• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڀلا ڙي بجلي جي لوڊ شيڊنگ ڀلا

نثارناز

سينيئر رڪن
پيارا دوستو، بجلي جي لوڊ شيڊنگ جو نئون شيڊول جيڪو اسان جي شهر ۾ زبردستي مڙهيو ويو آهي، جنهن مطابق 24 ڪلاڪن ۾ اسان تي ڏينهن جو سڄا سارا چار ڪلاڪ بجلي جو احسان ڪيو ويو آهي ۽ رات جو به چار ڪلاڪ اسان تي بجلي جي مهرباني پئي ٿئي هاڻي منهنجي پياري پاڪستان جي ڀائرن کي گُذارش ڪئي ٿي وڃي ته جيڪي ميٿ ۾ هوشيار آهن اهي حساب ڪري ٻُڌائن ته باقي ڪيترا ڪلاڪ بجلي جي لوڊ شيڊنگ اسان تي ٻاجهه ڪندي رهندي، دوستو ان ڪري اسان ڪُجهه گهٽ گهٽ نظر پيا اچون ، چار ڪلاڪ اسان کي جيڪا بجلي جي عنايت ڏينهن ۽ رات ۾ ٻه دفعا ملي ٿي ان ۾ سنڌ سلامت جي ساٿين سان ڏُک سور ونڊن اسان لاءِ تقريبن ناممڪن بنجي رهيو آهي، ان ڪري اسان جي حاضري نه هُئن جي برابر آهي۔ براءِ مهرباني اسان کي صلاح يا ڪو مشورو ڏنو وڃي ته اسان انهي ءَ حالت ۾ سنڌ سلامت تي پنهنجي حاضري کي ڪيئن گهڻي کان گهڻي بنائي ٿا سگهون۔۔۔
 
جواب: ڀلا ڙي بجلي جي لوڊ شيڊنگ ڀلا

سائين اوهان جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون۔۔ باقي پاڪستان ۾ ان کان وڌيڪ بجلي جي رعايت توهان کي نه ٿي ملي سگهي۔۔۔۔
 
جواب: ڀلا ڙي بجلي جي لوڊ شيڊنگ ڀلا

سائين وڏا هت اسان سان به اها ئي حالت آهي بس صرف صبر کان سوا۽ ڇا ٿو ڪري سگهجي

سدائين گڏ
 
جواب: ڀلا ڙي بجلي جي لوڊ شيڊنگ ڀلا

سائين واقعي اها افسوس جهڙي ڳالهه آهي۔ اسان سڄي سنگت اعلي اختيارين جي اهڙي عمل جي مزمت ٿا ڪريون۔ وس وارن ۽ حڪومتِ وقت کي اها اپيل ٿا ڪريون ته بجلي جي لوڊ شيڊنگ گهٽائي وڃي۔۔۔۔۔!!!
 
جواب: ڀلا ڙي بجلي جي لوڊ شيڊنگ ڀلا

حسابن ۾ ماهر ته ادا ٻروچ آهي ۔۔۔۔ لوڊ شيڊنگ جي ٻاجهه جو حساب ته اهو ئي ڪري سگهي ٿو پر هتي موڪل دوران ڳوٺ ۾ حساب لڳايم ته ڏينهن رات ۾ 12 ڪلاڪ بجلي موجود رهي ٿي۔۔۔
شڪر ڪيم ته توهان جي مقابلي ۾ 4 ڪلاڪ وڌيڪ موجود آهي پر اڄ ته ڀت سان ٽڪر هڻڻ جي نوبت هئي ۔۔۔ اف پورا 12 ڪلاڪ بجلي نه آئي۔۔۔
 
جواب: ڀلا ڙي بجلي جي لوڊ شيڊنگ ڀلا

سائين قبلا صلاح آهي صبرا جميلا
ڪاش اهو صبرن جميلا جي بدران صبرن شڪيلا هُجي ها، ڇو ته منهنجو هڪڙو دوست هوندو هو جميل اهو ياهو ۾ چيٽنگ ڪندو هو جميلا بڻجي، پر اڄڪلهه هڪڙي نياڻي آهي جيڪا آهي ته شڪيلا پر هُوءَ شڪيل بڻجي سڀني کي اُلو بڻائي ٿي۔ باقي صبرن ۽ شُڪرن وارا لفظ هاڻي بجلي جي اڻاٺ تي تمام ٿورا ٿا پون ، سائين رحيم بخش توهان ميٿ جا نه سهي پر عربي ۽ فارسيءَ جا وڏا ماهر آهيو ڪو زبري قسم جو نئون اصطلاح ڪتب ۾ آڻيندا ڪريو انهي صبرن جميلا واري جاءِ تي۔ مهرباني سائين۔
 
