بحرِ اسود هڪ ماٺو سمنڊ

'مختلف موضوع' فورم ۾ عبدالحفيظ لغاري طرفان آندل موضوعَ ‏16 نومبر 2013۔

  1. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,825
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    [​IMG]
    تُرڪي جي دنيا ۾ بيهڪ ڪُجهه اهڙي آهي جو هِن جي ٻنهي پاسي (ڏکڻ توڙي اُتر) سمنڊ آهي۔ ڏکڻ پاسي سمنڊ رستي تُرڪي يونان سان مِلي ٿو۔ پر اُترين پاسي جيڪو سمنڊ آهي سو آهي ڪارو سمنڊ يا بحرِ اسود (Black Sea )۔ اهو هڪ وڏو ويڪرو سمنڊ جو ٽڪرو آهي جنهن جي چؤطرف زمين آهي ۽ رڳو استنبول سان ٻي سمنڊ سان مليل آهي۔ هڪ ماٺو سمنڊ۔ ڄڻ ته وَلر کان وڇڙيل هڪ اڪيلو پکي۔ جنهن جي اُڏام هوندي به بيٺل لڳي۔ جنهن جي خُشڪ آکين ۾ به ڳوڙهن جا نشان نظر اچن۔ هي سمنڊ جنهن جو رنگ حيرت انگيز طور ڪارو آهي۔ اڪثر پوندڙ بارشن ۽ هيٺ هلندڙ ڪڪرن سان ملي هي سمنڊ هڪ ٿي وڃي ٿو ۽ لڳندو آهي ٿڪل پکي پنهنجن ساٿين کي وڃائي ڪنهن ٻي جهان جي جاندارن سان سنگت ٺاهي ورتي آهي۔​
    سمنڊ کي گهوري دير تائين ڏِسڻ جي عادت گهڻن جيان مون کي به آهي ۽ پُراڻي آهي پر هِن سمنڊ کي ڏِسي اُهي ساڳيا احساس نه ٿا رهن جيڪي پنهنجي ڪراچي ۾ سمنڊ ڪناري هوندا هئا۔ هي انوکو سمنڊ ڏِسي ڪُجهه عجيب ئي ڪيفيت طاري ٿئي ٿي۔ هِن جي سيني تي سُرندڙ ننڍا وڏا جهاز ڏِسي ڏاڍا سُهڻا لڳن ٿا پر گڏوگڏ هِن سمنڊ تي پيار به اچي ٿو جنهن جو بظاهر ننڍو (4،36،400ڪلوميٽر اسڪوائر) پر اصل ۾ هڪ وڏو سينو ئي آهي جيڪو يورپ کي روس سان بحري رستي ملائي ٿو ۽ وڻج واپار هلندو رهي ٿو نه ته ٻي صورت ۾ ناکئن کي سڄو ايشيا ڦِري وڃي روس پُهچڻو پوي ها۔​
    هِن سمنڊ جي خاص ڳالهه اها به آهي ته هِن ۾ دنيا جي ٻي سمنڊ کان نمڪيات صفا گهٽ آهي۔ چون ٿا ته هِن تنها سمنڊ جي چؤڦير ڦِري بيٺل هِن لاءِ اڻ ڄاڻ ۽ نؤلا مُلڪ وڏا وڏا جبل پاڻ وٽ رکن ٿا جِن تي پوندڙ برف جو پاڻي هِن ۾ ايندو رهي ٿو جيڪو استنبول جي ڳچي سمنڊ (Strait) ذريعي ميڊيٽيرين سمنڊ ۾ به وڃي ٿو جِتان وري کارو پاڻي هِن وٽ اچي ٿو۔ اهو سڀ پڙهي مون کي ايئن لڳو ته هِن وڇڙيل سمنڊ کي ڦِري بيٺل مُلڪن کان جيڪو سُٺو ڪُجهه ملي ٿو هي ڪنهن سنيهي جيان اُن ڳچي سمنڊ (Basphosrus) ذريعي پنهنجي يارن (سمنڊ) کي اُماڻي ٿو پر موٽ ۾ جواب طور هو پنهنجي ڪڙاڻ کيس موڪلي ڏين ٿا جيڪا وٽس اچي مٺاس ۾ بدلجي وڃي ٿي۔ اهو سڀ ڪيميسٽري ۾ ته کڻي Things tend to go to lower concentration from higher چئجي ٿو ۽ هڪ ڪيمسٽ طور مون کي به اهو سڀ ائين ئي لڳڻ/چوڻ گهُرجي پر الاهي ڇو هي حساس دِل هِن سمنڊ سان جُڙيل انهي حقيت کي ڪُجهه ٻيو ئي ٿي سمجهي۔​
    ترابزون شهر جي يونيورسٽي هِن سمنڊ سان بلڪل گڏ آهي۔ وچ ۾ هڪ دلڪش نظارو پيش ڪندڙ ايئرپورٽ آهي جنهن تي لئنڊنگ ڪندڙ جهاز جا مسافر هڪ پاسي جبل تي جُڙيل هڪ حسين شهر ڏِسن ٿا ته ٻي پاسي هِن ماٺي سمنڊ جون مسڪين ۽ ٿڪل لهرون ڏِسن ٿا۔ آئون روز اهو سڀ ليب جي دري مان يا وري ترابزون جي رستن تي هلندي ڏِسان ٿو ۽ هن اڪيلي، مسڪين ۽ خاموش سمنڊ سان سرگوشين ۾ ڳالهيون ڪرڻ جي ڪوشش ڪريان ٿو۔ پر هي سمنڊ ماٺ آهي۔ هِن سمنڊ جو اندر سمنڊ آهي (جنهن ۾ هُن هِن جو سينو چيري ايندڙ يوناني قابضن جو ترُڪي تي ڪاهون ۽ مارڪو پولو جي واپسي جي سفر جو اکين ڏٺيون شاهديون لڪائي رکيون آهن) ٻاهر رڳو خاموشي آهي۔​
    هِن سمنڊ کي ڦِري بيٺل مُختلف ملُڪن جي شهرن کان هِن سمنڊ جا ڪُجهه نظارا اوهان جي لاءِ!
    [​IMG]يوڪرائين جو ڪنارو
    [​IMG]
    ليسپي کان لهندڙ سِج جو نظارو
    [​IMG]
    جيارجيا مُلڪ جو هِن سمنڊ تي جُڙيل پورٽ
    [​IMG]ترابزون جي شهر ۽ ايئرپورٽ جو نظارو هن سمنڊ سان گڏ
     
