
تُرڪي جي دنيا ۾ بيهڪ ڪُجهه اهڙي آهي جو هِن جي ٻنهي پاسي (ڏکڻ توڙي اُتر) سمنڊ آهي۔ ڏکڻ پاسي سمنڊ رستي تُرڪي يونان سان مِلي ٿو۔ پر اُترين پاسي جيڪو سمنڊ آهي سو آهي ڪارو سمنڊ يا بحرِ اسود (Black Sea )۔ اهو هڪ وڏو ويڪرو سمنڊ جو ٽڪرو آهي جنهن جي چؤطرف زمين آهي ۽ رڳو استنبول سان ٻي سمنڊ سان مليل آهي۔ هڪ ماٺو سمنڊ۔ ڄڻ ته وَلر کان وڇڙيل هڪ اڪيلو پکي۔ جنهن جي اُڏام هوندي به بيٺل لڳي۔ جنهن جي خُشڪ آکين ۾ به ڳوڙهن جا نشان نظر اچن۔ هي سمنڊ جنهن جو رنگ حيرت انگيز طور ڪارو آهي۔ اڪثر پوندڙ بارشن ۽ هيٺ هلندڙ ڪڪرن سان ملي هي سمنڊ هڪ ٿي وڃي ٿو ۽ لڳندو آهي ٿڪل پکي پنهنجن ساٿين کي وڃائي ڪنهن ٻي جهان جي جاندارن سان سنگت ٺاهي ورتي آهي۔
سمنڊ کي گهوري دير تائين ڏِسڻ جي عادت گهڻن جيان مون کي به آهي ۽ پُراڻي آهي پر هِن سمنڊ کي ڏِسي اُهي ساڳيا احساس نه ٿا رهن جيڪي پنهنجي ڪراچي ۾ سمنڊ ڪناري هوندا هئا۔ هي انوکو سمنڊ ڏِسي ڪُجهه عجيب ئي ڪيفيت طاري ٿئي ٿي۔ هِن جي سيني تي سُرندڙ ننڍا وڏا جهاز ڏِسي ڏاڍا سُهڻا لڳن ٿا پر گڏوگڏ هِن سمنڊ تي پيار به اچي ٿو جنهن جو بظاهر ننڍو (4،36،400ڪلوميٽر اسڪوائر) پر اصل ۾ هڪ وڏو سينو ئي آهي جيڪو يورپ کي روس سان بحري رستي ملائي ٿو ۽ وڻج واپار هلندو رهي ٿو نه ته ٻي صورت ۾ ناکئن کي سڄو ايشيا ڦِري وڃي روس پُهچڻو پوي ها۔
هِن سمنڊ جي خاص ڳالهه اها به آهي ته هِن ۾ دنيا جي ٻي سمنڊ کان نمڪيات صفا گهٽ آهي۔ چون ٿا ته هِن تنها سمنڊ جي چؤڦير ڦِري بيٺل هِن لاءِ اڻ ڄاڻ ۽ نؤلا مُلڪ وڏا وڏا جبل پاڻ وٽ رکن ٿا جِن تي پوندڙ برف جو پاڻي هِن ۾ ايندو رهي ٿو جيڪو استنبول جي ڳچي سمنڊ (Strait) ذريعي ميڊيٽيرين سمنڊ ۾ به وڃي ٿو جِتان وري کارو پاڻي هِن وٽ اچي ٿو۔ اهو سڀ پڙهي مون کي ايئن لڳو ته هِن وڇڙيل سمنڊ کي ڦِري بيٺل مُلڪن کان جيڪو سُٺو ڪُجهه ملي ٿو هي ڪنهن سنيهي جيان اُن ڳچي سمنڊ (Basphosrus) ذريعي پنهنجي يارن (سمنڊ) کي اُماڻي ٿو پر موٽ ۾ جواب طور هو پنهنجي ڪڙاڻ کيس موڪلي ڏين ٿا جيڪا وٽس اچي مٺاس ۾ بدلجي وڃي ٿي۔ اهو سڀ ڪيميسٽري ۾ ته کڻي Things tend to go to lower concentration from higher چئجي ٿو ۽ هڪ ڪيمسٽ طور مون کي به اهو سڀ ائين ئي لڳڻ/چوڻ گهُرجي پر الاهي ڇو هي حساس دِل هِن سمنڊ سان جُڙيل انهي حقيت کي ڪُجهه ٻيو ئي ٿي سمجهي۔
ترابزون شهر جي يونيورسٽي هِن سمنڊ سان بلڪل گڏ آهي۔ وچ ۾ هڪ دلڪش نظارو پيش ڪندڙ ايئرپورٽ آهي جنهن تي لئنڊنگ ڪندڙ جهاز جا مسافر هڪ پاسي جبل تي جُڙيل هڪ حسين شهر ڏِسن ٿا ته ٻي پاسي هِن ماٺي سمنڊ جون مسڪين ۽ ٿڪل لهرون ڏِسن ٿا۔ آئون روز اهو سڀ ليب جي دري مان يا وري ترابزون جي رستن تي هلندي ڏِسان ٿو ۽ هن اڪيلي، مسڪين ۽ خاموش سمنڊ سان سرگوشين ۾ ڳالهيون ڪرڻ جي ڪوشش ڪريان ٿو۔ پر هي سمنڊ ماٺ آهي۔ هِن سمنڊ جو اندر سمنڊ آهي (جنهن ۾ هُن هِن جو سينو چيري ايندڙ يوناني قابضن جو ترُڪي تي ڪاهون ۽ مارڪو پولو جي واپسي جي سفر جو اکين ڏٺيون شاهديون لڪائي رکيون آهن) ٻاهر رڳو خاموشي آهي۔
هِن سمنڊ کي ڦِري بيٺل مُختلف ملُڪن جي شهرن کان هِن سمنڊ جا ڪُجهه نظارا اوهان جي لاءِ!

ليسپي کان لهندڙ سِج جو نظارو
جيارجيا مُلڪ جو هِن سمنڊ تي جُڙيل پورٽ
