امر جليل، اڙدو ٻولي ۽ رسول بخش جو رينگٽ
’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’
معصوم
’’’’’’’’’
رسول بخش دائودپوٽي صاحب جي را سندس لا ڀل اهميت جوڳي هجي پر ڪنهن به را منجهه وزن جو هئڻ انتهائي اوس آهي. مون رسول بخش جي ليک جا اقتباس نظر مان ڪڍيا (هڪ ٻه هفتا اڳ) سوچيم جواب جود ۾ ڏيانس پر الائجي ڇو مون کي ڀاسيو “ضرورت ناهي”.
منهنجي ڪجهه ليکاري دوستن مون کي چيو ته دائود پوٽي کي جواب ڏجي! مون کي ڪا به ڌرڙي نه ائي نه وري ضرورت محسوس ڪئي، سبب هئا ان جا، جيڪي ان ساعت ڪيفيتي مزاج پٽاندڙ ظاهر ٿيا
دائود پوٽي بحث کي ڇيڙي ڌمچر مچائي ماڻهو مڙي مٺ ڪرڻ وارو ڪم ڪري سوچڻ ۽ اظهارڻ جو سڀني کي موقعو ڏنو پر دائود پوٽي جي موضوع ۾ معروضيت بنهه نه هئي جنهن ڪري هن جي را کي هر ڪنهن رد ڪيو، جڏهن اڪثريت ڪنهن جي به را کي رد ڪري ته سمجهو انهن سڀني جي گڏيل را ڪيڏي ۽ ڪيتري مضبوط هوندي.. جيڪي هڪ نقطي، هڪ شخصيت، هڪ گروه ۽ هڪ قوم جي بچا ۽ بقا لا سنجيده آهن ۽ ان هڪ فرد جي اها را ڪيڏي ڪمزور ۽ بنهه ڇسي هجي ٿي، جنهن ۾ نه مقصديت هجي نه معروضيت، نه زميني حقيقتن ۽ حالتن جو تذڪرو، نه مضبوط موقف، نه وري موقف ۾ لچڪداري، جو چئجي ته ڳر ڪڍي ويندو.
ننڍي لاڪون مون پنهنجي ناني جي واتان ٻڌو هو “سکڻي ڪني، گهڻو اڀامي” پو اهو ساڳيو جارحاڻو جملو ڪتابن ۾ پڙهيو، جنهن جي معنى ۽ مفهوم کان آشنائي جو جڏهن مون تي انڪشاف ٿيو ته منهنجي دماغ جا ٻيڪڙيل در ئي کلي ويا پو هڪ لڱا وري پنهنجي ما جي واتان اهو ٻڌو “دم نه لڀي دال جو، آڪڙ پلا جي!” ان جملي کي به مون ڪتابن ۾ جاچيو پر سماجي سائنس ۾ مون کي ان جا اڪيچار پرتو ان لمحي به نظر آيا هاڻ به نظر اچن ٿا، ڪڏهن دائود پوٽي جي صورت ۾ ته ڪڏهن ڪنهن ٻئي اندر جي ڄامڙي شخص جي شڪل ۾.
اسان فرد کي ڀل شخصي حوالي سان ٽوڪيون، لويون، ڇاڇوليون پر ان بابت ٺوس شاهديون، ثابتيون هجن پر هتي ته دڦ ۾ بندوق هنئي وئي آهي. دائود پوٽي اصل ۾ اڙدو ٻولي کان خائفي تحت امر جليل تي ڪاوڙ ڪڍي آهي، جنهن مان دائود پوٽي جي ذهني سطح جي پرک جو پتو پوي ٿو. مون کي ياد اچي ٿو ڪجهه وقت اڳ دائود پوٽي هن ئي فورم (سنڌ سلامت) تي هڪ اهڙي شخص جي شان ۾ شخصي خاڪو لکي ثابت ڪرڻ گهريو ٿي ته اهو شخص تمام تر سچاين ۽ اعلى انساني خصلتن جو پيڪر آهي، اهڙو شخص، جنهن جو ماضي داغدار هجي، جنهن جو حال بڇڙو هجي جنهن جي مستقبل ۾ به سنڌ ۽ لوڪ دشمني اوتيل هجي ان شخص کي مثالي ماڻهو قرار ڏئي خوشنودي حاصل ڪرڻ جي اسان جي دوست دائودپوٽي جستجو ڪئي، تن ڏينهن ۾ مون ساڻس اختلاف راءِ رکيو ته جنهن ماڻهو کي اوهان اتم ۽ اعليٰ ڪري پيش ڪيو آهي اهو اصل ۾ سنڌ جي اهڙن ئي دشمنن ۾ شامل آهي، جن جي ماهه بدولت اڪثريتي عوام جهالت جي دوزخ جو پانڌي بڻيل آهي.
ايئن هت وري سنڌ جي املهه انسان کي اڙدو ۾ ڳالهائڻ، لکڻ سبب گندو بڇڙو چئي دائود پوٽي پنهنجو ڪارج ادا ڪيو آهي، هت امر جليل جي خوشامد ڪرڻ بدران آئون صرف ايترو چوندس ته دائود پوٽي کي ڪنهن به ٻولي سان دشمني وارو رويو اختيار نه ڪرڻ گهرجي. مادري ٻولي هجي يا پاڙيسري ٻولي، اهي سماجي سائنس جو امتزاج آهن، اهي سماجي باهمي ۽ رواداري جي پل آهن. اڙدو خراب ٻولي ناهي، اها اسان جي حال توڙِي مستقبل جي سڃاڻپ ۽ تشخص جي بحاليءَ واري ٻولي آهي، اسان جو سادو سنڌي لوڪ انگريزي نه ٿو ڳالهائي پر گهن سماجي وهنوار ۾ ان جو لوڪ لاڳاپو اڙدو تي منحصر آهي، سو جنهن ٻولي ۾ اسان آساني سان اظهار ڪري سگهون سا گندي ۽ گري ڪيئن ٿي، جيڪڏهن امر جليل اڙدو ۾ لکيو، پڙهيو وڃي ٿو ته ان ۾ اربعا خطا ڪهڙي پوءِ به عيب ڳولڻ ۽ وڏ ڪڍڻ بنهه اياڻپ ۽ مورکائي جي مظاهري کان سواءِ ٻيو ڪجهه ناهي.