جواب: ڀلا ڙي بجلي جي لوڊ شيڊنگ ڀلا

سائين اوهان جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون۔۔ باقي پاڪستان ۾ ان کان وڌيڪ بجلي جي رعايت توهان کي نه ٿي ملي سگهي۔۔۔۔
يار مست واقعي ڪو ڏُک ۾ شريڪ ٿيڻ ته ڪو توهان کان سکي، توهان ڏُک ۾ شريڪ به ٿيو پيا ۽ مٿان واري انسپيڪٽر جنرل آف بجلي بڻجي اسان کي بجلي جي وڌيڪ رعايت نه ڏيڻ جو آرڊر به جاري ڪيو پيا۔ اي وڙ نه ويڙهيچن۔ مهرباني مٺا
 
جواب: ڀلا ڙي بجلي جي لوڊ شيڊنگ ڀلا

سائين وڏا هت اسان سان به اها ئي حالت آهي بس صرف صبر کان سوا۽ ڇا ٿو ڪري سگهجي

سدائين گڏ
سائين ننڍا ۽ فقير وڏا مطلب ته توکي به صبر ڪرڻو پيو پوي، بابا هيل ته هُو موسمي ٻٽيرو انٽرنيشنل فقير توکان بلڪل پري آهي، خبر پئي آهي ته موسمي ٻٽيرا آسٽريا کي صرف ڇتيءَ سرديءَ ۾ سنڌ ڌرتيءَ جو رُخ ڪندا آهن سو هاڻي سردي ختم ته موسمي ٻٽيرا به گُم هاڻي ته نيڪ بابا نيڪ مائي واريون صدائون اڪيلو هڻي هڻي ڪافي ڪمايو هوندئي۔ ڪو لڳائي يو پي ايس، ڪو جنريٽر، فقير صبر ڪئي ته دنيا ئي ڪانه هلندي بابا۔ مهرباني ادا وحيد فقير ڦلپوٽا
 
جواب: ڀلا ڙي بجلي جي لوڊ شيڊنگ ڀلا

سائين واقعي اها افسوس جهڙي ڳالهه آهي۔ اسان سڄي سنگت اعلي اختيارين جي اهڙي عمل جي مزمت ٿا ڪريون۔ وس وارن ۽ حڪومتِ وقت کي اها اپيل ٿا ڪريون ته بجلي جي لوڊ شيڊنگ گهٽائي وڃي۔۔۔۔۔!!!
مٺا عبدالستار چنا، شال جُڙيو هُجين، سنڌ سلامت جي ماڻهن کي مُبارڪون ته عبدالستار چنا جي روپ ۾ اسان کي مستقبل جو سياستدان ملي ويو آهي، هن مسئلي تي ڇا ته سندس افسوس ڪرڻ جو انداز آهي، ڇاته مذمت ڪرڻ وارو جذبو اٿس ۽ ڇا ته اپيل ڪري لوڊ شيڊنگ گهٽائڻ وارو نعرو پيو هڻي واهه واهه، عبدالستار چنا زنده آباد، آوي ئي آوي چنا عبدالستار آوي آوي
 
