذريعي تعليم فقط سنڌي پرائمري هجي ها ته هي ڏچو پيدا ئي نه ٿي ها پر اهڙا دانشور اڪابر هوندا ته دشمن جي ضرورت ئي نه پوندي ۔۔۔۔
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  17. گل حسن لاکو

    گل حسن لاکو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 جولائي 2010
    تحريرون:
    407
    ورتل پسنديدگيون:
    820
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    لائبريري اسسٽنٽ، مهراڻ يونيورسٽي ڄامشورو
    ماڳ:
    مهراڻ ٽائون، شهدادپور ضلع سانگهڙ
    ادا سليمان توهان جي ڳالهه سان آئون 100 سيڪڙو متفق آهيان۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  18. رسول بخش دائودپوٽه

    رسول بخش دائودپوٽه
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 مارچ 2011
    تحريرون:
    1,689
    ورتل پسنديدگيون:
    2,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    job
    ماڳ:
    karachi
    سچي کري ڳاله يار ڇا ٿي ويو آ دوستن کي پنهنجي وڏائپ پنهنجي اڪابري ڪنهنکي ڏيکارتڻ ٿو گهري جيڪو سنڌي نه ٿو سمجهي اڌ صدي تائين پنهنجي لا جدا انتظاميون پيو ڳولهي ۽ اسان جا اڪابر ان کي ان جي ٻولي ۾ پيا راڳ ٻڌائين سو به سنڌي ميڊيم تي ڪنهن انڪار ڪيو ته اردو اخبار ۾ نه لکي پر فورم جيڪو سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جي جاڳرتا جو هجي اتي اهو نه ٿو سونهين منهنجادوست دلبر دانائو امر جليل سچ ڳالهائيندو آهي۔۔۔۔۔ اهو سچ ته زماني ۾ سنڌي اڪابر نه رهيا آهن بي عقلا آهن جيڪا اسان جي مهان مورڙي مير بحر جي توحين آهي جنهن گهڻو آڳاٽي زماني ۾ جتي صحولتن جي اڻاٽ هئي ۾ پنهنجي ستن ڀائرن جو هڪ سمونڊ جي بلا کا پلاند ڪيو جيڪا ڪا آکاڻي نه پر حقيقت آهي جن جون قبرون ڪلاچي پل جي ويجهو اڄ به سنڌي ماڻهو جي عقل فهم جي انتها جون ڳالهيون پيو ڪري۔۔۔يا سنڌي هڪ قوم نه آهي جي پرچار ۔۔۔ته پو هي 5000سال کان به وڌيڪ عرصو جهاڳيندڙ جوان ٿي دشمن سان وڙهندي وڙهندي اڄ توهان ۽ اسان جي روپ ۾ هتي آهي اهو به ڪوڙ آ ڳالهين کي سمجهڻ جي ڪوسش ڪريو هي اردو اسان تي زوري مڙهي وئي جيڪا هتان جي خطي جي نه آهي۔۔ان جا راڳ الاپڻ ڪٿان جي دانشمندي يا اڪابري آهي۔۔۔جنهن 350 اسڪول بند ڪري اردو پرائمري کي جڳه ڏياري انهن ماڻهن سان وفاداري ڪرڻ سان پنهنجي وجود جو انڪار آهي ۔۔۔۔۔
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  19. غلام نبي نظاماڻي

    غلام نبي نظاماڻي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏3 اپريل 2014
    تحريرون:
    1
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    امر جليل ماضي ۾ ڪو چڱو ڪم ڪيو هجي الله کي خبر پر هاڻ گند پيو ڪري ۽ هن کي گهر ڀيڙو ٿيڻ گهرجي. مونکي هاڻ خبر پئي تہ انگريز 60 سالن کان پوءِ ڇو رٽائر ڪري ڇڏيندا هئا؟
     
  20. گلزار احمد

    گلزار احمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 جون 2009
    تحريرون:
    153
    ورتل پسنديدگيون:
    313
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    433
    ماڳ:
    رحيم يار خان
    هاڻ اسان وٽ بس اها ئي تنقيد اچي بچي آهي.
    اسان بجا ان جي جو پاڻ ترقي ڪريون رڳو ٻين تي تنقيد ڪرڻ ڄاڻون.
    باقي امر جليل ڪيتري قدآور شخصيت آهي اهو بار بار ورجائڻ جي ضرورت نه آهي.
    باقي اگر سڄي دنيا جا ماڻهون اگر چوڻ لڳن ته سج اولهه کان اڀرندو ته ڪو سج انهن جي چوڻ سان اولهه کاان ڪونه اڀرندو.
     
  21. رسول بخش دائودپوٽه

    رسول بخش دائودپوٽه
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 مارچ 2011
    تحريرون:
    1,689
    ورتل پسنديدگيون:
    2,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    job
    ماڳ:
    karachi
    ادا ڳاله ترقي جي آ ته اسان کي سنڌي ٻولي ۽ سنڌي ماڻهو جي ترقي گهربل آ نه ڪي ٻين لا استعمال ٿيڻ کي ترقي چئبو آ بيشڪ وڏو قداور شخص آ پر ٻيلي سنڌي ٻولي جو قد ته نه گهٽائي مٺا....ڳاله سمجهڻ جي آ غدارته چئبو ئي ان کي آ جيڪو بي وفائي ڪري...سو هن قوم ۽ سنڌي ٻولي سان بي وفائي ڪئي آ اهو قد سنڌي ۽ سنڌيت لا ڪهڙي ڪم جو
     
موضوع جو اسٽيٽس:
وڌيڪ جواب نه ٿا موڪلي سگهجن.

هن صفحي کي مشهور ڪريو