نثارناز
سينيئر رڪن
پيارا دوستو، بجلي جي لوڊ شيڊنگ جو نئون شيڊول جيڪو اسان جي شهر ۾ زبردستي مڙهيو ويو آهي، جنهن مطابق 24 ڪلاڪن ۾ اسان تي ڏينهن جو سڄا سارا چار ڪلاڪ بجلي جو احسان ڪيو ويو آهي ۽ رات جو به چار ڪلاڪ اسان تي بجلي جي مهرباني پئي ٿئي هاڻي منهنجي پياري پاڪستان جي ڀائرن کي گُذارش ڪئي ٿي وڃي ته جيڪي ميٿ ۾ هوشيار آهن اهي حساب ڪري ٻُڌائن ته باقي ڪيترا ڪلاڪ بجلي جي لوڊ شيڊنگ اسان تي ٻاجهه ڪندي رهندي، دوستو ان ڪري اسان ڪُجهه گهٽ گهٽ نظر پيا اچون ، چار ڪلاڪ اسان کي جيڪا بجلي جي عنايت ڏينهن ۽ رات ۾ ٻه دفعا ملي ٿي ان ۾ سنڌ سلامت جي ساٿين سان ڏُک سور ونڊن اسان لاءِ تقريبن ناممڪن بنجي رهيو آهي، ان ڪري اسان جي حاضري نه هُئن جي برابر آهي۔ براءِ مهرباني اسان کي صلاح يا ڪو مشورو ڏنو وڃي ته اسان انهي ءَ حالت ۾ سنڌ سلامت تي پنهنجي حاضري کي ڪيئن گهڻي کان گهڻي بنائي ٿا سگهون۔۔۔