جواب: ڀلا ڙي بجلي جي لوڊ شيڊنگ ڀلا

حسابن ۾ ماهر ته ادا ٻروچ آهي ۔۔۔۔ لوڊ شيڊنگ جي ٻاجهه جو حساب ته اهو ئي ڪري سگهي ٿو پر هتي موڪل دوران ڳوٺ ۾ حساب لڳايم ته ڏينهن رات ۾ 12 ڪلاڪ بجلي موجود رهي ٿي۔۔۔
شڪر ڪيم ته توهان جي مقابلي ۾ 4 ڪلاڪ وڌيڪ موجود آهي پر اڄ ته ڀت سان ٽڪر هڻڻ جي نوبت هئي ۔۔۔ اف پورا 12 ڪلاڪ بجلي نه آئي۔۔۔
يار جادوگر، ادا ٻروچ جو نالو متان وٺين، هو ته اسان جو جاني جگر آهي، پر بجلي جي لوڊشيڊنگ جي ڪري توتي دادو وارو جادو اثر ڪري ويو آهي جو ٻارهان ٻارهان ڪلاڪ بجلي جي ونڊ ڪٽ ڪرين پيو ۽ اسان کي ٻُڌائين پيو ته تون مڙئي ميٿ ۾ چڱيرڙو آهين۔ باقي ڀِتِ سان يا ڀَتَ سان مٿو ٽڪرائڻ واري ڳالهه سمجهي ۾ ڪانه آئي، ڀِتِ سان مٿا ٽڪرائيندي وڏا وڏا خان کپي ويا آهن، پر جيڪڏهن تون ڀَتَ سان مٿو ٽڪرائڻ جي ڳالهه پيو ڪرين ته ڀائو بُري بات گهٽ ۾ ڀَتَ سان وات ٽڪرائي ته ڪو پيٽ ڀرجي، ڀَتَ سان مٿو ٽڪرائيندين ته ماڻهو سمجهندا جادوگر سائين جي ڪَلَ ڊيش ڊيش ڊيش ڊيش ٿي وئي آهي۔ گُستاخي معاف سائين۔
 
جواب: ڀلا ڙي بجلي جي لوڊ شيڊنگ ڀلا

مٺا عبدالستار چنا، شال جُڙيو هُجين، سنڌ سلامت جي ماڻهن کي مُبارڪون ته عبدالستار چنا جي روپ ۾ اسان کي مستقبل جو سياستدان ملي ويو آهي، هن مسئلي تي ڇا ته سندس افسوس ڪرڻ جو انداز آهي، ڇاته مذمت ڪرڻ وارو جذبو اٿس ۽ ڇا ته اپيل ڪري لوڊ شيڊنگ گهٽائڻ وارو نعرو پيو هڻي واهه واهه، عبدالستار چنا زنده آباد، آوي ئي آوي چنا عبدالستار آوي آوي

سائين نثار ناز صاحب ڏاڍا ڪي زوراور آهيو اڄ واقعي اوهان تي ناز آهي سائين اهڙا جي نعرا هڙندو ته بس وڃي ٿيا خير۔۔۔۔!! سائين منهنجو سياست سان ڪوهن جا ڪوه تائين ڪو واسطو ئي ناهي۔ قبلا هٿ ٻڌي عرض ڪندس ٻيلي ڏاها ٿيو اڄوڪي سياست وڏيرڪاڻو شوق ٿي ويو آهي مان غريب جو ٻار۔
بس ظلم ۽ ڏاڍ تي رهيو ڪين وڃي۔ (سائين گستاخي معاف ڪجو)
ها باقي ادو مست مستقبل جو بهترين سياستدان ٿي سگهي ٿو.
شال سدا آباد هجو

سنڌ سلامت ساٿ سلامت
 
جواب: ڀلا ڙي بجلي جي لوڊ شيڊنگ ڀلا

سائين نثار ناز صاحب ڏاڍا ڪي زوراور آهيو اڄ واقعي اوهان تي ناز آهي سائين اهڙا جي نعرا هڙندو ته بس وڃي ٿيا خير۔۔۔۔!! سائين منهنجو سياست سان ڪوهن جا ڪوه تائين ڪو واسطو ئي ناهي۔ قبلا هٿ ٻڌي عرض ڪندس ٻيلي ڏاها ٿيو اڄوڪي سياست وڏيرڪاڻو شوق ٿي ويو آهي مان غريب جو ٻار۔
بس ظلم ۽ ڏاڍ تي رهيو ڪين وڃي۔ (سائين گستاخي معاف ڪجو)
ها باقي ادو مست مستقبل جو بهترين سياستدان ٿي سگهي ٿو.شال سدا آباد هجو

سنڌ سلامت ساٿ سلامت

جيو قبله عبدالستار چنا صاحب۔۔۔اهڙي ڳالهه ڪئي اَٿوَ ادا جو کِل نه ٿي بيهي۔۔۔ مستن جو سياست سان ڇا وڃي۔۔۔ مست سياست ڪن ته باقي مست ڇا جا سڏرائبا۔۔۔
 
جواب: ڀلا ڙي بجلي جي لوڊ شيڊنگ ڀلا

سائين اسد علي مير ڄامشورائي عرف مست صاحب اوهان کي سياست شروع ڪرڻ کان پوءِ
مست سياستدان جو لقب پڻ ملندو گهبرايو ڇو ٿا۔

suhnan saan
 
Back
Top