ممتاز علي وگهيو
سينيئر رڪن
ڪڏهن ڪڏهن من ۾ ڪجهه عجيب خيال پيدا ٿيندا آهن. ۽ انهن خيالن جي جوابن لاء پاڻ پتوڙيندو رهندو آهيان، مگر جواب ناهن ملندا.انهن خيالن کي مان هت پيش ڪيان ٿو، ڏسون ته ڪو آهي اهڙو دوست جيڪو هنن سوالن جا جواب ڏئي..منهنجا سوال شايد اوهان دوستن کي ڏکيا ته لڳن ۽ عجيب به لڳن مگر سوال ته آهن پوء ڀلي عجيب ڇو نه لڳن. سوال هي آهي ته هميشه جڏهن ڪو به مسئلو ڳالهين سان ناهي نبرندو ته پوء ئي جنگ واري صورت اختيار ٿيندي آهي. ۽ هميشه عقل مند ماڻهون ۽ امن پسند ماڻهون جنگ کان پاسو ڪندا آهن. ( ۽ اهو به ان صورت ۾ وڌيڪ جڏهن آمهون سامهون واريون شخصيتون مسلمان به هجن ۽ قابل احترام به هجن )هڪ طرف ته يزيد امام حسين رضه جن جو قاتل آهي، جڏهن ته هڪ حضور سائين جي مشهور حديث آهي ته جيڪو فلاڻو علائقو (قسطنطنيه) فتح ڪندو اهو جنت ۾ مون سان گڏ هوندو ۽ اهو علائقو يزيد رضه جن فتح ڪيو آهي.۽ يزيد هو به مسلمان ۽ نه مشرڪ هو نه ڪافر هو.۽ قرآن مان اهيو به ثابت آهي ته اگر جنهن شرڪ ناهي ڪيو ته اهو نيٺ آخر پنهنجن ڏوهن جي سزا ڀوڳي ۽ جنت ۾ ويندو. يا الله چاهي ته ان جا گناه معاف ڪري ان کي جنت ۾ داخل ڪندو.۽ الله کان ڪير پڇڻ وارو ڪونهي..۽ حديثن مان اهيو به ثابت آهي ته حقوق العباد تڏهن معاف ٿيندا جڏهن اهو پاڻ شخص پنهنجو حق معاف ڪري ۽ حديثن مان اهيو به ثابت آهي ته ڏينهن قيامت جي الله انهن ماڻهن کي جن جا حق هوندا ، انهن کي انهن جي حق جي عيوض جنت جون نعمتون آڇيندو ۽ اهي انهن کي قبول پونديون ۽ انهن عمل جي ڪري انهن کي به معاف ڪيو ويندو جيڪي حق ڏيڻ جا ذميوار هوندا. ڇو جو الله انصاف پسند آهي.۽ انصاف ڪندڙ آهي.نبر ٻه ته حضرت علي رضه جن جي عظيم شخصيت کان ڪنهن کي به انڪار ڪونهي، سندس علم عمل بهادري، حضرت محمد صلي الله وسلم جن سان وفا، وغيره.......................۽ هوڏانهن حضرت بيبي عائشه رضه جن جي شخصيت کان به ڪنهن کي انڪار ڪونهي، ۽ سندس علم عمل ذهانت تقوا ۽ حضرت محمد صلي الله وسلم جن سان وفا، وغيره وغيره ۽ سڀ کان وڏي ڳالهه ته اسان جي نبي حضرت محمد صلي الله وسلم جن جي پياري گهر واري. جنهن لاء حضور جن جو فرمان آهي ته اي عائشه الله تنهنجا اڳيان پويان سڀ گناهه معاف فرمائي ڇڏيا آهن.۽ اسلام جي تعليم ته اهيو به سبق ڏئي ٿي ته نبي جون گهرواريون مومنن جون مائرون آهن. ۽ ماء لاء وڏو احترام آهي، ( ڇو نه ماء ڪافر هجي )مگر پوء به انهن ٻنهيء شخصيتن حضرت علي ۽ حضرت عائشه جن ۾ جنگ لڳي آهي، پوء اسان ڪنهن کي حق تي سمجهون ڪنهن کي ناحق تي سمجهون. پوء انهن ماڻهن جي علم سجاعت، بهادري صبر جي خطبن واعظن ۽ قولن کي ڪاڏي ڪيون جيڪي حضور جن جي گهروارين سان جنگ ڪن.۽ حضور سان جي نسبت جو به خيال نه ڪن.جڏهن ته اسان جي معاشري جو هڪ جاهل توهم پرست وهمنن ۾ گهيريل موالي به ان سيد کي (جنهن کي نه قرآن جي علم جي ڄاڻ آهي نه اسلام سان سان ڪا دلچسپي آهي نه وري اسلام جي هدايتن تي عمل ڪندڙ آهي ) نسبت ڏيندو آهي، جيڪو سيد پنهنجي آستاني تي ڀنگون، ۽ چرس وڪرو ڪري اسان جي نوجوانن جي زندگين سان پيو کيڏندو آهي.۽ انهن جي زندگي کي ڪنهن ڪم جو ناهي ڇڏيندو.......................ڇو؟..ڇو؟ آخر ڇو؟