    16 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    ڪارو سمنڊ بليڪ سي جي باري ۾ ڄان ڏيڻ جي مهرباني تصورين سان گڏ خوبصورت ونڊ

    بهترين
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,935
    ورتل پسنديدگيون:
    27,276
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    لک قرب جو اوهان اهڙي معلومات ڏني۔

    ترڪي اسلامي دنيا لاء انڪري به اهم رهيو آهي جو خلامت عثمانيه جو مرڪز هتي ئي هيو۔ ترڪي تمام تيزي سان ترقي ڪئي آهي، خاص ڪري تعليمي ميدان ۾۔ ترڪي بابت اوهان جي اهڙن مضمونن مان اسان کي هن تاريخي ملڪ جي جاگرافيائي، تاريخي ۽ ترقي جي رازن بابت معلومات ملندي رهندي ۽ پوء هي سڀ مضمون ملي ڪري هڪ سفرنامي جو روپ ڌاريندا۔

    ڪوشش ڪيو ته هر مضمون ۾ ٿوري گهڻي تاريخي معلومات به ڏيندا رهو۔
     
    8 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,825
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    تاريخي معلومات ڏيڻ جي اهميت جي خبر اٿم پر اهو به ڊپ لڳندو اٿم ڪٿي موضوع عام پڙهندڙ لاءِ بوريت جو سبب نه ٿئي ۽ رڳو ڪڏهن ڪنهن جي حوالي (ريفرنس) ۾ ئي ڪم اچڻ کان سواءِ ڪو نه پڙهي، بهرحال انهي جو حل به آهي ته تاريخ کي دلچسپ لفظن ۾ پيش ڪجي جيڪي هڪ عام پڙهندڙ کي محّظوظ ڪَن ۽ تحقيق ڪندڙن کي حوالي (ريفرنس) طور به ڪم اچن۔
    اڄ جيڪو مضمون ايندو انهي ۾ اها شئي هوندي۔ اوهان جي صلاح مشورن ۽ همت افزائي سان اهو ڪم هلندو رهندو۔
     
    8 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,935
    ورتل پسنديدگيون:
    27,276
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي

    ها بس مضمون ۾ ٻئي شيون هجن، تاريخ به مختصر هجي جيئن بوريت جو احساس نه ٿئي۔ ڪجهه پنهنجي يونيورسٽي بابت به شيئر ڪجو۔ بحر اسود جو جارجيا ۾ هڪ منظر

    [​IMG]
    ترڪي جي اماسرا کان هڪ منظر​
    [​IMG]
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,825
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    اڄ هتي برفباري آهي۔ اڄ سمنڊ تي اوندهه آهي۔ ايئن ٿو لڳي ڪڪر ۽ سمنڊ هڪ ٿي ويا آهن۔

    [​IMG]
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    ما شا الله ، ادا عبد الحفيظ تمام زبردست شيئرنگ، مون کي هميشه کان اوهان جي لکڻين جو انتظار رهندو آهي، بهترين ادا جاري رکجو۔
    تازو فلسطين، اردن ۽ اسرائيل وچ ۾ ان سمنڊ کي ترقي وٺرائڻ ۽ ان جي بچا بابت غور ويچار ڪرڻ لا ڪم شروع ٿي چڪو آهي۔
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,397
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    ادا مان ننڍپڻ کان وٺي سفرنامه پڙهندو رهندو آهيان، مان گهڻا سفر نامه ته صرف سنڌ جي سيلاني الطاف شيخ صاحب جا پڙهيا آهن، ڪتابي صورت ۾ ۽ مضمون مقالي جي صورت ۾ جيڪي الطاف شيخ صاحب مون ڏانهن ميل ڪندا آهن، پر اهيا تمام گهڻي خوشي جي ڳالهه آهي ته اسان جي سنڌ سلامت جي فورم جو هڪ ساٿي به تمام سهڻا سفر نامه لکي ڪري سنڌ سلامت جي رونق ۾ اضافو ڪري ٿو، جنهن لاء اسان سڀ سنڌ سلامت جا ساٿي توهان جا شڪر گذار آهيون۔ ادا توهان جو ترڪي بابت سفرنامو تمام بهترين سفر نامو آهي اسان جي دعا آهي ته توهان پنهنجي مقصد ۾ ڪاميابي ماڻيو۔ ادا اسان جي سنڌ جي هڪ عالم اديب ۽ ليکڪ مرزا قليچ بيگ صاحب کي ته سنڌيءَ سان گڏ انگريزي، فارسي، اردو ۽ تُرڪي ٻولين تي پڻ عبور حاصل هو. وهان ڀلا ترڪي زبان سکي آهي يا نه۔ادا منهنجو دوست ۽ استاد حافظ خليل احمد صاحب فارسي زبان جو هڪ شعر ٻڌائيندو هو جنهن جو مخلب هوندو هو ته منهنجو يار مون کي تمام گهڻو ٿو وڻي مگر ڳالهائي ترڪي ٿو ۽ مان ترڪي سمجهان نه ٿو۔
    ترڪي (Turkey ):ملڪ جي ڪجهه معلومات سنڌيانه جي مدد سان هت پيش ڪجي ٿي، جيڪا پڻ اسان جي پڙهندڙن کي پسند ايندي۔
    ترڪي (Turkey ):ملڪ جي ڪجهه معلومات

    ترڪي (Turkey ):هن ملڪ جو سرڪاري نالو جمهوريه-ترڪي- (Republic of Turkey) آهي. -ترڪ- قوم ۽-ترڪو- ٽڪريءَ جي مناسبت سان هن کي ترڪيءَ جو نالو ڏنو ويو آهي. هي ڏکڻ اولهه-ايشيا- جو اهم ملڪ آهي. هن جي-اتر- ۾ بلغاريا ۽ ڪارو سمنڊ،-اتر- -اوڀر- ۾ جارجيا ۽-آرمينيا- -اوڀر- ۾-ايران-، ڏکڻ ۽ عراق ۽ شام، اولهه ۾ ايجيئين (Aegean) سمنڊ ۽ يونان آهن. -ترڪي- -ايشيا- ۽ يورپ جي پڇڙيءَ تي آهي. هن جي 95 سيڪڙو ايراضي-ايشيا- ۾ ۽ 5 سيڪڙو (9000 چورس ميل) يورپ ۾ آهي. ايشيائي ترڪيءَ کي ايناڊولو يااناطوليا ۽ يورپي ترڪيءَ کي ٿريس (Thrace) چوندا آهن. ٻنهي جي وچ ۾ باسفورسگذرگاهه (لنگهه) آهي. 10-اپريل- 1928ع تي ترڪيءَ جي حيثيت اسلامي حوالي سان ختم ڪندي هڪ سيڪيولر رياست ۾تبديل ڪئي وئي. عربي رسم الخط کي ختم ڪري رومن اسڪرپٽ جاري ڪيو ويو. 28مارچ 1930ع تي قسطنطنيه جو نالو بدلائي-استنبول- رکيو ويو. هن وقت-ترڪي- آزاد ۽ خود مختيار جمهوريه آهي، جتي مغربي طرز جو پارلياماني جمهوري نظام قائم آهي. صدر رياست جو مملڪتي سربراهه ۽ هٿيار-بند- فوج جو سپريم ڪمانڊر آهي. ترڪيءَ جي ڪل پکيڙ 779452 چورس ڪلوميٽر (300868چورس ميل) ۽ آبادي 6 ڪروڙ 66 لک 20 هزار آهي. هتان جي سرڪاري-ٻولي- -ترڪي- آهي، جڏهن ته ڪردي ۽ عربي ٻوليون پڻ ڳالهايون وڃن ٿيون. ترڪيءَ جي گاديءَ جو هنڌ-انقره- (Ankara) آهي. هتان جي مکيه زرعي پيداوار ۾-تماڪ-، اَن، ڪپهه، مڪئي، ٽماٽا،-انگور-، پٽاٽا، جَوَ، ڪاري ڊاک، زيتون،-انجير-،ميوا ۽ ڀاڄيون آهن ۽ مکيه صنعت ۾ لوهه، مشينري، ريشم، بوٽ، گاڏيون، فوڊپروسيسنگ، فرنيچر، سيمنٽ، ڪاغذ، شيشو، عمارت سازي ۽ ڪيميائي شيون آهن. ترڪيءَ جي آزاديءَ جو ڏهاڙو 29-آڪٽوبر- 1923ع آهي ۽ گڏيل قومن جي اداري (UNO) جي ميمبرشپ 24-آڪٽوبر- 1945ع کان آهي

     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  9. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,825
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    ادا @TAHIR SINDHIصاحب پسنديدگي لاءِ مهرباني۔ ڪڏهن لکندي ڪڏهن لکي وري پڙهندي لڳندو اٿم ته پنا ڪارا ڪندي يا اسڪرين تي ڪيز دٻائيندي جيڪو ٿاڦيان ٿو سو الائي ڪيئن ماڻهن کي وڻي ٿو۔ اڪثر اهو سوچي لکڻ وسري ويندو آهي ته بس گهڻو ٿيو۔ الاءِ ڇا سوچيندا پڙهڻ وارا جيڪو لکان ٿو۔ پر وري هڪ۔ ٻه ٽي ٿي سڀ جو وٺي تعريف ٿا ڪن ته ڪُجهه لکجيو وڃي۔ واعدن جو ڪچو ۽ ارادن جو جڏو آهيان۔ سليمان وساڻ سان واعدو ڪيو هئم ته لکبو رهبو پر لڳي نه ٿو۔
    ممتاز علي وگهيو صاحب اوهان پاران تفصيلي جواب لاءِ ٿورا۔ واقعي هن مُلڪ جي تاريخ ۾ سڀ کان وڏو موڙ سلطنتِ عُثمانيه ٽُٽڻ آهي۔ جنهن تي هتي جي ماڻهن جي راءِ مليل جُليل آهي۔ جڏهن به پُڇ ته اوهان ڇا ٿا چئو انهي باري ۾ ته چون ٿا ”اهو سڀ کان ڏُکيو سوال آهي“۔ پر اهو آهي ته هن وقت دنيا جي حالتن ۾ سيڪيلور مُلڪ ترقي آفته آهن۔ اهو هڪ وڏ بحث آهي جيڪو آئون هن موضُوع ۾ قطعي نه ٿو ڇيڙڻ چاهيان۔
     
    8 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو